جرنيلي سڙڪ جي تعمير شير شاهه سوري جو هڪ وڏو ڪارنامو ڪري ليکيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ کانئس اڳ ۽ پو جي حڪمرانن به ان سڙڪ تي ڪم ڪيو پر هن جنهن منظم نموني ان کي ٺاهيو ان هن سڙڪ کي ڄڻ سندس نالي سان ئي ڪري ڇڏيو. شير شاهه هن سڙڪ تي هر ٻه ڪوس تي هڪ سرائي ۽ اهڙي ريت اٽڪل سترنهن سو سرائي قائم ڪيون. ان سڙڪ کانسوا ملتان وغيره جي سڙڪن تي به سرائي قائم ڪيون ويون. انهن جو مقصد مسافرن ۽ سندن سواري جي جانورن کي کاڌو، پاڻي ۽ آرام ڏيڻ هو. ان سان گڏوگڏ اهي بادشاهه جي لا هڪ لحاظ کان اطلاعن پهچائڻ ۽ جاسوسي جو ڪم پڻ ڏيندا هئا. هتي موجود بادشاهه جا ماڻهو هر نئين مسافر ۽ کانئس ٻڌل ڳالهين جي رپورٽ دهلي پهچائيندا هئا. ان لحاظ کان انهن جي هڪ فوجي اهميت پڻ هئي.
موجوده پاڪستان ۽ هندوستان جا گھڻا شهر ان شاهراهه تي آهن جيڪا پشاور کان شروع ٿي ڪلڪتي تائين وڃي ٿي.
رضا علي عابدي جرنيلي سڙڪ جي عنوان سان بي بي سي لا هڪ پروگرام جي سلسلي ۾ ان سڙڪ تي سفر ڪيو هو ۽ پو ان کي جرنيلي سڙڪ جي عنوان سان ڪتاب جي شڪل ڏني هئي.
ليکڪ پشاور کان زيرو پوائنٽ تان اهو سفر شروع ڪيو.
رهتاس جهلم جي ويجھو شير شاهه جو تعمير ڪرايل قلعو آهي. اهو گکڙن جو علائقو آهي. اهي همايون جا حامي ۽ شير شاهه جا مخالف هئا. اهي ان قلعي جي تعمير ۾ سهڪار ڪرڻ لا تيار نه هئا پر لالچ ۽ وڌيڪ اجورو ڏيڻ ڪري اهو ڪم ممڪن ٿي سگھيو. ان قلعي ۾ هن وقت به ماڻهو رهن ٿا. ان ساڳئي نالي سان هڪ قلعو بهار جي شهر سهسرام ۾ به آهي جتي شير شاهه ۽ سندس پٽ اسلام شاهه دفن آهن.
ان قلعي جي تعمير جو مقصد ڪاهن کان بچا ڪرڻ هو. باراني علائقو هئڻ ڪري جهلم جي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو سپهه گيري رهيو آهي. شير شاهه جي دور ۾ به ائين هو ۽ پو به ائين ئي رهيو پر هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. پرڏيهه ۾ وڃي پئسو ڪمائڻ هتان جي ماڻهن جي پهرين ترجيح آهي. ان ڪري سپهه گيري ڏانهن لاڙو گھٽجي ويو آهي.
لاهور باغن جي شهر طور مشهور آهي. ان وقت به هتي گھڻا باغ هوندا هئا. شهر جي چوڌاري هڪ وڏو باع هوندو هو جيڪو پو آهستي آهستي ختم ٿي ويو. شهر جي آبادي قلعن ۾ ئي رهندي هئي. جڏهين ته پو شهر ڦهلجندو ويو.
اوڀر پنجاب جي مختلف شهرن ۾ کيس مسلمانن جي ٿورائي ۾ هئڻ جي باوجود اها ڳالهه محسوس ٿئي ٿي ته اهي اتان جي غيرمسلم آبادي سان مٺ محبت سان رهي رهيا هئا. اردو جي ترقي لا هڪ سازگار ماحول هو ۽ گھڻا غير مسلم ان سلسلي ۾ سرگرم هئا.
آگره سندس لا هڪ اهم شهر آهي. هتي هڪ ته تاج محل آهي. ان کي اڳ روضه ممتاز محل چيو ويندو هو پو اهو تاج محل سڏجڻ لڳو.
ٿورو پرتي اسڪندريا جي علائقي ۾ اڪبر اعظم جي قبر جي صورتحال افسوس جوڳي آهي. اتي قبر مٿان رڳو هڪ بلب ٻري رهيو هو. جاٽن حملو ڪري ان عظيم حڪمران جي قبر مان سندس هڏن کي ڪڍي باهه ڏني هئي جنهن کي وري ٺيڪ ڪيو ويو.
هو يوپي مان بهار ۾ داخل ٿئي ٿو جتي سهسرام ۾ شير شاهه ۽ سندس پٽ اسلام شاهه جون قبرون آهن. هتي شير شاهه جي مزار سميت گھڻن جاين تي ننڍا ننڍا مندر ٺاهي والار ڪئي ويئي آهي.
هتان هو بنگال ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ شانتي نڪيتن وغيره مان ٿيندو پنهنجي آخري منزل ڪلڪتي ۾ داخل ٿئي ٿو. ڪلڪتي جي آبادي ۾ وڏو حصو ڀارت جي ٻين رياستن ۽ شهرن مان آيل ماڻهن جو آهي.
ليکڪ جڏهين اهو سفر ڪري رهيو هو ته ان وقت جي ڀارت جي وزيراعظم راجيو گانڌي شهر جي مجموعي صورتحال کي ڏسندي بيان ڏنو هو ته ڪلڪتو هڪ مرندڙ شهر آهي. ليکڪ شهر ۾ ان سلسلي ۾ صحافين ۽ ٻين مختلف ماڻهن کان رايا ورتا پر اهي ان سلسلي ۾ ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق نه هئا. بهرحال شهر جي هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي حيثيت آهي ان کي ائين نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي.
ان سڄي سفر مان ليکڪ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته مجموعي طور ٽي وي، ريڊيو ۽ ٻين ايجادن جي ڪري ماڻهن جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. ساڳي وقت انهن ۾ اڳ واري مٺ محبت نه رهي آهي. افراتفري ۽ انفراديت وڌي ويئي آهي.