ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جماعت اسلاميءَ جو نفرت ڀريو رويو

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ جي تازو وڊيو مون پاڻ ٻڌي آھي. پنهنجي بيان ۾ هن سنڌ خلاف نفرت جو اظهار ڪيو آھي. اهو ڪو پهريون ڀيرو ڪونهي، ان کان اڳ به مون سندس کوڙ بيان پڙھيا آھن ته هو سنڌ جي وجود خلاف ڪيترا ڀيرا نفرت ظاهر ڪندو رهندو آھي. ڪجهه مهينا اڳ مون سندس سنڌ خلاف اعتراض واري بيان جو حصو پوسٽ ذريعي سندس پارٽي جي سربراه ڏانهن موڪليو هو جنهن مون کي ٻڌايو ته هن منهنجي پوسٽ واسطيدار پارٽي اڳواڻ کي موڪلي ڏني آھي.
بهرحال جماعت اسلاميءَ جي ڪراچي اڳواڻ کي شڪايت آھي ته اندرون سنڌ وارا ڪراچيءَ تي حڪومت ڇو ٿا ڪن. اهڙا اعتراض جوڳا بيان ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به جاري رکيا هئا. جڏهن عمران خان پوڻا چار سال وزيراعظم رهيو هو ته مون پوسٽ ڪئي هئي ته سندس چواڻي، اندرون سنڌ طرفان ڪراچيءَ جي حڪمراني ڪرڻ تي زورار مخالفت ڪئي هئي پر مون تڏهن مختلف ڪالم لکي کانئس پڇيو هو ته هو پاڪستان جو وزيراعظم آھي. ڀلا ٻڌائي ته ڇا سندس واسطو وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد سان آھي. مون کي جواب عمران خان هرگز ڪونه ڏنو.
منهنجي خيال ۾ رڳو سنڌ سان نفرت جو ڪاروبار مناسب ناهي. هاڻي به جماعت اسلاميءَ جي ڪراچي جو اڳواڻ حافظ نعيم به پراڻي دستور موجب نفرت جو ڪاروبار ڪندو رهيو آھي. اصل ۾ اهي چاهين ٿا ته سنڌ ٽوڙين يعني ڪراچيءَ کي الڳ ڪن. جماعت اسلامي اڳواڻ کي شڪايت آھي ته پ پ پ کي ڪراچيءَ ۾ گهٽ ووٽ ملن ٿا، سو ڪراچي الڳ ڪريو. منهنجي خيال ۾ اهو غلط بيان آھي. منهنجو سنڌ جي خيرخواهن کي نيڪ نيتيءَ سان عرض آھي ته هو سنڌ جي وجود جي دشمن جماعت اسلامي اڳوڻ حافظ نعيم ۽ پي ٽي آءِ سربراه عمران خان جي سنڌ دشمن بيانن جي سخت مخالفت ڪن پر افسوس پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواه سڏائيندڙ سنڌي گروپ عمران خان توڙي جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ جي سنڌ خلاف بيانن جي نفرت جي مخالفت نٿا ڪن.
اها به سچائي آھي ته جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سال 1972ع ڌاري سنڌي، سنڌ جي اڪيلي ٻولي ڊڪليئر ڪئي هئي ته جماعت اسلامي ان وقت سنڌي ٻوليءَ جي مخالفت ڪئي هئي. مان تن ڏينهن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي روزاني سنڌي اخبار “هلال پاڪستان” ڪراچي ۾ سب ايڊيٽر هئس ۽ جماعت اسلامي جا سنڌ دشمن بيان مون پاڻ پڙھيا هئا. مون سندن ويجهي آفيس ۾ وڃي ذاتي طور جماعت اسلامي جي روزاني اردو اخبار “جسارت” جي ايڊيٽر سان شڪايت به ڪئي پر هو مناسب جواب ڪونه ڏئي سگهيو.
تازو ڪراچي ۾ لوڪل حڪومتن جون چونڊون ٿيون آھن جن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پهرئين نمبر ۽ جماعت اسلامي ٻئي نمبر تي سيٽون کٽيون آھن پر جماعت اسلاميءَ جو اڳواڻ حافظ نعيم پ پ پ خلاف تنقيد ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته جماعت اسلاميءَ جي مقامي حڪومت هئڻ گهرجي. هونئن به ڏسجي ته جماعت اسلامي جو نفرت ڀريو اظهار اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ اتان جي ماڻهن سان به گهڻو هو.
اها سو سيڪڙو سچائي آھي ته اها ڳالهه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته پاڪستان دنيا جو پهريون مذهبي ملڪ آهي ۽ ان جي قومي ٻولي عربي هئڻ کپي ها پر جماعت اسلامي وغيره، اردو تي زور ڏئي اسلامي توڙي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃڻ جي مخالفت ڪئي. اسان جو عرض آھي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ جي مخالفن کي دل سان ننديو ته جيئن سنڌ دشمني ڇڏي ڏين.
بهرحال اسان جو مطالبو آھي ته

  1. جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم جي سنڌي دشمني جي سخت مخالفت ڪريو ۽ ساڻس ٽڪو ب رعايت ڪون ڪريو.
  2. جماعت اسلامي جي سربراه کي اپيل ڪريو ته جماعت اسلامي سنڌ سان نفرت هاڻي ڇڏي ڏئي.
  3. جماعت اسلامي جو پراڻو ڪردار سنڌ دشمن رهيو آھي تنهن کي بدلائڻ جو نيڪ نيتي سان اعلان ڪريو.
    بهرحال منهنجي ڇنڊڇاڻ موجب سنڌ دشمن جماعت اسلاميءَ جي مخالفت ضروري آھي پر جيڪڏهن سنڌ دشمني نٿا ڇڏين ته پوءِ جماعت اسلاميءَ جو نه رڳو بائيڪاٽ ڪريو پر سياسي مخالفت به ڪريو. ڇاڪاڻ ته هو ڪراچي ۽ سنڌ کي الڳ الڳ ڏسڻ چاهين ٿا ۽ اهو وڏو ظلم آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button