عدليا کي اطلاع ڏنو ويو آهي ته سياسي پارٽيون پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري رهيون آهن. جڏهن ته هن ملڪ جو سورن ڀريو سفر جاري آهي. گذريل ڏينهن جنهن وقت سنڌ جي مشهور شهر سن جي ويجهو هڪ گاڏي مسافرن کي موت جي آغوش ۾ وٺي وئي هئي ۽ جنهن وقت حادثي جي هنڌ تي زخمي انسان تڙپي رهيا هئا، عين ان وقت ملڪ جي خوبصورت شهر سوات جي هڪ ٿاڻي ۾ بم ڌماڪي سبب هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي رت ۾ پاڻ ٻڏي ويا ۽ زخمي ڦٿڪي زندگيءَ جي طرف ورڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.
ڇا اهو سڀ ڪجهه قانون ۽ انصاف جي اڻهوند جو منظرنامو ناهي؟ ڪوئي ڪجهه به چوي ۽ لفظن جا ڪيترا به ڄار وڇائي پر حقيقت کي ڪنهن به صورت ۾ لڪائي ۽ ڇپائي نه ٿو سگهجي. حقيقت اها آهي ته اهو انڊس هاءِ وي آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ مسافرن جي لاءِ مقتل جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ وڏي بدقسمتي اها آهي ته اهوئي رستو لاڙڪاڻي طرف به وڃي ٿو ۽ اهم نقطو ته اهو روڊ جنهن شخص جي اليڪشني حد ۾ اچي ٿو، اهو سنڌ جو سي ايم آهي. ڪيترائي ماڻهو ان روڊ تي موت جو شڪار ٿيا آهن؟ ان جو حساب ڪتاب به تمام مشڪل آهي. پر افسوس ته پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت ۽ سنڌ سرڪار جي سرواڻ کان اهو نه ٿي سگهيو آهي ته هو اهو رستو ٽريفڪ جي حوالي سان محفوظ بڻائي. اهو چيو ويندو آهي ته اصل ۾ اين ايڇ وي وفاق جو محڪمو آهي. بلڪل آهي. پر ڇا ڪڏهن وفاق ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه هئي؟ پيپلز پارٽيءَ پورا پنج سال اقتدار جا مزا ماڻيا. پر اهو روڊ تعمير نه ٿي سگهيو. هن وقت به هڪ سال کان وٺي پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو اهم ترين حصو آهي. پر مجال ته اهو روڊ محفوظ ڪيو وڃي. جڏهن اهي ننڍڙا ۽ ضروري ڪم نه ٿين ته پوءِ حڪمرانن جي نيت تي شڪ ڇو نه ڪيو وڃي ته هو اصل ۾ ڪو به عوامي مفاد وارو ڪم ڪرڻ ئي نه ٿا چاهين. هن وقت به حڪمرانن جي لاءِ عوام کي بچائڻ اهم ناهي پر انهن کي تمام گهڻي تشويش آهي، پنهنجي ڪرسيءَ جي! اهوئي سبب آهي ته وزير اعظم هر طرح سان هٿ پير هڻي رهيو آهي ته ڪنهن به نموني هن جي حڪومت قائم رهي.
فوج پارليامينٽ جي ان ڪيمرا بريفنگ ۾ چونڊيل نمائندن کي سمجهائي وئي ته ملڪ جي مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جو حملو ٿيڻ وارو آهي. ڇو ته ٽي ٽي پي جا تيور اهو ٻڌائي رهيا آهن ته هو وري ملڪ تي بارود سان بدامني مڙهڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ سرڪار کي تر جيتري به تشويش ناهي. افسوس جي اظهار جو هڪ عام بيان جاري ڪري حڪمران پنهنجو فرض پورو ٿيل سمجهن ٿا. انهن کي باقي ڪا پرواهه ناهي ته ملڪ ڪنهن طرف وڌي رهيو آهي؟ اسان کي معلوم آهي ته سرڪار کي معلوم ڇو ناهي؟ اسان کي اڄ به چٽي طرح سان ياد آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردي شروع ٿي هئي ته ان جو پهريون نشانو ئي پاڪستان جو تمام حسين ۽ پرامن شهر سوات هو. سوات ۾ ان تحريڪ پنهنجي ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي هئي ۽ سوات ۾ ڇوڪرين جا اسڪول بمن سان اڏايا ويا هئا ۽ سوات ۾ ئي تمام وڏو آپريشن ٿيو هو ۽ سوات مان لکين ماڻهو بي گهر ٿيا هئا.
حڪومت جو اهو فرض هوندو آهي ته اها پنهنجي جنهن به جاءِ تي رٽ قائم ڪندي آهي ته ان هنڌ تي اهڙو بندوبست به ڪندي آهي جو وري ساڳي صورتحال پيدا نه ٿي سگهي پر هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ سوات وري خطري ۾ آهي ۽ سوات ۾ هي ڌماڪو اعلان آهي ته امن جا ويري وري پرامن عوام جي زندگين ۾ زهر شامل ڪرڻ جون ڀرپور تياريون ڪري رهيا آهن ۽ هو ڪنهن به وقت پرامن شهر ۽ ان جي شهرين جي مٿان ڪڙڪي پوندا. جڏهن پاڪستان جو هڪ خوبصورت ۽ انتهائي پرامن شهر ايڏي وڏي خطري ۾ هجي ته ان کي بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي ڀرپور ڪوششون وٺڻ گهرجن. پر سرڪار کي صرف سياست جو فڪر آهي.
عوام کي اهو حق آهي ته هو اهو سمجهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر لاقانونيت جي اهڙي سياسي راند کيڏي رهيا آهن، جنهن ۾ عوام جي مفاد جو ڪو ذرو پرزو به شامل ناهي. هڪ قسم جي بيحسي آهي. ڇو ته عوام هن مهل جنهن عذاب ۾ مبتلا آهي، ان مان عوام کي ٻاهر ڪڍڻ جي سلسلي ۾ سياسي پارٽين وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي، سواءِ اقتدار حاصل هجڻ جي! جڏهن به جنهن پارٽيءَ کان پڇا ڪئي وڃي ٿي ته هن جي نظر ۾ عوام جي عذاب جو خاتمو ڪيئن ٿيندو؟ ملڪ جا مسئلا حل ڪيئن ٿيندا ته هو ڪو پروگرام پيش ڪرڻ بدران صرف اهو چوي ٿو ته اسان کي اقتدار ڏيو ته اسان مسئلا حل ڪيون ۽ جڏهن انهن کي اقتدار به ملي ٿو ته هو پنهنجي ناڪاميءَ جو ذميوار پوئين حڪومت کي قرار ڏين ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هي چڪر اهڙي طرح سان هلندو رهندو ۽ ان ۾ عوامي ڀلائيءَ جو ڪو به امڪان پيدا نه ٿيو آهي ۽ نه وري پيدا ٿيندو.
پاڪستان هن وقت تمام وڏي مصيبت ۾ آيل ملڪ آهي. ڇو ته پاڪستان معاشي طور تي هر ڏينهن ڪمزور ٿي رهيو آهي ۽ ٻيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي پاڪستان جي تنهائي گهٽائڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا ڪري نه سگهي آهي. ان صورتحال ۾ سياست کي جيڪو فرض ادا ڪرڻ گهرجي، هن وقت تائين سياست اهو فرض ادا نه ڪيو آهي. ان جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته اسان جي سياست ۾ شايد اها صلاحيت ئي موجود ناهي، جيڪا ملڪن کي مسئلن مان ڪڍي سگهندي آهي ۽ جيڪا پرامن انقلاب برپا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت جي مالڪ هوندي آهي. اسان جي سياست ان حوالي سان منفي آهي. ان کي هڪ حڪومت ڪيرائڻ ته اچي ٿي پر ان ۾ ملڪ بچائڻ وارو گڻ موجود ناهي. ان صورت ۾ اسان کي سوچڻ گهرجي ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيستائين ٿيندو رهندو؟
پاڪستان جي سلسلي ۾ اسان کي اها شيءَ ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن به سياستدان ۾ اسان ڪوشش سان صلاحيت پيدا ڪري نه ٿا سگهون. ڇو ته سياسي سمجهه فطرت جو تحفو هوندي آهي. اهو جنهن کي مليو، تنهن کي مليو. اهو ڪو فرمائش تي حاصل ٿيندڙ يا پئسي سان خريد ڪري سگهجندڙ شيءَ جو نالو ناهي. ان ڪري اسان ان سلسلي ۾ ڪنهن کي مجبور ڪري نه ٿا سگهون. پر سوال اهو آهي ته اسان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ملڪ کي قانون مطابق ته هلائي سگهون ٿا. جيڪڏهن اڄ به اسان جي زندگين ۾ قانون جو ڪردار ڀرپور انداز سان پنهنجي وجود جي گواهي ڏيندو هجي ته ڪو به سبب ناهي جو اسان گهٽ ۾ گهٽ بدامنيءَ ۽ بدانتظاميءَ سبب ضايع ٿيندڙ انساني زندگيون بچائي نه سگهون. اسان کي ان سلسلي ۾ قانون جو پاسو وٺڻو پوندو. پر سوال اهو آهي جيڪو قانون معاشرا محفوظ رکڻ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. جيڪو قانون ملڪ کي جهنم مان جنت ۾ تبديل ڪندو آهي. اهو قانون ڪٿي آهي؟