ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سسٽم

Editorial-Article- Ajaz Mangi

سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪيتري پريشر ۾ آهي؟ ان سوال جو جواب فقط هن جو جيءُ سمجهي سگهي ٿو. جڏهن پوري رياست هڪ ماڻهوءَ جي مٿان پنهنجو پورو بار وجهندي هجي ته ان ماڻهوءَ جا ڪلها ڪيتري تڪليف محسوس ڪندا هوندا؟ اسان کي ته ان جو ڪو اندازو به ٿي نه ٿو سگهي. خاص طور جڏهن اهو انسان ملڪ جو حڪمران به نه هجي. هن جي هيٺان پوري متحرڪ ۽ مضبوط ٽيم به نه هجي. پر هن جي مٿان نه فقط سياست پر سرڪار ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو بار هجي. جڏهن ميڊيا هن جي هر هڪ لفظ مٿان فوڪس رکي ويٺي هجي. ان صورت ۾ ان ماڻهوءَ جي ڪيفيت جو اندازو ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي.
وڏيون ڪرسيون ۽ وڏا عهدا وڏن عذابن جو باعث به بڻبا آهن. خاص طور انهن ملڪن ۾ جيڪي ملڪ دستور تي نه پر طاقتور فردن جي مرضين تي هلندا هجن. جيڪڏهن اسان جو ملڪ مڪمل طور سسٽم مطابق هلندڙ هجي ها ته اڄ اها نوبت ئي نه آئي هجي ها جو سپريم ڪورٽ جي چوڌاري پوري سياسي آڪاش ڌارا محو گردش نظر اچي ها.
اهو ڪيترو نه ڪٺن موڙ آهي، جنهن موڙ تي قانون ۽ انصاف جو ڪاروان بيهي رهيو آهي. اهو ڪاروان نه اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ نه پوئتي هٽي سگهي ٿو. ان ڪاروان جي مير يعني ملڪ جي چيف جسٽس تازو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جون سياسي پارٽيون پاڻ ۾ نبيرو ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچن ته سپريم ڪورٽ ڪا گنجائش ڪڍي سگهي ٿي. اهي لفظ هن وقت ته بحران جي بند تالي کي کولڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن. ان ڪري هر ڪوئي انهن لفظن تي نه پر نتيجي بابت سوچي رهيو آهي. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته هن ڀيري به جهڙي ريت ”نظريه ضرورت“ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ملڪ جي تاريخ لاءِ مهانگو ثابت ٿيندو. هن وقت ته ملڪ سپريم ڪورٽ پاران مبينا طور پيش ڪيل گنجائش سبب بحران مان نڪري ويندو پر جنهن انداز سان هي معاملو هلي رهيو آهي يا جنهن انداز سان هي ملڪ هلايو پيو وڃي، ان انداز سان بار بار اها صورتحال پيدا ٿيندي، جنهن ۾ وري به هي ملڪ ”نظريه ضرورت“ جي آڏو اچي بيهي رهندو. جڏهن ته ان سلسلي ۾ اهم سوال اهو آهي ته آخر اهو سڀ ڇو ٿي رهيو آهي؟
پاڪستان دنيا جو اڪيلو ملڪ ناهي، جنهن ۾ سياست ٿيندي هجي ۽ جنهن ۾ سرڪار چونڊبي هجي. آخر اسان جي ڀرپاسي ۾ ڀارت به آهي. ڀارت جون سياسي حالتون پنهنجي حوالي سان تمام بريون آهن. خاص طور اتان جو سيڪيولر سسٽم جهڙي ريت موديءَ جي هندويت جي ڪري شديد خطري ۾ آهي. جهڙي ريت ڀارت پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي آزاد حيثيت جو سودو ڪري چڪو آهي ۽ جهڙي ريت هو ڏکڻ ايشيا جي عالمي شطرنج ۾ آمريڪا جو مهرو بڻجي چين خلاف استعمال ٿي رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڀارت لاءِ هڪ ڀيانڪ نتيجي ڏانهن وڌندڙ سفر آهي. جڏهن ته ان جي هوندي به ڀارت جي اها صورتحال ناهي جو هو پاڪستان وانگر بار بار ڪنهن داخلي بحران جي گپ ۾ ڦاسي پوي. ڀارت ۾ به سپريم ڪورٽ آهي. پر ڀارت جي سپريم ڪورٽ کي ملڪ جي قسمت جا فيصلا نه ٿا ڪرڻا پون. هن کي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن ”نظريه ضرورت“ جي مٿان عمل پيرا نه ٿيڻو پيو آهي.
پاڪستان يا دنيا ڪو به ملڪ جيڪو پنهنجي آئين جي مٿان ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو، اهو ڪڏهن به اهڙي مشڪل ۾ نه ڦاسندو جو هن کي اهڙو فيصلو ڪرڻو پوي، جنهن فيصلي سبب ملڪ جو روح زخمي ٿيندو هجي. ملڪ جو روح ان مهل زخمي ٿيندو آهي، جڏهن غيراصولي اپاءُ ورتو ويندو آهي. اهو غيراصولي اپاءُ ته طاقتور فرد وٺندا آهن پر ان جو ڪيتو پوري ملڪ کي لوڙڻو پوندو آهي. اسان کي اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته اسان هن نام نهاد جمهوريت ۾ ايترا آزاد ناهيون جو اسان اهو سڀ ڪجهه کليل انداز سان بيان ڪري سگهون، جيڪي ڪجهه اسين سمجهي رهيا آهيون. اسان کي ان سلسلي ۾ مجبور ٿي اشارن جي ٻوليءَ جو سهارو وٺڻو پوي ٿو ۽ اشارن جي ٻولي ته فقط اهو سمجهي سگهي ٿو، جيڪو هوشيار هجي. هوشيار کي آخر سمجهائڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي؟ جڏهن هڪ حڪومت کي سرڪشيءَ جي سزا ڏيندي مدي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ گهر ڀيڙو ڪيو ويندو آهي ته ان جي نتيجي ۾ سياسي ڀونچال پيدا ٿيندو آهي ۽ اهو سياسي ڀونچال ملڪ ۾ اڪيچار مسئلن جا جن ڀوت ڪٺا ڪندو آهي. اهو سياسي ڀونچال مهانگائي ۽ بدامنيءَ جي صورت ۾ عوام کي ايئن پيڙيندو آهي، جيئن کنڊ جي ڪارخاني ۾ ڪمند پيڙيو ويندو آهي.
جيڪڏهن پاڪستان جي پوئين حڪومت کي زوريءَ ۽ زبردستيءَ ختم نه ڪيو وڃي ها. عمران خان ته پنهنجي ناڪام پاليسين سبب عوام ۾ تمام بري طرح سان بدنام ٿي رهيو هو. عمران خان لاءِ هر ڏينهن هن جي شهرت کي گهٽجڻ جو باعث بڻجي رهيو هو. عمران خان کي حڪومت مان جنهن انداز سان آئوٽ ڪيو ويو اهو انداز ان عوام کي به پسند نه آيو، جيڪو عوام عمران خان جي پاليسين سان ڪنهن به ريت متفق نه هو. اهو عوام جيڪو عمران خان جي حڪومت جو مخالف هو. اهو عوام جنهن کي محسوس ٿي رهيو هو ته عمران خان حڪومت ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ فٽ فرد ناهي. اهو عوام عمران خان جي حڪومت کي زوريءَ ۽ زبردستيءَ ختم ٿيندو ڏسي عمران خان جو اوچتو حامي بڻجي ويو ۽ اهو سوال هن مهل تائين پاڻ عمران خان لاءِ هڪ سوال آهي ته آخر هو سرڪار مان نڪرڻ بعد زيرو مان هيرو ڪئين ٿي ويو؟
عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر شهرت جي بلندين تائين پهچائڻ ۾ اصل هٿ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو آهي. اها ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ئي هئي، جنهن عمران خان کي هٿ کان پڪڙي اقتدار ۾ آندو ۽ اها اسٽيبلشمينٽ ئي هئي، جنهن عمران خان کي اقتدار مان آئوٽ ڪيو. جيڪڏهن سسٽم ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ ان مصيبت ۾ پوي ها، جنهن مصيبت سبب هڪ ڀيرو ٻيهر آئين جي روح مٿان اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اها ڪوشش عارضي طور ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيندي پر اڳتي هلي ملڪ کي ان تجربي جا ڪهڙا تلخ نتيجا ڀوڳڻا پوندا؟ ملڪ جو ماضيءَ ان قسم جي سبق سان ڀريل آهي. اهي سبق جن مان اسان هن مهل تائين ڪو سبق نه سکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button