رانديون

جارجينا رونالڊو سان خراب تعلقات واري ڳالهه افواهه قرار ڏني

فٽبال جي عظيم رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو جي پارٽنر جارجينا روڊريگز اسپينش رسالن ۾ ڇپجندڙ ان رپورٽ کي افواهه قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق جارجينا روڊريگز سماجي رابطن واري پيج تي آسمان جي تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ قول لکيل آهي تھ، حسد افواهن کي جنم ڏيندو آهي ۽ بيوقوف انهن تي ڀروسو ڪندا آهن. ياد رهي تھ اسپينش ميڊيا خبر ڏني هئي تھ جارجينا ۽ رونالڊو وچ ۾ تعلقات خراب ٿي ويا آهن ۽ جوڙو علحدگي جي موڙ تي اچي پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button