ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ اڀرندڙ نئين قيادت

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

جيتوڻيڪ ڪالهه اربع واري تي ڏينهن پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس ھلي رھيو هو، جنھن ۾ حڪمران پارٽي پنهنجا 8 يا ڏهه من پسند قانون منظور ڪرائي، ايندڙ چونڊون کٽڻ لاءِ گھاٽ گھڙيا آهن. گڏيل اجلاس ۾ زوري زبردستي جيڪي بل پاس ڪيا ويا آهن، انهن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ چونڊ سڌارن وارا تڪراري بل به شامل آهن. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف شيطاني مشين قرار ڏنو آهي. سندس اهو به چوڻ هو ته پارليامينٽ جي اجلاس جي روايت جون ڌڄيون اڏائي قانون بلڊوز ڪرائڻ غلط ڳالهه آهي.
جيسين گڏيل پارلياماني اجلاس جا نتيجا ظاھر ٿين تيسين پاڻ ھن موضوع کي پاسيرو ڪري في الحال پيپلز پارٽيءَ جي تيرھن سالا راڄ ۾ سنڌ جي ماڻهن سان وڏيراشاھي، جاگيرداري، سرداري ظلمن، ڏاڍاين ۽ پوليس گرديءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل عوامي سجاڳي ۽ مزاحمت وارن واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين. وڏيرڪي نظام خلاف مزاحمت جي تاريخي واقعن جا ته شهيد شاهه عنايت کان مائي بختاور تائين انيڪ مثال ڏيئي سگهجن ٿا پر اڄوڪي جديد دؤر ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ ھڪ عوامي جمهوري پارٽي کي ان جي نئين قيادت جھڙي ريت ميرن، پيرن، ڀوتارن، سردارن ۽ جاگيردارن جي ڪوٽن ۾ قابو ڪري، ھر ھڪ ضلعي جي ھر تعلقي ۾ وڏيرن ۽ سردارن کي پنهنجو قبائلي راڄ مڙھڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي، ان سان لکين ڪروڙين ھارين نارين ۽ پيڙيل طبقن جو صدين کان استحصال ڪندڙ ڀوتارن ۽ سردارن جو من وڌي ويو. اڳ ۾ سنڌ جي وڏيرو پوليس جي سپاهي کان وون ويندو هو پر زرداري صاحب صدر ٿيڻ کان پوءِ ھرھڪ سردار، ڀوتار ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي ضلعي جي پوليس جو ڪمانڊر يعني ايس ايس پي سندس دل گھريو دلدار ڏيئي ڇڏيو. اھو رواج حقيقت ۾ انگريزن وڌو هو ڇاڪاڻ ته لکين ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻ بدران ھو سندن راڄ جي چڱي مڙس کي خان بھادر يا پڳدار بڻائي، راڄن کي غلام ٺاهي ڇڏيندا هئا. انھيءَ سرداري نظام کي جيتوڻيڪ پاڪستان جي عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو صاحب چٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھا به سليڪٽو Selective ھوندي ھئي. مخالف سردارن ۽ جاگيردارن کي چيڀاٽڻ ۽ پنهنجن دوستن کي نوازڻ! مثال طور بلوچستان جي سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت ختم ڪري، سردار غوث بخش رئيساڻي کي چيف منسٽر ۽ سردار اڪبر خان بگٽي کي بزنجو صاحب جي جا تي گورنر بلوچستان مقرر ڪيائين.
مزاحمت جا زنده جاويد مثال ھڪڙي اڻپڙهيل ٻھراڙيءَ جي بھادر ماءُ مائي جندو جي ٽن بيگناهه پٽن جي بي موت مارجڻ ڪري ٽيهھ سال اڳ شروع ٿيا. تڪرار اھو ئي ساڳيو ھو ٻنيءَ تي قبضي جو، جيڪو اڄ تائين ڳوٺ ڳوٺ ۾ ھلندڙ آھي. ھزارين جوانن جون حياتيون اھڙن تڪرارن ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ ڳھي ڇڏيون آهن. پر ظلم ڏسو ته جھيڙو ۽ قتلام ٿيو ڏاڏن پڙڏاڏن جي حياتي ۾ پر سردار سڳورا سڱ چٽيءَ ۾ ٻانهن غريبن کان گھرندا، انھيءَ معصوم ٻارڙيءَ جي جنهن جي ماءُ به تڏهن ڪونه ڄائي ھئي. مون کي ياد آهي ته مرحوم مير ھزار خان بجاراڻي جنرل مشرف جي دؤر ۾ اھڙو ھڪ فيصلو سرداري سسٽم مطابق ڪيو. ٻارڙيءَ پاران انساني حقن لاءِ لڙندڙ بيباڪ ۽ دلير وڪيل عاصمه جهانگير اھو ڪيس سڌو سنئون چيف جسٽس افتخار چوڌري جي عدالت ۾ کڻي ويئي جنهن فيصلو ڏنو ته راڄوڻي فيصلو يا قبائلي جرڳو غير قانوني آهي. سردار ھزار خان بجاراڻي کي ھڪدم گرفتار ڪريو. گرفتاريءَ جي ڊپ کان مير ھزار خان به ايئن لڪي ويو، جيئن شهيد ناظم جوکيي جي قتل ۾ جوابدار ڄاڻايل جوکين جو ڄام عبدالڪريم، خيرپور کوسو ۾ هڪ غريب مائيءَ کي گوليون هڻي ماريندڙ ايم پي اي گھنور اسراڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني لڪل آهن.
مائي جندو جي پٽن جو خون ناحق ڪندڙ حيدرآباد جي فوجي آفيسر ميجر ارشد جميل کي تڏھوڪي انصاف پسند چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل آصف نواز جنجوعه فوجي ڪورٽ مارشل ذريعي ڦاسيءَ جي سزا ڏياري، ھڪ نئون مثال قائم ڪيو ته هن ملڪ جو ورديءَ وارو شهري ھڪ عام وطن واسي کان مٿانھون ۽ مٿڀرو ناهي. قانون جي اکين آڏو سمورا شهري ھڪ جيترا آهن. انھيءَ آرمي چيف ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردي خلاف ان وقت فوجي آپريشن ڪيو جڏهن ميان نواز شريف بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت کي ڏيڍ سال کان پوءِ ختم ڪرائي پاڻ وزير اعظم بڻجي ويو.
اچون ٿا ھاڻوڪي سنڌ جي صورتحال تي جڏهن حيرت ۾ وجهندڙ سچائي اخبارن ۾ شايع ٿي آهي ته اسراڻ قبيلي جي چڱن مڙسن سان گڏ تعلقي ميرو خان جي واپارين جي تنظيم جا عھديدار، رائيس ملرز ايسوسيئيشن جو سرواڻ فدا حسين لاشاري، پ پ ۽ سپاف جا ليڊر گڏجي اڱاري تي شهيد ٿيل عورت جي گھر ڀاتين کان معافي وٺڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلو کڻي پھتا ته وارثن انھن سان ملڻ کان ٺپ جواب ڏيئي چيو ته جنھن شخص قرآن شريف کي گوليون هڻي شهيد ڪيو، اوهان اھڙي ظالم لاءِ معافي وٺڻ ڇو آيا آهيو؟
فھميدہ سيال شهيد جي وارثن مان سندس ور غلام سرور سيال ۽ پٽ غلام تقي سيال قافلي وارن کي چيو ته اسان نه رڳو ايم پي اي گھنور اسراڻ پر سندس پيءُ حسين اسراڻ کي به قيامت جي ڏينھن تائين معاف نه ڪنداسين ۽ پنهنجي ھر ھڪ شي وڪڻي ڪيس لڙنداسين ته جيئن کين موت جي سزا ملي سگهي.
مون کي اتر جي ڳوٺ خيرپور جوسو کان وٺي لاڙ جي ڪوھستاني ڳوٺ سالار جوکيو ۾ ڄامن ھٿان شهيد ڪيل ناظم جوکيي جي ونيءَ جي ھن روح مان نڪتل رڙ تي ان ڪري فخر آهي جو سوشل ميڊيا تي ھڪ بھادر نياڻي ام رباب جي لفظن واري ساڳي سڳنڌ، سرهاڻ ۽ خوشبوءِ واسي ڇڏيو. ام رباب جي خاندان سان به ڏسو ته پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي اي سردار برھان چانڊيي ناحق ڪيو ۽ اھو ئي ڪارڻ آهي ته دادو ضلعي جي ماڊل ڪورٽ کيس باقاعدي جوابدار فرار ڏنو. سردارن جي ھمت ۽ بھادري پرکيو ته جيڪڏهن کين ڪو جج صاحب ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏي ته ڪورٽ مان ٻاهر نڪرڻ مھل ڏند ٽيڙي، آسمان ڏانهن اڀين آڱرين سان پنهنجي سوڀ جو علامتي نشان ٺاهي، جيئي جيئي وارن نعرن جي پڙاڏي ۾ پراڊو يا ويگو ۾ چڙهي سڌو بلاول ھائوس پھچي پنهنجي گرو گھنٽال جي سلامي ڀريندا ۽ پوءِ ڪورٽ جي شنوائي وارين تاريخن تي بيماريءَ جو سرٽيفڪيٽ اماڻي بھانو ڪندا آهن.
آئون جيڪا ڳالھه لکڻ چاهيان ٿو سا ھي آهي ته ام رباب نالي اسان جي قابل فخر نياڻي سرداري نظام خلاف جيڪا قانوني جنگ چار سال اڳ جوٽي آهي، تنهن کي سوشل ميڊيا وڏي سچائيءَ سان ايترو ته عام ڪري ڇڏيو آھي جو ھي سنڌ جي اڪيلي THE LONE WARRIOR ڪڏهن ھڪڙي چيف جسٽس جي گاڏيءَ کي روڪي ٿي ته ڪڏهن ٻئي جج صاحب جي، رڳو کين غيرت ڏيارڻ واسطي ته مون سان انصاف ڪريو. کانئس سنڌ جا ڀاڙيا ڀوتار ۽ سردار ته لڪندا وتن پر نام نهاد قومپرست اڳواڻن ۽ ڄاڙي باز وڪيلن جي کنڀن تي به برف ڄمي ويئي آهي ته متان ھي نياڻي اسان کان قيادت ڦري اسان جو ڌنڌو ڌاڙي بند ۽ ڀينگ نه ڪري ڇڏي!
ھاڻي ام رباب اڪيلي ناھي. ھڪ ته ڪراچيءَ جي محب وطن سنڌي وڪيلن گذريل ڇهين جون تي سپر ھا وي جي سوين اسيرن ۽ قومي ڪارڪنن کي ناجائز ڪوڙن ڪيسن مان ڇڏائڻ لاءِ جيڪا ليگل ايڊ ڪميٽي ٺاهي، ان جي سرواڻ محمد خان شيخ صاحب ۽ سندس ٽيم مظلومن کي بچائڻ ۽ انصاف ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ھڙان وڙان ۽ قيمتي وقت سيڙائڻ کان سوا سر تري تي رکي جيڪو جھاد ڪيو آهي، ان کي ڏسي آئون خاطريءَ سان چوان ٿو ته سنڌ جي گاديءَ وارو شهر ڪراچي گدڙ ته ڇا ڊائنوسار به نه ٿا کائي سگهن. منهنجا ھي پيارا قانوندان ساٿي رڳو شھيد ناظم جوکيي، شھيد فھميدہ سيال، شھيد ارسلان جي خون جو حساب وٺڻ لاءِ نه پيا وقت وڃائين، ياد رکجو ته ڪراچي ۾ اسان جي سمورن شهيدن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿيل معصوم انسانن جا ڪيس به سنڌ جا فخر جوڳا ھي فرزند ايندڙ ھر ڏکئي دؤر ۾ وڙھندا رھندا.
مون ڪئين ڀيرا لکيو آهي ته سنڌ م نئين نڪور، سچار ۽ اصول پرست قيادت اڀرندي ڏسان پيو، اوهان کي ياد ھجي يا نه ھجي، ياد رکو ته جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف مظلوم نياڻين جي ھي مسلسل اورچائيءَ واري بغاوت نيٺ ھڻي وڃي ھنڌ ڪندي ۽ سمورا ڄاڙي باز ليڊر ڪيناڊا کان آمريڪا ۾ ٻارن ٻچن سوڌو آباد ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button