ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بخشاپور واقعو: قاتلن کي گرفتار ڪريو

Editorial

سنڌ ۾ برادرين ۽ قبيلن جي تڪرارن سبب ماڻهن جي قتلام جو سلسو جاري آهي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪيتري ڳنڀير آهي. ٻه ڏينهن اڳ جيڪو واقعو بخشاپور ۾ پيش آيو آهي، اها سڌي سنئين دهشتگردي چئي سگهجي جنهن ۾ 5 ڄڻا قتل ٿيا آهن ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ مان رڳو عوام جي قتل جون خبرون ئي سامهون اچي رهيون آهن، جنهنڪري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي سوال اٿي رهيا آهن ۽ ان کان سواءِ پوليس جي ڪردار بابت عوام پڇاڻو ڪري رهيو آهي. بخشاپور ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو پوليس جي ڪوتاهيءَ کي به ظاهر ڪري رهيو آهي.

بخشاپور ويجھو شھر جي مصروف ترين علائقي ۽ ٿاڻي جي لڳ انڌي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ ڊومڪي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ وچ روڊ تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڏني. ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين ھلندي رھي پر بخشاپور ٿاڻي تي موجود وڏو منشي توڙي پوليس عملدار خوف وچان ٻاھر ئي نه نڪتا. ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ان دوران انڌي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ دڪاندارن پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا ۽ ماڻهو پنهنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران جيڪي ماڻهو زخمي ٿيا، اھي نٽھڻ اس ۾ وچ روڊ تي تڙپندا رھيا. پوليس خاموش تماشائي بڻيل رھي. فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري 2 ڄڻا عيدن ڊومڪي ۽ برڪت ڊومڪي ٿڏي تي قتل ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا پير بخش ڊومڪي ۽ نور احمد ڊومڪي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويا. جھيڙي ۾ زخمي ھڪ نوجوان ڌڻي بخش ڊومڪي رحيم يار خان جي اسپتال ويندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ جھيڙي ۾ قتل ٿي ويل ماڻهن جو انگ 5 ٿي ويو، ٻنھي ڌرين جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مختيار ڊومڪي، طارق ڊومڪي، ذاڪر ڊومڪي، علم الدين ڊومڪي شامل آهن. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويلن جا لاش بخشاپور اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لا ڪشمور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتان ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي بخشاپور پوليس ٿاڻي جو وڏو منشي گپ شپ ۾ مشغول رھيو، ڪيترائي ڀيرا سندس موبائئل نمبر تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر وڏي منشي فون ڪال اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت ئي نه ڪئي.
سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي ۽ جيڪي به برادريون ماڻهن کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ به پوليس جو ڪم آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بخشاپور واري واقعي جي جاچ ڪئي وڃي ۽ قاتلن کي ترت گرفتار ڪري قانون موجب سزائون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button