اسلام آبادپاڪستان

پنجاب جي چونڊن لاءِ 21 ارب رپيا اڃا ناهن مليا:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد : پنجاب جي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي پيش ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي هڪ صفحي تي ٻڌل رپورٽ چيف جسٽس کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي چونڊن لاءِ نه فنڊ ڏنا ويا، نه ئي گهربل سيڪيورٽي ڏني وئي، 21 ارب رپيا اڃا تائين ناهن مليا. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پنجاب جي نگران حڪومت سيڪيورٽي لاءِ رڳو 75 هزار اهلڪار ڏيڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي، جيتوڻيڪ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 3 لک سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button