ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“هڪ مهمان ڇوڪري” ناول تي آئون ڇو لکان؟ – I

مون جمال ابڙي جي پيراڻي، امر جليل جي شالي، آغا سليم جي سنڌو، علي بابا جي ڀاڳان، طارق عالم ابڙي جي سنجها، مهتاب محبوب جي صنم، مرزا نادر بيگ جي موهيني، لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا جي سروري ۽ زبيده بيرواڻيءَ جي آراڌني تي لکيو هو ۽ اڄ انور ابڙي جي ٻاگهي (اناميڪا) تي لکان پيو. راجا انور 70 جي ڏهاڪي ۾ لکيل ۾ ناول "جهوٽي روپ ڪي درشن" وانگي ٽيڪنيڪلي لکيل خطن جي صورت ناول (Epistolary novel) "هڪ مهمان ڇوڪري" کي پڙهڻ وقت ناول جا لفظ اسان جي ڪنن جي اکين سان ڳالھيون ٿا ڪن، 

ناول نگار چاھي ها ته ناول جي بلڊنگ کي حد درجي کان وڌيڪ وڻندڙ تشبيهن ۽ استعارن جي فارسيلنگ سان سجائي پئي سگهيو پر نه، ميگزين جي دنيا جي هن دلاور وٽ مخصوص صفحن جي صف ۾ لفظن کي ساريکو سمھاري ٻنهي جي بچت جي مهارت آهي. انور ابڙو ڪھاڻين جو ماھر ۽ مھانگو درزي آھي. ھن کي خبر آھي ھڪ دل کي ڀاڪر پائي بيھي رھندڙ ڪھاڻيءَ لاءِ لفظن جي تاڪيي مان ڪيترو ڪپڙو ڪٽڻ کپي.
سندس هي ناول خط ۽ ڪتابت وانگر اي ميلز سان شروع ٿيل پريم ڪهاڻي آهي پر 90 سيڪڙو سچي پريم ڪٿا لڳي ٿي. بلڪل ايئن ئي جيئن ڪنهن زماني ۾ غلطي سان پر صحيح ايڊريس تي پهتل پريمي جو خط، اهو پريمي جيڪو پهرين ئي پريميڪا جي وڇوڙي سبب ٽٽل، ڀريل وکريل هجي ۽ پنهنجي مٿي تي يادن جو وزن کڻي موکي متارن ۽ مورڙي ميربحر جي ماڳن جي بلڪل وچ ۾ زندگي گذارڻ جا جتن ڪندو هجي. اهڙي صورتحال ۾، زندگيءَ جي اهڙي ذليل گهڙين ۾ اوچتو کيس مليل ٻاگهي جو پيغام ڄڻ اسيريءَ ۾ عمر وڃائيندڙ اسير کي مليل رهائي جو حڪم نامون. پوءِ ڪيئن ڪهاڻي اڳتي وڌي، اوپرا هڪٻئي جا ٿيا، وري هڪٻئي کان اوپرا ٿي ويا. احساسن کي لوڏيندڙ انداز ۾ بيان ٿيل آهي.
ناول جي ٻنهي ڇاپن تي تمام گهڻو لکجي چڪو آهي ۽ لکجي به پيو، اڃا به تمام گهڻو لکجي سگهجي ٿو ۽ پڪ اٿم ته لکيو به ويندو پر شارٽ ڪٽ ۾ ٻڌائيندو هلان ته ڪينيڊا ۾ رهندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي سنڌ ڄائي اناميڪا (انا يا ٻاگهي) ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سوڍي جي رانگ نمبر تي شروع ٿيل تجسس تي ٻڌل ميسجز، ڪالن ۽ ايميلز جو سلسلو بي انتها محبت تي پڄي ٿو. جڏهن ته سوڍو اڳ به چندرا کان بيوفائي جو ڏوهاگي هو. سوڍي جي وجود تي چندرا جو نه مٽجندڙ احساس سدائين هر هنڌ حاوي رهي ٿو. جيئن ڪنهن سلجهيل ماڻهو کي آبسيسو ڪمپلسو ڊس آرڊر OBSESSIVE COMPULSIVE DISORDER هجي. سوڍي جو ڪردار مايوس، پنهنجي ذات ۾ قيد، چندرا جي وڇوڙي ۾وڃايل، سادو ۽ پيار سان مليل تخلص “ڪنو” آهي. جڏهن ته اناميڪا جو ڪردار، چنچل، چاهيندڙ، دلير، محبتي، ارڏو، ٽھڪ ڏيندڙ ۽ حساس آهي. چندرا ٻئي ڪنهن جي ٿي ٿي وڃي. انا (ٻاگهي) سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن جي نالي ٿي تي وڃي. ڪراچيءَ ۾ رھندڙ طاھرا ڳوٺ ۾ ڪنهن جي نالي ٿيل ھوندي آهي. جڏهن ته سوڍو ھنن ٽنھي جي نالي ھوندي به ڪنهن جو نه ھو. پر وري به هنن مان هڪ جو ٿي ٿو وڃي.
هي ناول آئون لکان ها ته کيس ڪھڙو ٽائٽل ڏيان ها؟ “متان چندار جو فون ھجي” يا “انڊين بيوٽي” يا وري “مان پاڻ کي ڪاڏي ڪيان؟” پر “هڪ مهمان ڇوڪري” سڄي داستان جي هيڊنگ آهي. هي ناول تمام سادي نموني لکيل آهي جنهن ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي نه ئي ڪٿي اجائي لفاظي جو استعمال ٿيل آهي بلڪل لفظ به لفظ ائين سادگيءَ سان لکيل آهن، جيئن 13 مهينن جو معصوم ٻارڙو پنهنجي پيءُ جي آڱر پڪڙي هڪ هڪ وک کڻي هلندو رهي ٿو ۽ منظرنگاري به تمام سهڻي آهي جهڙوڪ، “اکين جي ڳچيءَ ۾ لڙڪن جو مالھائون”، “سارين جا سونا سنگ حسين ڇوڪرين جي ڳچين ۾ سونا ھار”، ٽھڪن جي لغڙن جون ڏوريون مٿان وري نج ٻولي جهڙوڪ رڌل ھڏي ڀت، مٿي کي منڊا ڏيئي ويھڻ، پيار جي اوک ڊوک، تڏي کڻڻ کانپوءِ ڪيل مٿي ڌو. انهي سان گڏوگڏ هن ناول جي اهم ڳالهه حقيقت نگاريءَ جا جز ۽ حقيقي واقعن جو بيان آهي جهڙوڪ، 94 سال جي ڄمار جي سوڀي گيانچنداڻي جو ذڪر، سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پيش ايندڙ جيءُ جھوريندڙ واقعن جو به ذڪر، جيئن ميرپورخاص ۾ ٻارڙيءَ سان ڏاڍائي بعد باهه ڏئي ساڙڻ، ڪنهن آفيس ۾ تازو پرڻجي آيل ڇوڪريءَ کي آفيس جي سربراهه پاران دوستيءَ جي آڇ تي ڇوڪري پاران چماٽ واھي ڪڍڻ، دھليءَ ۾ پيش آيل نرڀيا قتل ۽ ريپ ڪيس ۽ اھڙن سمورن واقعن تي خاموشيءَ جو مجسمو بڻيل اسان جو سماج، وائيٽ ھائوس اڳيان آمريڪا ۾ عورتن جو احتجاج، بل ڪلنٽن ۽ وائٽ ھائوس جي ملازمه مونيڪا جو افيئر، پي ٽي ويءَ تان نورلھديٰ شاهه جو لانگ پلي غلام، حويليءَ جا راز وغيره، ناول ۾ موجود پريم ڪٿا سان گڏوگڏ سماج جي ڪٿا ۽ ڪارگذاري آهي. (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button