اسلام آبادپاڪستان

عمران سان ڳالهين بابت حڪومتي اتحاد ۾ اختلاف

اسلام آباد :وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ حڪومتي اتحادين وچ ۾ اختلاف سامهون آيا آهن، جي يو آ عمران خان سان ڳالهين جي مخالفت ڪري ڇڏي. جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ تي زور ڀريو. ايم ڪيو ايم ۽ بي اين پي پڻ بلاول جي ڳالهه جي تائيد ڪئي. ذريعن موجب محسن داوڙ ۽ چوڌري سالڪ به بلاول جي موقف جي تائيد ڪئي. جي يو آ جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪو سياسي قوت ناهي، ڊائلاگ جي مخالفت ڪريون ٿا. زين بگٽي جو به چوڻ هو ته اسان ڳالهين جا مخالف ناهيون پر عمران خان هڪ ڪوڙو ماڻهو آهي، هو ڀروسي جي لائق ناهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو چيو ته ڳالهين جا دروازا بند رکڻ اسا جي اصولن جي خلاف آهي، غيرجمهوري ۽ غيرسياسي عمل به آهي. هي وقت جي ضرورت پڻ آهي ته ڳالهين جو رستو وٺي ملڪ کي بحران مان ڪڍيو وڃي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادين ۾ اختلاف ٿيندو رهندو آهي، ڪڏهن ڳالهه مڃي ويندي آهي ته ڪڏهن مڃرائي ويندي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي جماعتن جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڃا قانون ٺهيو ناهي ۽ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ اسٽي ڏئي ڇڏيو، دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو. هن چيو ته اڄ بار ڪائونسلز اسان جي محبت ۾ نه پر قانون جي علمداري لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم حڪومت کي هڪ سال ٿي ويو آهي، اسان بحرانن جو مقابلو ڪيو. اتحادين ۾ اختلاف ٿيندو رهندو آهي، ڪڏهن ڳالهه مڃي ويندي آهي ته ڪڏهن مڃرائي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جو معاملو آخري مرحلي تي آهي، جنهن ٻيڙي تي سوار آهي، ان کي ڪناري پهچائينداسين. عام تاثر اهو ئي هو ته اسان جو اتحاد نه هلندو، هاڻ مخالف پريشان آهن ته اسان ڌار ڇو نه ٿياسين؟ شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت ملڪ کي درپيش چئلينجز کي متحد ٿي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي متحد رهڻ سان مخالفن جون ننڊون حرام ٿي چڪيون آهن. آءِ ايم ايف سان معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سول ۽ فوجي قيادت ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته اتحادي مشاورت سان فيصلا ڪن ٿا، فيصلا مڙهين نه ٿا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سمورن اتحادين ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت سمورين اتحادي پارٽين ڀرپور تعاون ۽ ساٿ ڏنو، تمام گهڻيون مشڪلاتون آهن، نيڪ مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، هتي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن نه ٿي رهي آهي، اڪيلو ڪجهه نه ڪري سگهندو هئس، ساٿ ڏيڻ تي اتحادين جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ڪابينا، پارليامينٽ ۽ اعليٰ عدليا وچ ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن، دنيا حيران ۽ پريشان آهي ته ڪڏهن اڄ تائين ائين ناهي ٿيو ته هڪ قانون جنهن حتمي شڪل اختيار ناهي ڪئي ۽ ان تي اعليٰ عدليا جي ٽي رڪني بئنچ چئي ڇڏي ته صدر ان قانون تي ڪا راءِ ڏي يا نه ڏي، نافذ العمل نه هوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو معاملو آخري مرحلي ۾ آهي، پئسن جي آخري شرط به پوري ڪري ڇڏي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير ننڊون حرام ڪري ڪوشش ڪئي، پرڏيهي وزير ڀرپور ڪوشش ڪئي، اهو ملڪ جي لاءِ خلوص، درد ۽ عزم جو اظهار آهي، سپهه سالار به ان حوالي سان بي پناهه ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته هن ئي مهيني جي آخر ۾ چين جي نئين وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چئن ملڪن جي اجلاس جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم بڻجي جيڪا ذميواري ڏني وئي ان کي پورو ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button