ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

داءُ تي لڳل ملڪ جو مستقبل

اڄ به سڄي ملڪ جي سياست جو محور هڪ اهڙو ماڻهو آهي، جنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ “ڪمپني بهادر” سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. عمران خان نيازي ڪڏهن به سياستدانن نه ٿئي ها، جيڪڏهن هن کي اهو نه چيو وڃي ها ته هو سياستدان ٿي ملڪ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏيندو. پر ائين نه ٿي سگهيو. نه ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين جي تڏا ويڙهه ٿي سگهي ۽ نه ئي هو ڪو ڪامياب سياستدان ٿي سگهيو. هن جهڙي ريت مذهبي ڪارڊ کي استعمال ڪيو، جهڙي ريت پنهنجي مٿان حملي جو ڊرامو ڪيو ۽ جهڙي ريت هاڻوڪو چيف جسٽس عمر عطا بنديال سندس پارٽيءَ جي ڪارڪن طور هن جي حمايت ۾ فيصلا ڏئي رهيو آهي. ان هوندي به هو ملڪي اقتدار ماڻڻ واري عمل کان گهڻو پري آهي.
هي ملڪ گذريل ڪيتري وقت کان عمران خان نيازيءَ جي ڪري داءُ تي لڳل آهي. ملڪ جي معيشت تباهه حال آهي، سياسي بي چيني ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ عالمي دنيا اسان ڏانهن ورڻ لاءِ تيار ڪونهي. اهڙي حالت ۾ جڏهن ملڪ جو چرخو چري ڪونه پيو، اتي جيڪڏهن چونڊن جو مطالبو ڪيو ٿو وڃي ۽ چونڊون ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ان ڳالهه جي ڪابه ضمانت ڪونهي ته ڪا اهڙي تبديلي اچي ويندي، جنهن سان ملڪ پنهنجن پيرن تي بيٺل نظر ايندو. پاڪستان جي سياست ۾ جيڪا مداخلت اسٽيبلشمينٽ ڪندي رهي آهي، ان کان پوءِ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ان مداخلت کي ايترو جلدي ختم ڪري سگهجي. هيستائين ته ان جو اثر به ڪونه گهٽجي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سياسي پارٽيون به اسٽيبلشمينٽ جي سهاري اقتدار ۾ اينديون رهيون آهن. عمران خان نيازي واري تجربي مان اسٽيبلشمينٽ ڪجهه به ناهي سکيو.
ڪالهه ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو هو ته اسان لاءِ سڀئي سياستدان ۽ سياسي پارٽيون قابل احترام آهن ۽ پاڪستان جي فوج ڪنهن خاص سياسي سوچ ۽ جماعت جي نمائندگي ڪونه ٿي ڪري. هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پاڪستان جي داخلي ۽ بارڊر سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل فوڪسڊ آهيون. ڪنهن به پيشيور فوج جو ڪم يقيني طور بارڊر جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ جيڪڏهن وڏي پئماني تي ڪا بدامني ٿئي ٿي ته ان کي منهن ڏيڻ هوندو آهي. جيڪڏهن ڊي جي آءِ ايس پي آر سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جي حوالي سان ڪا وضاحت ڪري رهيو آهي ته ان جو مطلب آهي ته اڃا تائين به ڪو اهڙو سلسلو آهي، جيڪو هلي رهيو آهي. هونئن به آءِ ايس پي آر کي اها ضرورت ڇو ٿي محسوس ٿئي جو اهو ان جي وضاحت ڪري ته سندس اداري جو ڪنهن سياسي جماعت سان ڪو تعلق ڪونهي.
اقتدار مان ڌار ٿيڻ کان پوءِ جهڙي ريت عمران خان نيازي فوج کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، ان مثال ان کان اڳ نٿو ملي پر عمران خان نيازيءَ کي ست خون به معاف آهن. هو جيڪي ڪجهه ادارن جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي، ان جو تصور ڪو سنڌي سياستدان ڪري به نٿو سگهي. بقول آصف علي زرداريءَ جي ته اهو ڊوميسائيل جو مسئلو آهي. ملڪ ۾ سياست کي آزاد نه ڇڏڻ جو هڪ نقصان اهو به آهي جو آڱريون اسٽيبشلمينٽ ڏانهن کڄنديون آهن. ملڪ ۾ مارشل لا لڳا، چونڊيل حڪومتون ختم ڪيون ويون ۽ ڪيترائي نوان نوان سياسي تجربا ڪيا ويا پر تنهن هوندي به لڳي ائين ٿو ته هيستائين ڪجهه سکيو ناهي ويو. سياسي طور تباهه حال ملڪ ۾ عمران خان نيازيءَ کي جيڪڏهن وڏو ليڊر ڪري پيش ڪرڻو آهي ۽ چيف جسٽس جي سس ان جي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪرائڻ لاءِ سرگرم هجي ته پوءِ هيترا سارا ادارا، هيترا سياستدان ۽ سياسي پارٽيون آهن، انهن جي ڪا گنجائش نٿي بچي.
جيڪي سوال اڄ اٿي رهيا آهن، اهي ڪي نوان سوال ڪونه آهن پر فرق رڳو اهو آهي ته سوشل ميڊيا ماڻهن جي زبان بڻجي وئي آهي، تنهنڪري اهي سڀ سوال پڇي رهيا آهن ۽ اهي جيڪي اعتراض اٿاري رهيا آهن. اهي ڪيترا جائز آهن، انهن جي باري ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ضرور جواب ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سياست اڄ به آزاد ڪونهي ۽ نه ئي جمهوري ادارن کي آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ جي اجازت آهي. تنهنڪري ملڪ ۾ آيل تباهيءَ تي ڪم وڏي وقت کان ٿيندو رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button