ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اختلافن باوجود سياسي ڳالهيون ضروري آھن

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

ملڪ جي ڀلائي انهيءَ ۾ سمايل هوندي آھي ته ملڪ جي اهم سياسي حڪمرانن کي اختلافن باوجود پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري سياسي اختلافن جو مناسب حل ڳولڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي ان ۾ ملڪ توڙي عوام جي ڀلائي جو راز سمايل هوندو آھي. اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته سياسي اختلافن کي ذاتي دشمنيءَ جو رنگ ڏيڻ نه گهرجي. اها سچائي آھي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه سياسي پارٽين ۾ اختلاف هوندا آهن پر انهن مخالفن سان خاص ڳالهين تي اتحاد ڪري ڪيترا بهتر ڪارناما به ڪيا ويندا آھن.
هڪ اهم مثال پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) ۽ نواز ليگ جو آهي، جن پاڻ ۾ خاص ٺاهه ڪري ملڪ تي پوڻا چار سال حڪومت ڪندڙ عمران خان جي سرڪار کي ملڪ جي ڀلائي لاءِ وقت کان اڳ ختم ڪرايو جيڪو ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ انوکو ۽ اهم ڪارنامو آھي. اها پنهنجي جاءِ تي سچائي آھي ته عمران خان سرڪار رڳو سکڻن پر وڻندڙ بيانن کان سواءِ سنڌ جي ڀلائي لاءِ ٽڪو به ڪم ڪونه ڪيو، الٽو سنڌ جي باري ۾ خطرناڪ بيان ڏنائين ته اندرون سنڌ وارن کي ڪراچيءَ تي حڪومت ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي. نه رڳو ايترو پر سنڌ سرڪار جا عمران خان جي وفاقي سرڪار ڏانهن اربين رپيا رهيل هئا، جن ۾ سندس سرڪار بار بار مداخلت ڪري گهٽتائي آندي. يعني سنڌ کي جائز پيسا پورا ڪونه ڏنا. وري ڪجهه وقت اڳ عمران خان بيان ڏنو ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو مطلب ته سنڌ ٽوڙيو. سندس اهو بيان سنڌي اخبارن به ڇاپيو هو.
سندس اهڙن اختلافي بيانن جو انهيءَ ڪري به بار بار حوالو ڏيڻو پوي ٿو ته سنڌ ۾ هڪ اهڙو گروپ به آھي جيڪو پاڻ کي ڪيترن سالن کان سنڌ جو اڪيلو خيرخواه سڏائي ٿو پر عمران خان جي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي دشمني وارن بيانن خلاف تحريڪ نٿو هلائي. ايمانداريءَ سان سوچجي ته اها سنڌ جي ٺيڪيدارن جي سنڌ دشمني آھي. تازو عمران خان جي لاڳيتن اختلافن باوجود پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه آصف علي زرداري رٿ ڏني آھي ته اختلافن باوجود ملڪ جي ڀلائي خاطر عمران خان سان ڳالهيون ڪيون وڃن. منهنجي خيال ۾ اها مناسب رٿ آھي. هڪ خاص ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته مخالف سياسي اڳواڻن سان ڳالهين جو مطلب اهو هرگز ناهي ته رڳو ڳالهين ذريعي سندس سڀ ناجائز مطالبا مڃيا ويندا. اها سهوليت آھي ته جيڪڏهن سندس جائز مطالبا مڃيا وڃن يا وري مخالف اڳواڻن کي ڳالهين ذريعي جائز مطالبا مڃرائجن ته به مناسب آهي. بهرحال عمران خان سان ڳالهين بابت حڪمران جماعت ڪجهه پارٽين اختلاف ڪيو آھي. جي يو آءِ ۽ (ن) ليگ، عمران خان پارٽيءَ سان ڳالهين جي مخالفت ڪئي آھي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه ۽ ملڪ جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ آهي ته ملڪ کي گهوٽالي مان ڪڍڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. بهرحال اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آھي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ پي اين پي، (ق) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم به عمران خان پارٽي سان ڳالهين جي پٺڀرائي ڪئي آھي.
منهنجي ڇنڊڇاڻ موجب ملڪ جي ڀلائي لاءِ مخالف ڌر سان مناسب ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ھر فيصلن ۾ بردباريءَ سان ڪم ورتو وڃي. يعني غلط فيصلا مڃڻ سان معاملو ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو. مطلب ته بردباري ۽ سمجهداريءَ سان فيصلا ڪرڻ گهرجن جنهن ۾ ملڪ جو فائدو سمايل هوندو. اها سچائي آھي ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت کي هڪ سال پورو ٿي ويو آھي پر عمران خان انهن جي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ وڏا ناٽڪ رچايا آھن. جڏهن ته سندس پارٽيءَ جا مختلف اڳواڻ عام طور گاريون به استعمال ڪندا رهيا آھن پر پوءِ به شهباز شريف جي حڪومت ختم ڪونه ٿي تنهنڪري هاڻي عمران به سڌي يا اڻسڌي ريت حڪمران مخالفن سان ڳالهيون ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آھي. بهرحال حڪمرانن کي ملڪ جي ڀلائي لاءِ جائز جدوجهد ڀلي ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ گهرجي آھي ته نااهلن کي وڌيڪ ناڪامياب بڻائڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ ضروري آھن ڇاڪاڻ ته عوام حڪومت جي ڳالهين ڪرڻ وارين جائز ڪوششن کان متاثر ٿيندو آهي. اها ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته ملڪ جي ڀلائي ٿيندي ته عوام جو به ڀلو ٿيندو تنهنڪري خير جو ڪو ڪم جاري رکڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button