آمريڪا جي چئن رياستن ۾ گهمڻ دوران جڏهن مختلف صحافتي ادارن ۽ شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون ته تعارف ڪرائڻ مهل هڪ ته سنڌي صحافي هجڻ واري ڳالهه هئي ۽ ٻيو تعارف سنڌ ۽ ان ۾ به خاص طور موهن جو دڙو جو ذڪر هوندو هو. پر ڇا ڪنهن ڌرتيءَ جي سڃاڻپ رڳو ڪو قديم آثار ۽ اجرڪ ئي هجڻ گهرجي. دنيا ۾ جيڪي به پراڻين تهذبين وارا ملڪ آهن، جيئن مصر، هندستان ۽ چين وغيره، اتان جا ماڻهو ڪڏهن اهو نٿا چون ٿا ته اسين اهرام مصر جا مالڪ آهيون، هندستان جا ماڻهو ٻاهر وڃي اهو نٿا ٻڌائين ته تاج مهل اسان جي سڃاڻپ آهي يا چين وارا ديوار چين جو تعارف نٿا ڪرائين. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ هر شعبي ۾ ايترا ته ڀڙ آهن جو انهن کي قديم آثارن جي باري ۾ ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪونه ٿي پوي ۽ اهي ملڪ ٽوئرزم لاءِ گهڻا مشهور پڻ آهن. انهن وٽ سائنس آهي، ٽيڪنالاجي ۽ دنيا جا جديد ترين علم آهن. تنهنڪري اهي رڳو پنهنجي ملڪ جو نالو وٺن ٿا ته اهو تعارف ئي کوڙ آهي پر اسان کي اجايو اها ضرورت محسوس ٿيندي آهي ۽ اسين جتي ڪٿي موهن جو دڙو موهن جو دڙُو ڪندا رهندا آهيون.
آمريڪا پاڻ قديم تهذيبن جو ڳڙهه رهيو آهي. برطانيا ۽ ڪرسٽوفر ڪولمبس جي اچڻ کان اڳ ۾ جيڪي اصلوڪا ماڻهو آمريڪا ۾ آباد هئا، انهن جون پنهنجون تهذيبون هيون. اهي سلطنتن جا مالڪ هئا، پر هاڻ اهي ماڻهو وڃي 3 سيڪڙو رهيا آهن، اتي هاڻ ڪنهن به اصلوڪي ماڻهو کي ريڊ انڊين چوڻ ڏوهه آهي. جيڪڏهن آمريڪين کي ان ڌرتيءَ جي قديم تهذيب ايتري پياري هجي ها ته اهي ڪڏهن به ان جو خاتمو نه ڪن ها ۽ نه ئي انهن ماڻهن کي هڪ خاص حصي تائين محدود ڪري ڇڏين ها. اڄ انهن ماڻهن مان بنهه ٿورا ئي پنهنجي اصلوڪي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ لوڪ ادب جا گيت ڳائين ٿا.
پراڻيون تهذيبون ڀلي ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هجن ۽ ان ۾ ڪنهن به قوم جون ميخون کتل هجن پر ڇا ڪابه قوم ماضي جي شاهوڪار ورثي آهر جي سگهي ٿي. اها هن جديد دنيا جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. اها پل پل ۾ تبديل ٿيندڙ هاڻوڪي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهي ٿي. اسين جڏهن دنيا کي ٻڌايون ٿا ته اسين پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا مالڪ آهيون ۽ موهن جو دڙو اڄ دنيا لاءِ هڪ عجوبو آهي ته ڪجهه وقت لاءِ ٻڌندڙن کي اها ڳالهه وڻي ٿي، انهن جا وات پٽجيو وڃن پر اڄوڪي سنڌ ڇا آهي، ان جو تعارف ڪرائڻ لاءِ اسين تيار ڪونه آهيون.
آمريڪا کي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ڪونهي ته سنڌ ڪيتري قديم آهي، سنڌ ۾ موهن جو دڙو ڪيئن هو، ان کي ان ڳالهه سان دلچسپي آهي ته اڄوڪي سنڌ دنيا جي ڊوڙ ۾ ڪٿي بيٺل آهي. ان وٽ دنيا کي آڇڻ لاءِ ڇا آهي؟ ڇا ان وٽ جديد سائنس موجود آهي، ان وٽ ڪو اهڙو ادب ۽ ڪا اهڙي اخلاقيات موجود آهي، جنهن کان دنيا متاثر ٿي سگهي. تنهنڪري اها به اسان جي هڪ احساس محرومي ئي آهي جو اسين جتي ڪٿي موهن جي دڙي جو تعارف ئي پيش ڪندا رهندا آهيون. پنهنجي پراڻ پسنديءَ جي باري ۾ وڏي واڪي ڳالهائيندا آهيون ۽ اهي ئي گسيل پٽيل ڳالهيون هر فورم تي بيان ڪندا رهندا آهيون.
تهذيبن جو تعارف هڪ حد تائين ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن هن خطي جو تعارف رڳو هڪڙُو ماڳ هجي ته ان جي معنيٰ آهي ته اسان وٽ ٻيو ڪجهه به ناهي. تنهنڪري آمريڪا کي جيڪڏهن تهذيبن سان ايترو ئي پيار هجي ها ته هو ڪڏهن به اصلوڪن ماڻهن جو خاتمو ڪري آمريڪا کي ايترو جديد نه بڻائي ها. جيتوڻيڪ آمريڪا جي ان عمل جي حمايت نٿي ڪري سگهجي پر وقت گذرڻ سان تهذيبون، ماڳ مڪان، سماجي رهڻي ڪهڻي ۽ شيون نوان نوان روپ ڌارينديون رهنديون آهن.
ان ڪري سنڌ جو تعارف هاڻوڪو هجڻ گهرجي، جيتوڻيڪ اهو تعارف ڪو ايترو سٺو ڪونهي پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ ڪئين معاملا پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻا سٺا آهن. جن ۾ مذهبي رواداري، سيڪيولر سوچ ۽ سياسي سجاڳي جهڙا معاملا اچي ٿا وڃن. باقي اسين هاڻ دنيا کي رڳو موهن جي دڙي وسيلي متاثر نٿا ڪري سگهون. ڇاڪاڻ ته دنيا جي گهڻائي به موهن جي دڙي کان واقف ڪونهي.