رانديون

شعيب اختر تي پابندي اڳوڻي صدر آصف زرداري ختم ڪرائي

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي تيز بالر ۽ راوالپنڊي ايڪسپريس طور مشهور شعيب اختر انڪشاف ڪيو آهي تھ ماضي ۾ مٿس لڳايل پابندي کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ختم ڪرايو. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن پنهنجي ڪتاب جو ٽڪرو پڙهندي انڪشاف ڪيو تھ شروعات ۾ مون تي 2 سالن جي پابندي لڳي، مون هڪ وزير کي فون ڪيو، جنهن گهر سڏايو، پر ان ملاقات نھ ڪئي ۽ گيٽ تان ئي ذليل ڪري واپس ڪري ڇڏيو. شعيب اختر جو چوڻ هو تھ بعد ۾ مون تي 5 سالن لاءِ پابندي لڳي، تھ منهنجو دوست فيصل بٽ مون کي آصف زرداري وٽ وٺي ويو، جنهن پي سي بي جي ان وقت چيئرمين نسيم اشرف کي فون ڪري چيو تھ شعيب اختر اسان جو ماڻهو آهي، جنهن کي آئي پي ايل بھ کيڏڻي آهي، تنهنڪري ان تان پابندي ختم ڪرايو، جي نٿا ڪرايو تھ ٻيو چيئرمين لڳرايان. هن چيو تھ نسيم اشرف ان وقت ئي پابندي کي ختم ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button