ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي کوٽ ڀوڳيندڙ نندي ۽ دمبالي جا آبادگار

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مختلف ضلعن ۽ تعلقن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيندا رهندا آهن، ڇاڪاڻ ته آبادگار جڏهن به فصل پوکڻ لڳندا آهن ته پاڻيءَ جي کوٽ شروع ٿي ويندي آهي، خاص طور سنڌ ۾ لاڙ وارن علائقن ۾ صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي، نتيجي ۾ آبادگار هڪ پاسي پاڻيءَ لاءِ پريشان هوندا آهن ته ٻئي پاسي وري اهي معاشي بدحاليءَ جو شڪار لڳا پيا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته فصل وقت سر نه ٿيڻ ڪري انهن جي سيڙپ ٻڏي ويندي آهي. پر ڪڏهن به آبپاشي کاتي يا ارسا ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ منڍ جا آبادگار واڌو پاڻي کڻي رهيا آهن ۽ انهن جا فصل سٺا ٿي رهيا آهن ته ان مان ظاهر آهي ته اهي پوڇڙي جي آبادگارن جو حق کائي رهيا آهن. پر بدين توڙي ٺٽي جي آبادگارن جي دانهن ڪڏهن ٻڌي ئي ڪونه وئي آهي، جڏهن ته انهن وڏي سطح تي احتجاج پڻ ڪيا آهن. ايستائين جو اهي آبادگار پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ کان اسلام آباد پڻ ويا آهن. پر تنهن هوندي به انهن جي احتجاج کي اڻ ٻڌو سمجهيو ويو آهي. اڄ به آبادگار ساڳي ريت پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڪالهوڪي آيل رپورٽن موجب نندي ۽ نئون دمبالو شهرن ۾ آبادگارن پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. نندي شهر ۾ ٽيل آبادگار ايسوسيئشن جي سڏ تي آبادگارن ۽ هارين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. سندن چوڻ هو ته آبپاشي ۽ سيڊا عملدارن اڪرم واهه کي سڪائي ڇڏيو آهي. پاڻي پئسن تي وڪرو ٿي رهيو آهي. پوڇڙ جي آبادگارن کي سڪائڻ جو سلسلو بند ڪري اڪرم واهه ۾ ترت پاڻي ڇڏيو وڃي. جڏهن ته نئون دمبالو ۾ نصير ڪئنال جا گيٽ بند ڪري پوڇڙ جي آبادگارن کي سڪائڻ خلاف آبادگارن احتجاج ڪيو. پوڇڙ جي آبادگارن پريس ڪلب آڏو پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو جا نعرا هنيا. سندن چوڻ هو ته انجنيئر نصير ڪئنال ۽ ايس ڊي او سنجر چانگ رشوت وٺي منڍ جي آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن. نئون دمبالو کان پاڻيءَ جا گيٽ بند ڪيا ويا آهن، جنهن سان آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي. ٻنهي شهرن جي آبادگارن جون شڪايتون جائز آهن ۽ اهي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن. جيڪڏهن سيڊا يا آبپاشي کاتو به انهن کي پاڻي ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن ته پوءِ انهن آبادگارن جي مسئلي کي ڪير حل ڪندو.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ سنجيده نوعيت جو مسئلو آهي، جنهن کي جيترو جلدي حل ڪجي ته بهتر آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن پاڻي کي کوٽ ٿئي ٿي ته اها کوٽ سڄي سنڌ کي ڀوڳڻ گهرجي. جيڪڏهن رڳو پوڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي هڪ حصي ۾ فصل تيار ڪرڻا آهن ته ان سان گهڻو نقصان ٿئي ٿو. تنهنڪري آبپاشي کاتو ۽ سيڊا پئسن تي پاڻي وڪڻڻ جو سلسلو بند ڪن ۽ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائين ته جيئن پوڇڙ جي آبادگارن جو معاشي قتلام بند ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ لاڙ جا آبادگار تباهه ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button