ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام مخالف ايجنڊا

Editorial

جيڪڏهن ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جو جائزو وٺجي ته ان ۾ اڪثر شين جا اگهه وڌيل هوندا آهن ان جي ڀيٽ ۾ جن شين جي اگهن ۾ لاٿ ايندي آهي، اهي گهٽ ئي هونديون آهن. ان مان واضح آهي ته مهانگائي وڌي پئي. جيڪا عام ماڻهو لا مصيبتون کڻي اچي ٿي. هن حڪومت جي اچڻ سان سڀ کان وڌيڪ جنهن طبقي جي زندگي متاثر ٿي آهي، اهو غريب طبقو آهي.
موجوده حڪومت ۾ عام ماڻهو لاءِ زندگي گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، سندس زندگي ۾ ترقي ڇا ايندي پر ان مٿان هر نئون ايندڙ ڏينهن پريشاني وڌائي رهيو آهي، جنهن جو هڪ اظهار وڌندڙ مهانگائي مان به ٿئي ٿو. ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ، پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس.
هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. عام واهپي وارين شين جا اگهه آئي ڏينهن وڌي رهيا آهن، ۽ اگهن تي ڪنٽرول جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن. حڪومت جي معاشي قدمن مان لڳي ايئن رهيو آهي ته هو هڪ عوام مخالف ايجنڊا کڻي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو مهانگائي مٿان مهانگائي ڪري رهي آهي. هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت کي به مات ڏئي رهيا آهن. ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته عوام حڪمرانن جي ايجنڊا جو حصو ناهي. هنن وٽ حل صرف هڪڙو آهي، اهو آهي آ ايم ايف. اهو ئي سبب آهي جو آ ايم کان قرض ملڻ کي به حڪمران وڏو اعزاز سمجهن ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته هن مهل حڪمران جن معاشي پاليسين تي عمل ڪري رهيا آهن اهي آ ايم ايف جا ئي طئي ٿيل آهن. آ ايم ايف جو ڪردار ڪهڙو آهي، ان جو اندازو ان خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاجن مان ڪري سگهجي ٿو. آ ايم ايف هڪ عوام دشمن عالمي مالياتي ادارو آهي. هتان جا حڪمران وري ويٺا ئي آ ايم ايف جي آسري ۾ آهن، ان مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته حڪمرانن وٽ پنهنجي ڪابه معاشي پاليسي ڪانهي. اسان سمجهون ٿا ته اها مڪمل طور عوام مخالف ايجنڊا آهي. ملڪ جي عوام کي پوري طرح آ ايم ايف جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button