پاڪستانسنڌ

روهڙي ڀرسان ٻن ڪوچ ۾ ٽڪر، 2 ڊرائيور فوت، 15 مسافر زخمي

روهڙي: روهڙي ڀرسان نيشنل هاءِ وي ڪنڌرا اوور هيڊ برج وٽ اسر ويل ڪراچي کان پنجاب ۽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٻن ڪوچن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنھي ڪوچن جا لاهور واسي ڊرائيور پپو ۽ محمد علي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ ظفر، عبدالغفور، مدثر، فارس حبيب، محمد صفدر، محمد بلال، شهناز، وحيد شاهه، وقاص علي آرائين، غلام عربي، عبدالستار ۽ مختيار احمد مهر سميت 15 مسافر زخمي ٿي پيا. پوليس، موٽروي پوليس ۽ مقامي ماڻهن زخمين ۽ فوتين جا لاش کڻائي روهڙي ۽ سکر اسپتال پهچايا. پوليس مطابق زخمين جو تعلق پنجاب جي علائقن مظفر ڳڙهه، صادق آباد ۽ رحيم يار خان سان ٻڌايو پيو وڃي. واضح رهي ته ڪنڌرا اوور هيڊ برج تي ٽرالر خراب ٿيڻ جي صورت ۾ گاڏيون هڪ طرف هلي رهيون هيون ۽ اوور ٽيڪ سبب حادثو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button