پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڊگهڙي واسي جو بااثر شخص خلاف احتجاج

ميرپورخاص : ڊگھڙي جي نذير شاهه ڪالوني جي رهواسي ڪانتيش ڪمار مھيشوري بااثر قبضا مافيا جي زيادتين خلاف پريس ڪلب ميرپورخاص پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان علائقي جو بااثر عرفان ڀرڳڙي منھنجي گھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي، ڪجھه ڏينهن اڳ بااثر عرفان ڀرڳڙي پنھنجي مائٽن ۽ ساٿين سميت ھٿياربند ٿي گھر اندر گھڙي ڀڃ ڊاھه ڪري لکين رپين جو قيمتي سامان ٽوڙي ڇڏيو ۽ گهر خالي نه ڪرڻ تي گھرڀاتين کي اغوا ڪرڻ سميت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. اسان اقليتن کي ھڪ سازش تحت نشانو بڻائي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ڊگهڙي پوليس فرياد ٻڌڻ لا تيار نه آهي. متاثر ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص توڙي اقليتي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته بااثر جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ڪٽنب سميت تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button