اسلام آبادپاڪستان

انٽيليجنس ايجنسيز جي سربراهن جي چيف جسٽس سان ملاقات

اسلام آباد : پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري معاملي تي انٽيلجنس ايجنسين جي سربراهه چيف جسٽس سميت ٻين ججز سان ملاقات ڪئي. ذريعن مطابق چيف جسٽس پاڪستان سميت ٻين ججز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن وچ ۾ ملاقات ۾ ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ بچاءُ وارو سيڪريٽري به شامل هو. ذريعن مطابق گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات چيف جسٽس جي چيمبر ۾ ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿيندي رهي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به چيف جسٽس جي چيمبر ۾ موجود هو. جڏهن ته هن ملاقات ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button