پاڪستانسنڌ

ڀرياسٽي ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا

ڀرياسٽي: ڀرياسٽي ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا. تفصيل موجب ڪالهه صبح سوير ڳوٺ عثمان ڳاھيچو ڀرسان لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو. مقابلي دوران ڳوٺ دائود لاکو واسي مقيم پٽ الياس لاکو ۽ عجيب پٽ عظيم لاکو پوليس جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي ئي مارجي ويا. مارجي ويلن جا لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. اهڙي اطلاع تي سوين علائقي واسي پهچي ويا. جڏهن ته ڊي ايس پي ڀريا لونگ خان شر ۽ سي آ انچارج يار محمد رند واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لا اسپتال منتقل ڪيا. ٻئي پاسي مبينا ڦورن مقيم لاکو ۽ عجيب لاکو جا لاش سندن مائرن زيبل لاکو ۽ اربيلان لاکو وصول ڪري کڻائي ويون. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ڀريا لونگ خان شر، سي آ اي انچارج يار محمد رند ۽ ايس ايڇ او ڀرياسٽي منير لغاري ٻڌايو ته مارجي ويل ٻنھي ڦورن مٿان ڀرياسٽي سميت مختلف ٿاڻن تي 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن، مارجي ويل هٿياربندن وٽان هڪ موٽر سائيڪل ۽ 2 پسٽل پڻ هٿ آيا آهن. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته مقابلي ۾ فرار ٿيل هڪ جوابدار کي جلد گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويندو، ڏوهاري وٽان هٿ آيل موٽرسائيڪل ٻه ڏينهن اڳ پڪاچانگ ٿاڻي جي حد مان الاهي بخش ابڙو کان ڦر ڪئي وئي هئي ۽ ڦر دوران الاهي بخش ابڙو کان اڍائي لک به ڦر ڪيا ويا هئا، مارجي ويل پاڻ ۾ ماروٽ ۽ پڦاٽ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button