اسلام آبادپاڪستان

وڊيو لنڪ جو فائدو رڳو عمران نه پر سڀني کي ٿيندو:ها ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران جي وڊيو لنڪ تي عدالتن ۾ پيشي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي وڊيو لنڪ تي عدالتن ۾ پيشي جي درخواست تي شنوائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٽيڪنالوجي جو جتي استعمال ٿي سگهي ٿي،اتي ٿيڻ گهرجي، هي سڄو معاملو جڏهن ته صرف عمران خان جي حد تائين نه آهي. هن درخواست تي فيصلي جي ٻين ڪيسن تي به اثر پوندا ڪيس ۾ فرد جرم به لڳائڻو هوندو آهي ڇا اهو به وڊيو لنڪ تي ٿيندو. وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته فرد جرم ۾ جوابدار جي موجودگي رڳو جوابدار جي فائدي لاءِ هوندي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دگل چيو ته ڏسڻو پوندو ته ڇا ڪرمنل ڪيس ۾ ڪوئي رول وڊيو لنڪ جي اجازت ڏي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانونساز جيڪڏهن چاهي ته جديد گهرجن مطابق ان کي تبديل ڪري سگهي پيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ وڊيو لنڪ تي فيصلو ڏئي چڪي آهي، ڀارت ۾ 2005 کان وٺي سسٽم انسٽال ڪيو ويو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته وڊيو لنڪ جي درخواست منظور ٿيڻ جو فائدو رڳو عمران خان کي نه پر سڀني کي ٿيندو. وڪيل چيو ته هي عدالت عمران خان کي لاهور هاءِ ڪورٽ مان اچي وڊيو لنڪ تي اچڻ جو چئي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button