سنڌ ڌرتي دنيا جي اها خوشنصيب ڌرتي آهي، جنهن ۾ قدرتي ۽ معدني وسيلا اڻ کٽ آهن، مالدار ڌرتي هجڻ ڪري سنڌ تي ڌارين هميشه يلغارون، ڪاهون ۽ حملا ڪري قبضا پئي ڪيا آهن، ڪڏهن عربن، ڪڏهن ارغونن، ڪڏهن ترخانن، ڪڏهن انگريزن ته وري ڪڏهن پنجاب پنهنجي ڏاڍ ۽ زور تي سنڌ کي غلام بڻائي سنڌ جا پير مير خريد ڪري سنڌي قوم تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا آهن، پر تاريخ شاهد آهي ته قبضي خورن خلاف سنڌ ڌرتي هميشه مزاحمت ڪئي آهي، ڪڏهن راجا ڏاهر جي روپ ۾، ڪڏهن سورهيه بادشاهه جي روپ ۾، ڪڏهن حيدر سنائي جي روپ ۾، ڪڏهن سائين جي ايم سيد جي روپ ۾، ته ڪڏهن شهيد بشير خان، شهيد مقصود خان، شهيد سلمان وڌو، شهيد سرائي قربان کهاوڙ، شهيد نورالله تنيو، شهيد روپلو چولياڻي، شهيد مظفر ڀٽو ۽ ٻين سنڌ جي عاشقن جي روپ ۾ پنهنجن جانين جا نظرانا ڏئي سنڌ جي سينڌ ميري ٿيڻ نه ڏني آهي،
سنڌ ۽ سيد جي فڪر جا عاشق اڄ به اوچي ڳاٽ سان سنڌ جي واهڻ وستي، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سيد جي فڪر جي پرچارڪ ڪري رهيا آهن، سنڌ جي عاشقن جي هلندڙ جدوجهد کان بوکلائجي سنڌ جا ويري سنڌ جي گهڻگهرن خلاف ڪات ڪهاڙا اڀا ڪري سندن رستا روڪ ڪري رهيا آهن، پر سيد جي فڪر جا متوالا اڄ به پروانن وانگي پنهنجو سر اڏي تي رکي ويٺا آهن.
ڪنھن به دور جا ورڪ اٿلائي ڏسندا ته توھان کي ھر پاسي ظلم، جبر، ڏاڍ، وحشت ۽ دهشت جي انتھا نظر ايندي. معدني ۽ نباتاتي وسيلن سان مالامال سونھاري سنڌ ۾ جتي عرب دنيا کان به وڌيڪ گيس، تيل، يورينيم، سون، پتل، ٽامو، ۽ اھڙن قسمن جا ٻيا قيمتي ڌاتو ۽ اڻکٽ ذخيرا موجود آھن، پر افسوس ھتي ترقي ته پنھنجي جاءِ تي پر ھر روز رت جي هولي سان سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن جو خون وھايو پيو وڃي. ڪڏهن قبيلائي تڪرار جي آڙ ۾، ته ڪڏھن ڌاڙيل ڪلچر کي ھٿ وٺي اڀاري وري ان خلاف آپريشن ڪري مارڻ يا سنڌي شاگردن ۽ قومپرستن کي سنڌ سان عشق جي ڏوھه ۾ کنڀي گم ڪري کين گولين جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته ڪڏهن سنڌي شاگردن کي تعليمي درسگاھن مان دھشتگردن وانگر گرفتار ڪري جيل ۽ ٽارچرن جي اذيت مان گذاريو پيو وڃي.
حڪمران ۽ اقتدار ڌڻي ڪرپشن جا بي تاج بادشاهھ ٿي ڪري عوام جي پئسي تي عياشين ۾ پيا گذارين. سرمائيدار ھاري، پورھيت ۽ مزدور جو رت پيو چوسي. ڊاڪٽر پئسي خاطر ماڻھن جي زندگي سان پيا کيڏين. وڏيرو جاگيردار پوليس جي ملي ڀگت سان لوفر ۽ خوشامدي قسم جا ماڻھو خريد ڪري مسڪين ۽ بي پھچ ماڻھن جي مٿان ظلم ۽ جبر جي عدالت لڳايو ويٺو آهي. قوم پرست ھڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا آهن، ھر ھڪ پاڻ کي وڏو ڏاھو، بھادر، سچو، دلير پيو سڏائي. ڀلا ايڏا هاڃا ٿيڻ باوجود اڃان ڪيترو وقت هٿ تي هٿ رکي خاموش ويھنداسين. يقين ڪيو جي اڄ به اسين پنھنجا چپ کوليون ۽ بھادري سان انھن ظالمن سان مھاڏو اٽڪايون ته پنھنجي سامھون ڪير بيهي نه سگھندو. لطيف سائين جي هنن سٽن جيان:
ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،
مون تَن اندر تيئن وهي، جيئن وڻ وڍي واڍو،
اِيءُ ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نا تہ پَٿَرِ ڪيرِ پنڌ ڪري۔
شاھه