لينن اهو به چئي ٿو: “پورهيتن تي سڌار پسندن جو جيترو وڌيڪ اثر هوندو آهي، اوترو ئي هو وڌيڪ ڪمزور رهندا آهن. هو جيترا وڌيڪ بورجوازي جي ماتحت هوندا آهن، بورجوازي اوترو ئي وڌيڪ آسانيءَ سان مختلف حيلن بهانن ذريعي سڌارن تي پاڻي ڦيري ڇڏيندو آهي. پورهيت تحريڪ جيتري وڌيڪ آزاد هوندي آهي، ان جا مقصد به اوترا ئي وڌيڪ گهرا ۽ وسيع هوندا آهن ۽ اها سڌار پسند تنگ نظري کان جيترو وڌيڪ آزاد هوندي آهي، مزدورن لاءِ سڌارن کي برقرار رکڻ، انهن کي استعمال ڪرڻ اوترو ئي وڌيڪ آسان هوندو آهي.”
لينن وڌيڪ لکي ٿو ته: “پورهيت تحريڪ جي هر شعبي ۾ واقعا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته، مارڪسسٽ پوئتي رهڻ بدران سڌارن مان عملي طور فائدو کڻڻ ۾ بيشڪ اڳيان اڳيان آهن ۽ انهن لاءِ هو وڙهي رهيا آهن. مارڪسسٽ اڻٿڪ ڪم ڪري رهيا آهن. هو سڌارا حاصل ڪرڻ ۽ انهن مان فائدو کڻڻ جو ۽ پروپئگنڊا، پرچار، عوامي معاشي جدوجهد وغيره ۾ هر ان قدم کي، جيڪو سڌار پسنديءَ کان ٻاهر نڪري ٿو، ان جي مذمت ڪري نه پر هن جي حمايت ڪري ۽ محنت سان ان کي واڌ ويجهه ڏيڻ جو هڪ “موقعو” به نٿا وڃائين. ان جي ابتڙ تحليل پرست مارڪسزم کان موڪلائي ڇڏيو آهي. هو مارڪسزم جي سالميت جي وجود تي ئي حملا ڪري مارڪسي ڊسيپلين کي ٽوڙي ۽ سڌاروادي ۽ لبرل مزدور پاليسي جا علمبردار بڻجي مزدور طبقي جي تحريڪ کي رڳو ابتر ڪري رهيا آهن.”
لينن اهو به لکي ٿو ته: “ان کان سواءِ اها حقيقت نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته، روس جي سڌار پسندي هڪ خاص شڪل ۾، نظر اچي ٿي، يعني موجوده روس جي ۽ موجوده يورپ جي بنيادي سياسي حالتن کي هڪ جيترو سمجهڻ جي شڪل ۾. لبرل جي نقطه نظر سان اها يڪسانيت جائز آهي. ان لاءِ جو سندس اهو عقيدو آهي ۽ هو اها دعويٰ به ڪري ٿو ته، “خدا جو شڪر آهي جو اسان کي آئين حاصل آهي” جڏهن لبرل ان تي بضد ٿئي ٿو ته، 17 آڪٽوبر کان پوءِ اصلاح پسنديءَ جي حدن کان ٻاهر جمهوريت جو هر قدم پاڳلپڻو، ڏوهه، گناهه وغيره آهي ته، هو بورجوازيءَ جي مفادن جو اظهار ڪري ٿو ۽ اهي ئي اهي بورجوا خيال آهن، جن کي عمل ۾ اسان جا تحليل پرست استعمال ڪري رهيا آهن. هو مسلسل ۽ باقاعدگيءَ سان “کليل پارٽي”، “قانوني پارٽي جي لاءِ جدوجهد” وغيره جهڙن خيالن کي روس تي “چنبڙائيندا” (ڪاغذ تي) رهن ٿا. ٻين لفظن ۾ لبرلز جيان هو روس تي يورپي آئين کي چنبڙائڻ جو واعظ ڏيندا رهن ٿا. ان مخصوص واٽ کي آڏو رکڻ کان سواءِ، جنهن تي نسلن تائين ۽ ڪجهه صورتن ۾ صدين تائين پروان چڙهي اولهه ۾ آئينن جو نفاذ ۽ استحڪام ٿيو هو. تحليل پرست ۽ لبرل جيڪي چاهين ٿا، اهو هڪ چوڻيءَ موجب هيءُ آهي: کل کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ کان سواءِ ان کي ڌوئڻ. يورپ ۾ سڌار پسنديءَ جو واقعي مطلب آهي، مارڪسزم تان دستبردار ٿيڻ ۽ بورجوا “سماجي پاليسيءَ” کي ان جو قائم مقام بڻائڻ. روس ۾ تحليل پرستن جي اصلاح پسنديءَ جو مقصد نه رڳو اهو آهي، پر مارڪسي تنظيم کي تباهه ڪرڻ ۽ مزدور طبقي جي جمهوري فرضن تان دستبردار ٿيڻ به آهي ۽ ان جو مطلب آهي، ان جي جاءِ تي لبرل مزدور پاليسي اختيار ڪرڻ.”
انقلابي جدوجهد ۾ سڌارن جي تمام وڏي اهميت هوندي آهي. مارڪسزم-ليننزم ان کان ڪڏهن انڪاري ناهي رهيو پر ان جي حدن کان به غافل ناهي رهيو. پر اسان وٽ هڪڙا اهڙا دانشور آهن جيڪي سڌارن جي جدوجهد کي مڪمل طور رد ڪري “نج انقلابي” جدوجهد کان گهٽ ڳالهه ڪن ئي ڪونه ٿا ته ٻيا وري انهن سڌارن کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي، ان تحت پنهنجي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار جوڙي، جدوجهد تي زور ڏين ٿا. ان مسئلي جو جدلي حل لينن جو ڄاڻايل آرٽيڪل پيش ڪري ٿو. تنهنڪري، سنڌ جي هر انقلابي سياسي ڪارڪن کي ان اهم لکڻي جو اڀياس ضرور ڪرڻ گهرجي. جيڪو کيس انقلابي جدوجهد ۾ تمام گهڻي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.
(پورو ٿيو)