ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڌمڪين ۽ گرفتارين دوران هلندڙ ڳالهين جا دور

عمران خان لاءِ چيو پيو وڃي ته هن جو ڪيلي تان پير تِرڪي ويندو آهي، پر اتحادي حڪومت سان ڳالهين دوران پارٽيءَ جي صدر جي گهر تي چڙهائيءَ جي باوجود هو ڳالهين کي جاري رکڻ جا اشارا ڏئي رهيو آهي. سياست ۾ انتهائي ڏکين حالتن ۾ به صبر جو پيمانو برقرار رکڻ انتهائي اهم هوندو آهي، ساڳي ريت سپريم ڪورٽ جي دٻاءُ جي باوجود نه فقط حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين کي گهڻو سنجيده نه وٺي رهي آهي، پر جنهن قسم جون سياسي اڳڀرايون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ عمران خان ڪنهن جي “مٺ يا پٺ” جي زور تي هر صورت ۾ هڪ ڏينهن چونڊن جو خواهشمند آهي، هو اهو به چاهي ٿو ته ڪنهن به صورت ۾ سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نه ٿئي، ان کان اڳ هو موجوده چيف کي ايڪسٽينشن ڏيڻ ۽ ان کانپوءِ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر کي چيف جسٽس جي عهدي تي ڏسڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي. عمران خان جي خوابن ۽ خيالن جي ابتڙ وري ملڪ جي وڪيل برادريءَ کان وٺي، سياسي پارٽيون ۽ اهي جيڪي ملڪ کي قائم ڏسڻ گهرن ٿا، انهن جو پڪو ارادو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ بلوچستان سان واسطو رکندڙ قاضي فائز عيسيٰ کي ملڪ جي اعليٰ عدالت جو چيف جسٽس ئي بڻائيندا. جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته ملڪ جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويندو.
هن ملڪ جي مستقبل جي سياسي منظرنامي جوڙڻ لاءِ جتي اعليٰ عدليا جو اهم ڪردار بڻجي سامهون آيو آهي، اتي ججز جي ويجهن مائٽن جي آڊيو ٽيپس وري سندن مورال کي به ڊائون ڪيو آهي، ان ڪري هو ان اعتماد سان فيصلا ڪري نٿا سگهن. آڊيو ٽيپس جو سامهون اچڻ معمول ٿي ويو آهي، هي ٽيپس ٻڌائين ٿيون ته ڪيئن سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس، جنهن جي فيصلي عدليا جي عزت ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو، ثاقب نثار، پنهنجي پٽ ذريعي سياسي ۽ معاشي فائدا حاصل ڪري رهيو آهي. هن جي پٽ جي آڊيو وري نئون پنڊورا باڪس کوليو آهي، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ثاقب نثار نه ئي اڳ فيئر جسٽس جو حامي هو، نه ئي وري هو هاڻ فيئر ڊيلز ڪري رهيو آهي.
موجوده حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ جي تياريءَ ۾ مصروف آهي، پر ان ۾ ڪيتريون رنڊڪون آهن.آمريڪا، جيڪو آءِ ايم ايف جي شيئرز ۾ گهڻي اهميت رکي ٿو، ان ڪري هن جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ Say به وڌيڪ آهي، اهو پنهنجن سينيٽرز ذريعي عمران خان جي حق ۾ لابنگ کان متاثر ٿيندي نظر اچي پيو، پر ان سان گڏ هي به چئي پيو ته عمران خان جي ڀيٽ ۾ شهباز شريف سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ سولائي ٿي رهي آهي. آمريڪي سينيٽرز عمران خان کي پنهنجو سياسي اثاثو سمجهن ٿا، ان ڪري هو چاهين ٿا ته جيترو جلد ٿي سگهي، پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿين ته جيئن ڪنهن به طريقي سان عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم ڏسي سگهن. عمران خان به ساڳي ايجنڊا تي عمل ڪري پيو ته ڪنهن به ريت هو هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ۾ اچي وڃي ته جيئن مخالفن کي سبق سيکاري سگهي. عالمي مالياتي فنڊ لڳاتار ڪن لاٽار ڪري رهيو آهي. موجوده اتحادي حڪومت ان جا سمورا عوام دشمن شرط قبول ڪري ڇڏيا، پر عالمي ادارو به چاهي ٿو ته ايندڙ بجيٽ لاءِ امدادي رقم فراهم نه ڪري ته جيئن موجوده حڪومت عوام کي ڪو جوڳو رليف فراهم نه ڪري سگهي، ان سان چونڊن دوران حڪومت کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. ان ڪري هي خبرون سامهون اچن پيون ته شايد بجيٽ سپورٽ لاءِ آءِ ايم ايف پاڪستان سان ڊيل نه ڪندي. سرڪاري طور نه ئي سهي پر غير سرڪاري پيغام موڪليو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪا ڊيل ٿي ته اها ايندڙ حڪومت سان ئي ٿيندي. ان سان موجوده حڪومت جون معاشي مشڪلاتون گهڻيون وڌي وينديون.
اتحادي حڪومت جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندڙ پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ اهم ميمبر فواد چوڌري به ڌمڪي واري لهجي ۾ چيو آهي ته، جيڪڏهن اتحادي چونڊن جي تاريخ نٿا ڏين ته هو لانگ مارچ جي حڪمت عملي جوڙي چڪا آهن. اها ڳالهه عمران خان به ڪري ٿو، حڪومتي نمائندا سمجهن ٿا ته هي انهن تي دٻاءُ وجهڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. حڪومت جي اندر،ڪيترائي اهڙا اڳواڻ موجود آهن، جيڪي ڳالهين کي جاري رکڻ جي حق ۾ ناهن. هاڻ ته اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف به ساڳي نوعيت جو تاثر ڏئي رهيو آهي ته ڳالهين بدران پي ٽي آءِ کي سڌو ڪرڻ گهرجي ۽ عمران خان سان ماضي جو حساب برابر ڪرڻ گهرجي. عالمي سطح تي نواز شريف کي وزير اعظم وارو ئي پروٽوڪول ملي رهيو آهي. هن کي سعودي عرب پاران شاهي مهمان جو رتبو ڏيڻ کانپوءِ هاڻ برطانيا به ساڳيو گس اختيار ڪري رهيو آهي.
حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه حلقا چاهين ٿا ته پنجاب ۾ چوڌري ڀائرن سان به حساب چڪتو ڪجي، ان ڪري شايد پهريون ڀيرو، چوڌري پرويز الاهيءَ جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪيو ويو. توڙي جو ان آپريشن کي مناسب قدم قرار نه پيو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڳالهين ذريعي اختلافن کي حل ڪرڻ واري اپاءُ جي واکاڻ ٿي رهي آهي، پر هي تاثر به سامهون آيو آهي ته موجوده سياسي سيٽ اپ ۾ عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ جي گهڻي گنجائش ناهي. ان حوالي سان اسٽيبلشمنٽ جو رويو به گهڻي اهميت رکي ٿو، جيڪا لڳاتار اهو تاثر ڏئي پئي ته عمران خان کي ٻيهر حڪمران بڻائي نٿو سگهجي. هو سمجهن ٿا ته اڳوڻي وزير اعظم اسٽيبلشمنٽ جي صفن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه مليو. جيڪڏهن ميان نواز شريف کُلي سامهون آيو ته ڳالهيون هوا ۾ اڏامي وينديون. هينئر ڏيهه توڙي پرڏيهه مان اتحادي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ باوجود صورتحال جيئن جو تيئن رهڻ جو اشارو ڏنو پيو وڃي. ان ڪري حڪومتي ڌر واضح طور چئي رهي آهي ته عالمي مالياتي فنڊ سان ڳالهيون ڪامياب ٿين يا ناڪام،هو ڪنهن به اهڙي حڪمران لاءِ رستو صاف نه ڪندا، جيڪو مستقبل ۾ سندن سياسي مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏي. ان ڪري عدليا اندر ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ اهم قدم کنيا پيا وڃن ۽ ججن کي Accountable to Parliament ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي. هونئن به عدليا سان ٽڪراءُ (ن) ليگ جي ڪيمسٽري ۾ شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button