سنڌ ۾ باهه لڳڻ جا واقعا عام جام ٿيندا رهندا آهن، پر ان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته باهه جي واقعن ۾ جيڪي ڪٽنب يا ڳوٺ متاثر ٿيندا آهن، انهن جي ڪا پوئواري ڪونه ڪئي ويندي آهي، نتيجي ۾ اهي دربدر پيا ٿيندا آهن، اهي اجهن کان محروم ٿي ويندا آهن، انهن جا فصل ۽ چوپايو مال به سڙي ويندو آهي، ايستائين جو انساني جانيون به ضايع ٿي وينديون آهن. اهڙن واقعن تي نه ته جاچ ڪئي ويندي آهي ۽ نه ئي وري انهن جا سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. حڪومت ۽ انتظاميا پاران سدائين اهو اعلان ڪيو ويندو آهي ته متاثر خاندانن جي نقصان جو پورائو ڪرڻ لاءِ رقم ادا ڪئي ويندي پر اهو بس اعلان ئي هوندو آهي، فريد آباد جا باهه متاثر اڃا تائين به دربدر لڳا پيا آهن ۽ ان واقعي کي سال پورو ٿي ويو آهي.
فريدآباد لڳ ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو ۾ لڳل باھه جي واقعي کي سال مڪمل ٿي ويو آهي. باھه واقعي ۾ 9 معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا ھئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا ھئا. 150 کان ووڌيڪ گھر مڪمل سڙي رک ٿيا ھئا. چوپائي مال جا 200 کان وڌيڪ ڍور سڙي ويا ھئا. باھه واقعي کي سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ سميت پاڪستان ۾ خبر وائرل ٿي ھئي. باھه واقعي ۾ امام الدين چانڊيو، ڪرم علي چانڊيو، بھارو خان چانڊيو ۽ رستم علي چانڊيو جا 9 معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا هئا. جن جا گھر ٺھي نه سگھيا آهن. جڏهن ته باھه واقعي ۾ متاثر امام الدين چانڊيي جو چوڻ هو ته باھه واقعي ۾ معصوم جانيون ضايع ٿيون هيون. باھه واقعو نه ھو ڄڻ اسان لا ڪربلا ھئي. اسان جي زندگي اڄ به مفلوج بڻيل آهي. ھنن روئيندي چيو ته حڪومت سنڌ تڏي تي اچي اعلان ڪيو ھو ته باھه متاثرن کي پڪا گھر ٺاھي ڏينداسين. ان اعلان تي عمل ٿي ناھي سگھيو. گھرن جو ڪم اڃا تائين رهيل آهي. پيئڻ جو صاف پاڻي ملي ناھي سگھيو. ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو جي چڱي مڙس اميد علي چانڊيو چيو ته باھه واقعو تمام ڏوکينئدڙ واقعو ھو. اسان جي معصوم ٻارڙن جون جانيون ضايع ٿيون. گھر مڪمل سڙي رک ٿي ويا. چوپايو مال سڙي ويو، ڪجهه به نه بچيو ھو. سال ۾ گھرن جو تعمراتي ڪم مڪمل ٿي ناھي سگھيو. اسان کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سھولت ناھي ڏني وئي، ڳوٺاڻا ھر بنيادي سھولت کان محروم آهن. ھن اپيل ڪئي ته گھرن جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي.
فريد آباد جي ڳوٺاڻن جي سار لهڻ جي ضرورت آهي، انهن جي مالي سهائتا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي وعدا حڪومت ان وقت ڪيا هئا، انهن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي زندگي ڏانهن موٽي سگهن ۽ انهن جون پريشانيون ختم ٿي سگهن. ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انتظاميا ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري ۽ ڪنهن به ريت ڪا ڪوتاهي نه ڪري ته جيئن ڳوٺاڻن کي ڪا آٿت ملي سگهي.