ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پوليس اسٽيٽ بڻيل سنڌ

Editorial

گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ هڪ اهڙي خطي جو نالو آهي، جتي لاش ڪرن ٿا، ماڻهو روڊ حادثن ۾ مرن ٿا، پوليس ڪوڙن مقابلن ۾ ماڻهو ماريندي دير نٿي ڪري ۽ ڌاڙيل شهرين کي سک جو ساهه کڻڻ نٿا ڏين. تنهن هوندي به سنڌ جا ماڻهو جيئڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. اغُوا، ڦرون، ڌاڙا ۽ قتل ڄڻ سنڌ جو تعارف بڻجي ويو آهي. ڪٿي پوليس ڪارروايون ڪري رهي آهي ته ڪٿي پوليس پاڻ شڪار ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا کي وڌ کان وڌ ڳڻتي هجڻ گهرجي پر لڳي ائين رهيو آهي ته سنڌ حڪومت لاءِ سڀڪجهه ٺيڪ آهي ۽ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو روزمره جو معمول آهي. ٻه ڏينهن اڳ جيڪي خبرون سنڌ جي اخبارن ۾ رپورٽ ٿيون آهن، انهن ۾ قتل، اغوائن ۽ ڦرن جون خبرون گهڻيون آهن. پر قادرپور ڀرسان جيڪو ڪهر ٿيو آهي، اهو ڳڻتي جوڳو آهي.
پوليس قادرپور روڊ لنڪ روڊ لڳ بگو واھه تي مقابلو ڄاڻائي ٻن ڀائرن سميت 5 نوجوانن کي ماري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس لاشن کي گھوٽڪي سول اسپتال منتقل ڪيو. اهڙي اطلاع تي وارث اسپتال پهتا. جڏهن ته پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس مطابق مارجي ويلن جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو جي رھواسي احسان عرف ڪجلو چاچڙ، عرفان ڇڄڻ، ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ ڏھرڪي واسي ٻن سڳن ڀائرن اختيار سولنگي، سچل سولنگي ۽ ڳڙهي ياسين واسي طور علي اڪبر ڪلھوڙو ٿي آھي. ان حوالي سان اي سيڪشن ٿاڻي گھوٽڪيءَ جي ايس ايڇ او ايوب ڊوگر ٻڌايو ته پوليس ٽيم سان گڏ گشت دوران قادرپور لنڪ روڊ تي ڄاڻايل ڏوھاري ڏوھه جي ارادي سان بيٺل ھئا، جن سان مقابلو ٿي پيو، نتيجي ۾ 5 ڏوھاري مارجي ويا آهن ۽ سندن 3 ساٿي فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا ھڻي رھيا آھيون. مارجي ويل ڏوھارين مٿان مختلف ٿاڻن تي 28 ڪيس داخل آهن، جڏھن ته وڌيڪ ڏوھي ريڪارڊ گھوٽڪي، سکر، شڪارپور ۽ رحيم يار خان ضلعن مان وٺي رھيا آھيون. دنيا ۾ ڏوهارين کي جهلڻ جا ڪئين سائنسي ۽ جديد طريقا موجود آهن پر اسان وٽ رڳو پراڻن ۽ روايتي طريقن سان ڪم ٽپايو پيو وڃي. سنڌ ۾ پوليس پاران ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي ماڻهو مارڻ جو سلسلو وڏي وقت کان جاري آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڪوڙي پوليس مقابلي جي ڪا شفاف جاچ ناهي ٿي جو پوليس وارن کي سزا اچي سگهي هجي.
ڪٿي به ڪو ڪوڙو مقابلو ٿئي ٿو ته ان واقعي جي جاچ ساڳي پوليس نٿي ڪري سگهي پر ٻئي ضلعي جي پوليس کي ڪرڻي هوندي آهي ته جيئن شفاف جاچ ٿي سگهي. هتي ماڻهو پوليس جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهن، جنهنڪري پوليس جنهن کي چاهي ماري سگهي ٿي، جنهن کي چاهي جيل ۾ واڙي سگهي ٿي. اسين سمجهون ٿا ته پوليس جهڙي کاتي کي ائين ڇڙواڳ نه ڇڏيو وڃي ۽ کيس ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته پوليس تي به قانون ۽ ضابظا اهڙي ريت لاڳو ٿين ٿا، جهڙي ريت عام شهري تي ٿين ٿا. تنهنڪري هن واقعي جي جاچ ڪرائي پوليس وارن کي سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button