مون جمال ابڙي جي پيراڻي، امر جليل جي شالي، آغا سليم جي سنڌو، علي بابا جي ڀاڳان، طارق عالم ابڙي جي سنجها، مهتاب محبوب جي صنم، مرزا نادر بيگ جي موهيني، لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا جي سروري ۽ زبيده بيرواڻيءَ جي آراڌني تي لکيو هو ۽ اڄ انور ابڙي جي ٻاگهي (اناميڪا) تي لکان پيو. راجا انور 70 جي ڏهاڪي ۾ لکيل ۾ ناول “جهوٽي روپ ڪي درشن” وانگي ٽيڪنيڪلي لکيل خطن جي صورت ناول (Epistolary novel) “هڪ مهمان ڇوڪري” کي پڙهڻ وقت ناول جا لفظ اسان جي ڪنن جي اکين سان ڳالھيون ٿا ڪن،
ناول نگار چاھي ها ته ناول جي بلڊنگ کي حد درجي کان وڌيڪ وڻندڙ تشبيهن ۽ استعارن جي فارسيلنگ سان سجائي پئي سگهيو پر نه، ميگزين جي دنيا جي هن دلاور وٽ مخصوص صفحن جي صف ۾ لفظن کي ساريکو سمھاري ٻنهي جي بچت جي مهارت آهي. انور ابڙو ڪھاڻين جو ماھر ۽ مھانگو درزي آھي. ھن کي خبر آھي ھڪ دل کي ڀاڪر پائي بيھي رھندڙ ڪھاڻيءَ لاءِ لفظن جي تاڪيي مان ڪيترو ڪپڙو ڪٽڻ کپي.
سندس هي ناول خط ۽ ڪتابت وانگر اي ميلز سان شروع ٿيل پريم ڪهاڻي آهي پر 90 سيڪڙو سچي پريم ڪٿا لڳي ٿي. بلڪل ايئن ئي جيئن ڪنهن زماني ۾ غلطي سان پر صحيح ايڊريس تي پهتل پريمي جو خط، اهو پريمي جيڪو پهرين ئي پريميڪا جي وڇوڙي سبب ٽٽل، ڀريل وکريل هجي ۽ پنهنجي مٿي تي يادن جو وزن کڻي موکي متارن ۽ مورڙي ميربحر جي ماڳن جي بلڪل وچ ۾ زندگي گذارڻ جا جتن ڪندو هجي. اهڙي صورتحال ۾، زندگيءَ جي اهڙي ذليل گهڙين ۾ اوچتو کيس مليل ٻاگهي جو پيغام ڄڻ اسيريءَ ۾ عمر وڃائيندڙ اسير کي مليل رهائي جو حڪم نامون. پوءِ ڪيئن ڪهاڻي اڳتي وڌي، اوپرا هڪٻئي جا ٿيا، وري هڪٻئي کان اوپرا ٿي ويا. احساسن کي لوڏيندڙ انداز ۾ بيان ٿيل آهي.
ناول جي ٻنهي ڇاپن تي تمام گهڻو لکجي چڪو آهي ۽ لکجي به پيو، اڃا به تمام گهڻو لکجي سگهجي ٿو ۽ پڪ اٿم ته لکيو به ويندو پر شارٽ ڪٽ ۾ ٻڌائيندو هلان ته ڪينيڊا ۾ رهندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي سنڌ ڄائي اناميڪا (انا يا ٻاگهي) ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سوڍي جي رانگ نمبر تي شروع ٿيل تجسس تي ٻڌل ميسجز، ڪالن ۽ ايميلز جو سلسلو بي انتها محبت تي پڄي ٿو. جڏهن ته سوڍو اڳ به چندرا کان بيوفائي جو ڏوهاگي هو. سوڍي جي وجود تي چندرا جو نه مٽجندڙ احساس سدائين هر هنڌ حاوي رهي ٿو. جيئن ڪنهن سلجهيل ماڻهو کي آبسيسو ڪمپلسو ڊس آرڊر OBSESSIVE COMPULSIVE DISORDER هجي. سوڍي جو ڪردار مايوس، پنهنجي ذات ۾ قيد، چندرا جي وڇوڙي ۾وڃايل، سادو ۽ پيار سان مليل تخلص “ڪنو” آهي. جڏهن ته اناميڪا جو ڪردار، چنچل، چاهيندڙ، دلير، محبتي، ارڏو، ٽھڪ ڏيندڙ ۽ حساس آهي. چندرا ٻئي ڪنهن جي ٿي ٿي وڃي. انا (ٻاگهي) سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن جي نالي ٿي تي وڃي. ڪراچيءَ ۾ رھندڙ طاھرا ڳوٺ ۾ ڪنهن جي نالي ٿيل ھوندي آهي. جڏهن ته سوڍو ھنن ٽنھي جي نالي ھوندي به ڪنهن جو نه ھو. پر وري به هنن مان هڪ جو ٿي ٿو وڃي.
هي ناول آئون لکان ها ته کيس ڪھڙو ٽائٽل ڏيان ها؟ “متان چندار جو فون ھجي” يا “انڊين بيوٽي” يا وري “مان پاڻ کي ڪاڏي ڪيان؟” پر “هڪ مهمان ڇوڪري” سڄي داستان جي هيڊنگ آهي. هي ناول تمام سادي نموني لکيل آهي جنهن ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي نه ئي ڪٿي اجائي لفاظي جو استعمال ٿيل آهي بلڪل لفظ به لفظ ائين سادگيءَ سان لکيل آهن، جيئن 13 مهينن جو معصوم ٻارڙو پنهنجي پيءُ جي آڱر پڪڙي هڪ هڪ وک کڻي هلندو رهي ٿو ۽ منظرنگاري به تمام سهڻي آهي جهڙوڪ، “اکين جي ڳچيءَ ۾ لڙڪن جو مالھائون”، “سارين جا سونا سنگ حسين ڇوڪرين جي ڳچين ۾ سونا ھار”، ٽھڪن جي لغڙن جون ڏوريون مٿان وري نج ٻولي جهڙوڪ رڌل ھڏي ڀت، مٿي کي منڊا ڏيئي ويھڻ، پيار جي اوک ڊوک، تڏي کڻڻ کانپوءِ ڪيل مٿي ڌو. انهي سان گڏوگڏ هن ناول جي اهم ڳالهه حقيقت نگاريءَ جا جز ۽ حقيقي واقعن جو بيان آهي جهڙوڪ، 94 سال جي ڄمار جي سوڀي گيانچنداڻي جو ذڪر، سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پيش ايندڙ جيءُ جھوريندڙ واقعن جو به ذڪر، جيئن ميرپورخاص ۾ ٻارڙيءَ سان ڏاڍائي بعد باهه ڏئي ساڙڻ، ڪنهن آفيس ۾ تازو پرڻجي آيل ڇوڪريءَ کي آفيس جي سربراهه پاران دوستيءَ جي آڇ تي ڇوڪري پاران چماٽ واھي ڪڍڻ، دھليءَ ۾ پيش آيل نرڀيا قتل ۽ ريپ ڪيس ۽ اھڙن سمورن واقعن تي خاموشيءَ جو مجسمو بڻيل اسان جو سماج، وائيٽ ھائوس اڳيان آمريڪا ۾ عورتن جو احتجاج، بل ڪلنٽن ۽ وائٽ ھائوس جي ملازمه مونيڪا جو افيئر، پي ٽي ويءَ تان نورلھديٰ شاهه جو لانگ پلي غلام، حويليءَ جا راز وغيره، ناول ۾ موجود پريم ڪٿا سان گڏوگڏ سماج جي ڪٿا ۽ ڪارگذاري آهي.
سوڌي پاران اي ميل پڙهڻ لا گھر جو نيٽ خراب هئڻ سبب صدر ڪيفي وڃي نيٽ استعمال ڪرڻ، سندس عيد جو ڏينهن آلين اکين سان گذارڻ، ڀٽائي جي درگاهه تي وڃي راڳائي جمن شاهه راڳ ٻڌڻ، اهي واقعا ليکڪ جا ذاتي واقعا هجن يا نه هجن پر هر پڙهندڙ جي زندگيءَ ۾ اهي واقعا ضرور آيا هوندا نه فقط ايترو پر جيئن ته هي ماڊرنزم تي ٻڌل رومانٽڪ ڪهاڻي آهي ان ڪري ليکڪ هڪ ماڊرن عاشق وانگي محبوب سان ڳالهين دوران فلمن “رين ڪوٽ” “ڪل ھو نه ھو” جو ذڪر به ڪري ٿو ته ٿر ڪارونجھر تي ھلندڙ فوزيا سومرو جي گيت، سمنڊ ڪناري شفيح فقير جي آواز ۾ شيخ اياز جو گيت سخي پيا کي ملين ته چئجان، ڇوڙ دي ساري دنيا ڪسي ڪي لئي گيتن جو ذڪر به ڪري ٿو.
هاڻي اچون ٿا ناول جي ڪلائميڪس تي، انا (اناميڪا) جي الوداعي اي ميل کانپوءِ ستت ئي سوڍو سندس آفيس ۾ ڪم ڪندڙ سندس ئي علائقي واسڻ طاھرا سان شاديءَ جو سوچي وري شادي نه ڪرڻ جو سوچي وري شادي ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن ته چندرا کانپوءِ وري انا جي جدائيءَ کانپوءِ سوڍي کي ٽٽي وڃڻ کپي ھا. انا آڏو گوڏا کوڙي احتجاج ڪرڻ کپي ھا، کيس انڪنڊيشنل سرينڊر نه ڪرڻ کپي ھا. سالن جي مسافت تي ٻڌل انتظار ۽ بيقراريءَ جي پٽڙين تي ھلندڙ ٽرين کي ملاقات جي فقط ٻن اسٽيشنز ڪراس ڪرڻ شرط ئي حادثو نه ٿيڻ کپي ھا. سوڍي جون دانهون ڪلفٽن کان ڪينيڊا تائين پھچڻ کپن ھا ۽ انا جي انا کي جلد ھار نه مڃڻ کپي ھا. سوڍي کي مٽيءَ جي کاڻ مان ڪڍي ٺاھي جوڙي سنواري ان ۾ روح ڦوڪي وري مٽي ۾ نه ملائڻ کپي ھا.
ناول ۾ بردباريءَ جو ڪردار انا جو آهي، سوڍي جي وجود تي محبت جي هوليءَ جا رنگ هارڻ شروع ئي انا ڪيا. سسپينس ۽ سرپرائز کي مينيج ۽ مينٽين رکڻ جي ماهر به انا، ڪينڊا کان ڪراچي پهچي سوڍي سان ملاقاتن لاءِ دل جهليندڙ انا، سوڍي جي ذاتي فليٽ تي وڃي ملاقات ڪرڻ جي خواهش ۽ همت رکندڙ انا، مائٽن سان شادي کان انڪار ڪرڻ جي جرئت رکندڙ انا، سوڍي کي سنڀاليندي سڀاليندي پاڻ کي اڪيلو ڪندڙ انا ٻئي پاسي سوڍو ڪمزور آهي، موت جو تمنائي آهي، روئي ٿو، ماءَ کي لکيل خط ۾ مرڻ جي آس ٿو رکي لطيف جي مزار جي آڳر ۾ جمن شاهه جي آواز تي دانهون ٿو ڪري.
پرآخر ۾سوڍي ٻئي ڪنهن سان شادي ڪري ڇڏي، انا سان نه، چندرا سان نه، وچان ئي ٻي ڪنهن سان، طاهرا سان. ٻار به ڄڻي ڇڏيا. چندرا کي به ڳولي لڌائين پر انا جي سوڍي کي موڪليل الوداعي اي ميل انا کي ئي رڻ ۾ رولي وئي. ھن جيڪو شادي نه ڪرڻ جو اسٽينڊ ورتو اھو سوڍي جي شاديءَ کان اڳ وٺڻ کپي ھا، ڪينيڊا جي ڪٿا کي سنڌ جي سورن کان مختلف انت تي پڄائي ھا.
چندرا ۽ سوڍي جو ٻارڙن جي اسڪول ۾ اوچتو ملڻ ۽ ھڪٻئي کي ڏسي پنڊ پيھڻ ٿي وڃڻ، وري سالن کان پو سوڍي جي ارلي ريٽائرمنٽ کانپوءَ انا جو ڪراچي اچڻ سمنڊ تي ھنن جو ملڻ، سوڍو وري به خوشنصيب آهي جو ٽنھي محبوبن سان رابطي ۾ آهي نه ته اسان کي اسان جي سڀني محبوبن مان ڪنهن جي به خبر ناهي ته اھي ڪٿي آهن. پيار ته جام ڪياسين پر سوڍي جھڙي دل ۽ مزاج ڪٿان آڻيون.
انور ابڙي جو ناول ڪٿي ڪٿي مون کي منهنجي ئي زندگيءَ جو حصو لڳو، ههڙيون لکڻيون ثابت ڪن ٿيون ته ھن جو قلم ناهي ڪيڻ آھي. ڪاغذ جي زمين تي لفظن جو ٻج پوکيندي ھزارين ايڪڙ زمين کي سرسبز شاد آباد ڪندو وڃي ٿو. ھن جي ذھن جي زمين تي پاڻيءَ جي وارابندي ڪونه ٿيندي آھي، نه ئي ھي ڪو پوڇڙي جو اديب آھي جيڪو ڏات جي پاڻيءَ لاءِ سٽُن ۾ ھجي، ھن وٽ ٻوڏون اينديون آهن، طوفان ايندا آهن ۽ اھي ڀِسم ٿي ويندا آھن ۽ ھي چوندو رهندو آھي..
“پھول سے لپتی ہوئی تتلی کو تو اڑا کے دیکھو طوفانو
تم نے درخت اجڑاے ہونگے ”۔۔۔