اسلام آبادپاڪستان

بروقت فنڊ ۽ سيڪيورٽي نه ملڻ ڪري چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ پنجاب ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ فنڊن جي فراهمي جي حوالي سان رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته چونڊن لاءِ فنڊ نه ملي سگهيا ۽ اسٽيٽ بئنڪ رقم منتقل نه ڪئي. هوڏانهن اسٽيٽ بئنڪ به پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ رقم جي منتقلي نه ٿيڻ جا سبب شامل آهن. ناڻي واري وزارت پڻ فنڊن بابت رپورٽ اٽارني جنرل آفيس ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ وفاقي ڪابينا جي فيصلي ۽ پارليامينٽ کي معاملو موڪلڻ، عدالتي حڪم تي اسٽيٽ بئنڪ کي فراهم ڪيل مدد جا تفصيل به شامل آهن. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ فنڊن جي منتقلي تي قانوني پهلوئن کي به اجاڳر ڪيو ويو آهي. سڀئي رپورٽون سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي آفيس ۾ جمع ڪرايون ويون، جيڪي ججن کي چيمبرز ۾ موڪليون وينديون. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن رپورٽ ۾ چيو آهي ته سموريون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ موزون آهن. اليڪشن ڪميشن تمام گهڻي غور ويچار ۽ زميني حقيقتون ڄاڻڻ بعد ئي 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏني هئي. اليڪشن ڪميشن موجب جيڪڏهن هي رستو نه ورتو ويو ته ملڪ ۾ انارڪي پکڙجندي. پنجاب ۾ چونڊن لا پوليس اهلڪار جو تعداد 81050 آهي، جڏهن ته ضرورت 4 لک 66 هزار اهلڪارن جي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ۽ ٻيا ادارا آپريشن ۾ مصروف آهن. هڪ ڏينهن جي مقابلي ۾ اليڪشن ٿيڻ تي ايترو خرچ ٿيڻ حيران ڪندڙ ناهي. اليڪشن لا ٿيندڙ خرچ ۾ سيڪيورٽي جي اچ وڃ به شامل آهي. مختلف مرحلن ۾ اليڪشن ڪرائڻ سان شرپسندن طرفان حملا ڪرڻ جا امڪان وڌيڪ آهن. 70 ۽ 77 ۾ به ائين مرحلن ۾ چونڊون ڪرايون ويون هيون. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ رقم منتقل ڪرڻ جي حڪم تي عملدرآمد رپورٽون اڄ طلب ڪيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button