ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ وياج جو ڪاروبار

Editorial

ملڪ ۾ قانوني طور ڪنهن به شهري کان پئسن عيوض وياج وٺڻ ڏوهه آهي پر ملڪ ۾ جتي ڪٿي وياج جي وبا هلندڙ آهي. ان صورتحال کي جاچڻ کان پوءِ اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته سنڌ ۾ هزارين ماڻهو وياج جهڙي وبا جي وڪڙ ۾ آهن ۽ اهي گذريل ڪيترن سالن کان وياجين جي چنبي ۾ آهن. ڪئين خاندان اهڙا پڻ آهن، جيڪي وياج ڀري نٿا سگهن، نتيجي ۾ انهن جا گهرڀاتي نه رڳو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن پر اهي ڄڻ ته غلاميءَ واري زندگي پيا گذاريندا آهن. وقت تي پئسا واپس نه موٽائڻ تي وياجي ماڻهن کي تنگ ڪندا آهن، انهن کي ڌمڪائيندا آهن ۽ انهن تي تشدد پڻ ڪندا آهن. پر تنهن هوندي به وياج جو ڪاروبار زورن تي آهي. ڪوبه اهڙو مسڪين ماڻهو ڪونهي، جيڪو ڪنهن وياج خور جي ظلم کان بچي سگهيو هجي. ايستائين جو ڪي اين جي اوز به ان ڪاروبار ۾ ملوث آهن. تنهنڪري ٻهراڙين جا غريب ماڻهو وياجين وٽ چئوکنڀا ڦُاٿل آهن ۽ انهن لاءِ وياج جي ڌٻڻ مان نڪرڻ ڄڻ ته ممڪن ئي ڪونهي. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ لک رپين تي هيستائين 14 لک 80 هزار رپيا وياج ڏنو ويو آهي.
رتيديري ۾ سبزي منڊي پاڙي جي رهواسين محمد پناهه ۽ ناظم جلباڻي مبينا طور وياج تي پئسا ڏيندڙ عورت خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته 7 سال اڳ اسان جو ڀاءُ مسعود جلباڻي بيمار ٿي پيو هو، جنهن جو علاج ڪرائڻ لاءِ حسن پور محلي جي رهواسڻ بشيران جلباڻي کان هڪ لک رپيا وياج تي ورتا هئا، جنهن تي 14 لک 80 هزار رپيا وياج ڀري ڏنو آهي پر ڄاڻايل عورت اسان خلاف رڻ ٻاري ويٺي آهي ۽ اڃا به اسان تي 15 لک رپيا وياج جا ٻڌيو ويٺي آهي، اسان پنهنجو مال متاع ۽ زمين وڪرو ڪري پئسا ڏنا آهن پر ڄاڻايل عورت گذريل ڏينهن 4 هٿياربند وٺي گھر تي چڙهائي ڪرائي سامان ٽوڙيو ۽ پئسا توڙي سامان به کڻي وئي، هن جا اسان تي لڳايل الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن. وياجي عورت ڪنهن معزز وٽ اسان سان ڳالهيون ڪري ته اسان تيار آهيون، باقي اسان غريبن سان ڏاڍ نه ڪري. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان اپيل ڪئي ته معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪري انصاف ڏياريو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته وياج سنڌ توڙي ملڪ ۾ ڪنهن وبا کان گهٽ ڪونهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو به وياج تي پئسا کڻن ٿا اهي تمام گهڻو ڀوڳين ٿا. غريب ماڻهو ضرورت وقت ڪنهن سيٺ يا پئسي واري ماڻهو کان ان اميد تي پئسا کڻندا آهن ته وقتي طور اهي تڪليف مان نڪري ويندا پر هي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪيئن به ڪري وياجين خلاف حڪومتي سطح تي ڪارروائي ڪئي وڃي، انهن کي انساني زندگين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ جيڪي ماڻهو به غريب ماڻهن جي مجبورين جو فائدو وٺي رهيا آهن، انهن خلاف اپاءَ ورتا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button