اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس ۽ جسٽس فائز ۾ ٻي ملاقات/ورهاست جو ٻج نه ڇٽيو وڃي:جسٽس فائز

اسلام آباد ؛سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۾ ٽن ڏينهن دوران ٻي ملاقات ٿي آهي. ذريعن موجب ٻنهي ججن وچ ۾ ملاقات اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ شرڪت جي حوالي سان پنهنجو وضاحتي بيان چيف جسٽس جي مشاورت سان جاري ڪيو. واضح رهي ته ٻنهي ججن وچ ۾ هفتيوار موڪل دوران به ڊگهي ملاقات ٿي هئي. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان وضاحت به جاري ڪري ڇڏي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سياسي تقريرن کانپو غلط فهمي ختم ڪرڻ لا مون خطاب ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن کي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي دعوت ڏني وئي هئي. دعوت قبول ڪرڻ کان اڳ ڄاڻ حاصل ڪئي وئي ته ڇا سياسي تقريريون ڪيون وينديون. خاطري ڪرائي وئي ته رڳو آئين بابت ڳالهايو ويندو، اڳ ۾ منهنجي عملي ۽ پوءِ مون پاڻ سڌي ريت اسپيڪر کي ان نڪتي جي وضاحت ڪرائي، مون وضاحت کانپوءِ ئي دعوت قبول ڪئي، اها دعوت رڳو مون کي ئي نه پر ٻين ججن کي به ڏني وئي هئي. مون آئين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سندس موجب مون کان پڇيو ويو تقرير ڪندئو ته مون معذرت ڪئي پر جڏهن ڪجهه تقريرن ۾ سياسي بيان ڏنا ويا ته پوءِ مون ڳالهائڻ جي درخواست ڪئي. ائين نه ڪيان ها ته شايد خدشا جنم وٺن ها. هن چيو ته اهو ڪنهن مخصوص سياسي جماعت يا اداري جو اڪيلو حق نه هو، آئين جي اهميت سڀني تي واضح ڪرڻ گهرجي ۽ ائين مسلسل ڪرڻ گهرجي، عدليا جي هڪ فرد کي عزت ڏيڻ لاءِ مون کي وچ ۾ ويهاريو ويو، مون ويهڻ لاءِ جاءِ جي چونڊ پاڻ نه ڪئي. هن چيو ته شهرين جو بهترين مفاد ان ۾ آهي ته ورهاست جو ٻج نه ڇٽيو وڃي، آئين ٺاهڻ اسان جي تاريخ ۾ اهم گهڙين مان هڪ آهي، جنهن کي ملهائڻ ضروري آهي، اڄ کان 50 سال اڳ هن ئي آئين جي اڻهوند سبب اسين پنهنجو اڌ ملڪ وڃائي ويٺاسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button