پاڪستانسنڌ

جهول ۾ بااثر ماڻهن جي زيادتي خلاف رهواسين جو احتجاج

جھول:جهول ويجهو ڳوٺ عيسن چانڊيو جي رهواسي فوجي احسان علي سولنگي، فوجي الطاف سولنگي، نظير احمد سولنگي، مير محمد سولنگي، جانب سولنگي، مشتاق سولنگي، درياھه خاتون، زرينا، نجما خاتون، عاشيا ۽ بي بي جي اڳوڻي ۾ سوين عورتن، مردن ۽ ٻارن بااثر وڏيري علي نواز ڪيريو ۽ يوسي ولي محمد ڪيريو جي پ پ چيئرمين شاهنواز ڪيريو خلاف پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون. متاثرن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ مان پ پ چيئرمين شاهنواز ڪيريو پنهنجي ماڻهن هٿان بيدخل ڪرڻ لا روز گهرن ۾ داخل ٿي ڌمڪائي ٿو، گذريل رات گهرن ۾ داخل ٿي ڳوٺ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. بااثر وڏيرن پاران اسان جي ٻارن کي اغوا ڪرڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. اسان رستا گهٽ وڏيرن بند ڪري ڇڏيا آهن. ايس ايڇ او جهول حاڪم علي بروهي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ پ پ چيئرمين شاهنواز ڪيريو ۽ ٻين خلاف ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي، جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪيو. مظاهرين چيو ته انصاف نه ٿيو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پ پ اڳواڻ حاجي علي نواز ۽ يوسي چيئرمين شاھنواز ڪيريو ٻڌايو ته ڳوٺ جا ڪجھه نوجوان اسان جي باغن ۽ زمين تان ڪيترائي ڀيرا چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيا ويا آهن، جن کي اسان سندن ڳوٺ جي وڏڙن حوالي ڪيو، ڳوٺ ۾ سرعام منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن، منع ڪرڻ تي اسان جي زمين تي قبضو ڪري واڙو ٺاهيو ويو آهي، هاڻ ڪوڙا الزام هڻن پيا. هنن گهر ڪئي ته جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button