ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٻوڏ متاثر

Editorial

سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کي لڳ ڀڳ سال ٿيڻ وارو آهي، ان دوران ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۽ ادارن پاران امداد به پهتي، جنهن تي انهن ٻوڏ متاثرن جو حق هو، جيڪي ٻوڏ دوران دربدر ٿيا، جن جا فصل لڙهي ويا ۽ اجها ڊهي ويا. پر اهڙي صورتحال ۾ به ٻوڏ متاثرن تائين صحيح نموني ڪونه پهچي سگهي. جنهنڪري ٻوڏ متاثرن جي بي چينيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جڏهن امداد منصفاڻي نموني نٿي ٿئي ته ٻوڏ متاثرن جا اهنج به گهٽجي نٿا سگهن. پر اها هتان جي حڪومت جي ذميواري هئي ته اها سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امداد ايمانداريءَ سان پهچائي ها. هيستائين جيڪي شڪايتون ٻوڏ متاثرن کي امداد جي حوالي سان رهيون آهن، انهن جو ڪو تدارڪ ڪونه ٿي سگهيو آهي. هڪ پاسي عورتن جو وڏو انگ آهي ته ٻئي پاسي ٻار آهن. جڏهن ته ڪنهن به آفت سبب ٿيل نقصان جو پورائو ڪرڻ لاءِ هڪ سال جو عرصو ڪافي آهي. هڪ ڀيرو وري ٻوڏ متاثر خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
گڏيل قومن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل سڀ کان ڪمزور طبقن کي خوراڪ ۽ غذا جي فراهمي لاءِ هنگامي بنيادن تي 55 لک ڊالر وقف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن جو انگ ٻوڏ کان اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ٻوڏ متاثر 15 ضلعن ۾ ڪيل سروي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 6 کان 23 مهينن جي عمر جا لڳ ڀڳ هڪ ڀاڱي 3 سيڪڙو ٻار خوراڪ جي وچولي کوٽ جو شڪار ۽ 14 سيڪڙو شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهن. پريس رليز ۾ چيو ويو ته ٻوڏ کان اڳ ۾ ئي ٻارن جي حالت هنگامي سطح تي پهتل هئي پر هاڻي ڳوٺن ۾ جيڪو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون، اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. 55 لک ڊالرن جو اضافي فنڊ يونيسيف، عالمي خوراڪ پروگرام، صحت جي عالمي تنظيم ۽ ٻين اين جي اوز کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سڀ کان ڪمزور طبقن ۾ حڪومت جي نگراني هيٺ ٻوڏ جي تباهيءَ کي منهن ڏيڻ واري پروگرام ذريعي خوراڪ جي هنگامي فراهميءَ ۾ مدد ڪندو. گڏيل قومن جي آفيس ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته فنڊ اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪيا وڃن.

اسين سمجهون ٿا ته هي صورتحال بنهه گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. انتظاميا جا جيڪي به ماڻهو ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امداد کي انهن تائين ڪونه پهچائي رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ٻاهرين ملڪن ۽ ادارن مان مليل امداد ٻوڏ متاثرن تائين پهچي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڏکي گهڙيءَ ۾ جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن کي امداد جو سامان نٿو ملي ۽ اهي پريشانيءَ کي منهن ڏين ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي، حڪومت ان معاملي ۾ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪونه پئي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button