اسلام آبادپاڪستان

معيشت ۾ بهتري،ڏيوالي جون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي حڪومت خلاف بي اعتمادي جو ووٽ غير معمولي واقعو هو. وزارت عظميٰ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو ته حالتون ڏکيون هيون ۽ ڪيترائي چئلينج هئا. مختلف منشور رکندڙ جماعتن قومي مفاد تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، جيڪا ملڪ ۾ سياسي انقلاب ڏانهن اهم اڳڀرائي هئي. تڪرار بدران سهڪار جي سياست جو نئون دور شروع ٿيو. هن چيو ته سڀني سياسي قوتن گڏجي غير مقبول حڪومت کي آئيني طريقي سان هٽائڻ لاءِ پارليامينٽ جي فورم جو استعمال ڪيو. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي وڇايل بارودي سرنگهن ۽ عالمي تيل ۽ غذائي جنسن جي سپلاءِ لائن ۾ رنڊڪن باوجود پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جاري آهي. ڏيوالي جون سڀ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ حڪومت سچائي سان ڪوششون ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button