ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان مان ختم ٿيندڙ معيار زندگي

Editorial-Article- Rashid Leghari

پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي شئي نه بچي آهي. جنهن جي قيمت ڪا گهٽ ڏسڻ ٻڌڻ لا ملندي هجي. سڀني شين جي قيمت هر نئين روز هٿرادو طريقي سان وڌائي وڃي ٿي. حيدرآباد جي بازارن ۾ اليڪٽرانڪ جي بازار ۾ وڃڻ سان ئي خبر پئجي ويندي آهي ته هن وقت اليڪٽرانڪ جي شين جا اگهه ڪٿي پهتل آهن. ساڳئي وقت ٻيا پارٽ، گهريلو استعمال جو سامان، ڪراڪري جا ايٽم ۽ بجلي جو سامان به تمام گهڻو مهانگو ٿي چڪو آهي. هنن بازارن ۾ به اڄڪلهه خريدارن جي مندي آهي. ماڻهو ۾ قوت خريد ختم ٿي چڪي آهي. جتي دڪاندار به پيا دانهون ڪندا آهن ته سندن اليڪٽرانڪ جو سامان ويجهي ماضي جي مقابلي ۾ گهٽ وڪامجي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه تيزي سان وڌڻ دوران ماڻهو جي معاشي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي وڌندڙ قيمتن سان اٽي جو بحران اًڃا وڌيڪ تيز ٿيندو. جتي هن وقت ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري 11 هزار 500 جي ٿي چڪي آهي. جڏهن ته کاڄرو تيل جون قيمتون پڻ ڏينهن به ڏينهن وڌي رهيون آهن. چانهه جي پتي جي قيمت ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. کاڌي پيتي جي شين کانسوا عام ڏهاڙيدار طبقو ۽ ماڻهو اڃا ٻين شين جي خريداري لا سوچي به نٿو سگهي. انهن شيون جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن. ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافي سان حيدرآباد سميت ٻين وڏن شهرن ۾ اٽي جو وڏو بحران پيدا ٿيڻُو آهي. هتي شيون جمع ڪرڻ واري نفسيات ۾ ورتل واپاري مافيا به آهي. جيڪي اٽي، ڪڻڪ سميت ٻيون شيون ذخيره ڪري شين جي قيمتن کي رات پيٽ ۾ آسمان تي پهچائي ڇڏيندا آهن. تازو حيدرآباد ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ 20 کان 30 روپيا اضافو ڪيو ويو آهي. ائين ٻين کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. شين جي مهانگائي جي ڀيٽ ۾ ماڻهو جي اجرت لا حڪومت ۽ نجي ادارا واڌ نٿا ڪن. جنهن مان ماڻهو جي رواني واري گذرندڙ زندگي ۾ رخنو پئجي ويندو آهي. پو اها ڪيفيت هر صورت ۾ ذهني پريشاني ۽ ذهني بيمارين جي صورت ۾ نڪرندي آهي. دنيا ۾ ماهر نفسيات شروع کان چوندا پيا اچن ته ڊپريشن جي بيماري دنيا ۾ پهرين نمبر تي اچي ويندي. اهڙي بيمارين سان گڏ معاشري ۾ ڏوهن ۾ پڻ اضافو ٿيندو. ماڻهو پنهنجي معاشي ضرورت پوري ڪرڻ لا روزگار نه ملڻ جي صورت ۾ ڏوهه ئي ڪري ٿو. اسان ڏٺو آهي ته حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ ڏوهه وڌي رهيا آهن. اتر سنڌ ۾ ڀنگ لا ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جو رجحان به وڌي رهيو آهي. هن وقت رياست سياسي بحران مان ئي نه نڪتي آهي ته اها وري عوام کي بهتر زندگي ڪيئن ڏئي سگهندي.
پاڪستان ۾ مهانگائي بابت عالمي اداري جي سروي به سامهون ايندي رهندي آهي. اها رپورٽ به ڪا چڱي خبر نه پئي ٻڌائي.
گيلپ پاڪستان جي مهانگائي بابت سروي رپورٽ:
ملڪ ۾ 91 سيڪڙو شهرين جو روزاني شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب ماهوار گهريلو بجيٽ ۾ سندس گذارو مشڪل ٿيڻ لڳو آهي. پتو گيلپ پاڪستان موجب ته مهانگائي بابت ڪيل سروي ۾ 1100 کان وڌيڪ ماڻهن سڄي ملڪ مان حصو ورتو. سروي ۾ 91 سيڪڙو پاڪستانين روزمرهه شين جي اگهن ۾ واڌ سبب ماهوار بجيٽ ۾ گذاري ڪرڻ بابت تفصيل ٻڌايا، جن چيو ته اهي ماهوار خرچ پورا ڪرڻ ۾ مشڪلات جو شڪار آهن. جنهن سان معاشي زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويو آهي، سروي موجب ته 7 سيڪڙو ماڻهن ان جي ابتڙ راءِ ڏني ۽ ڪائي پريشاني نه ٿيڻ بابت ٻڌايو. جڏهن ته 2 سيڪڙو ماڻهن پڇيل سوالن جو جواب نه ڏنو، 7 هزار کان 15 هزار رپيا ڪمائيندڙ 91 سيڪڙو، 15 کان 30 هزار ڪمائيندڙ 93 سيڪڙو جڏهن ته 30 هزار رپين کان وڌيڪ ماهوار آمدني رکندڙ 86 سيڪڙو ماڻهن ماهوار بجيٽ ۾ پنهنجي زندگي جون تڪليفون بيان ڪيون. محدود بجيٽ ۾ گذارو ڪندڙ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي آمدني 7 هزار کان 30 هزار رپين جي وچ ۾ ٻڌائي. هن سروي کانپو اندازو لڳايو ته اهي ماڻهو پنهنجي معاشي سرڪل ۾ ڪيئن جيئندا هوندا. جيڪي ماڻهو خاندان ۾ اڪيلا نه پر ڪٽنب جي صورت ۾ رهن ٿا. هن وقت عيد ويجهو ايندي به مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي. مهانگائي سبب هن وقت درزي به ڪپڙا گهٽ سبڻ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن. ائين هي مهانگائي ۽ گهٽ اجرت ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي وٺندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button