پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول جي متاثرن جو ايڊمن جي زيادتين خلاف ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ون جي مختلف ڳوٺن تلوايو، متوجو تڙ، کاريو، وروائي، ڀاوي جو تڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين سبحان لنجو، ڪڪو مهراڻپوٽو، ڀورل شاهه، ڪنڊو مهراڻپوٽو، محبتو ڀيل ۽ حاجي مهراڻپوٽو جي اڳواڻي ۾ ٿرڪول روڊ تي بلاڪ ون جي مين گيٽ اڳيان مظاهرو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ۽ ڪمپني توڙي عملدارن جي زيادتين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب ٿرڪول بلاڪ ون ۽ ٽو سميت ننگرپارڪر ۽ مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته اسان ملڪي ترقي جا حامي آهيون، پر اسان قربانيون ڏيڻ باوجود اڄ به دربدر آهيون، ڪمپني اندر ڪم ڪندڙ ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ شر ذات جي ٽن ايڊمنن مقامي پورهيتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مقامي پورهيتن کي گارگند ڪري تذليل ڪري روزگار مان نيڪالي ڏئي ڌارين کي روزگار تي لڳايو پيو وڃي، اسان ڪوئلي جا وارث متاثر ٿي رهيا آهيون، سهولتون ته نه مليون، پر روزگار به نٿو ڏنو وڃي، ڪمپني جي ايڊمنن جو ٿر جي مقامي ماڻهن سان رويو انتهائي اڍنگو آهي، ڪو شڪايت ڪري يا آواز اٿاري ٿو ته ان کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي ٿو، اسان دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، ڪمپني عملدار ٻڌڻ لا تيار نه آهن، جيستائين ڄاڻايل ايڊمنن کي نيڪالي نٿي ڏني وڃي، تيستائين احتجاج جاري رهندو. هاڻ پنهنجي ماڻهن جي تذليل برداشت نه ڪنداسين. ڳوٺ ڀاوي جي تڙ ۾ ڀيلن جي قبرستان ۾ بلڊوزر هلرائي قبرون مسمار ڪيون ويون آهن، جن جي دانهن ڪير نٿو ٻڌي، ضلعي انتظاميا، چونڊيل نمائندا ۽ سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي زيادتيون ڪندڙ ڪمپني ايڊمنن کي نيڪالي ڏئي جائز مطالبا تسليم ڪري انصاف ڪيو وڃي. احتجاج ۾ شامل ڪيترائي روزيدارن نماز ادا ڪئي ۽ پاڪ ڪلام پڻ پڙهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button