ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ۽ بلاول ڀٽو زرداري

Editorial-Article- Adil Ali

عادل علي
ڀارت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو موجوده پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان 12 سالن کانپوءِ ڀارت جو دورو ڪري رهيو آهي. شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (SCO2001) ۾ قائم ٿي جنھن جو بنيادي مقصد علائقائي دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ خطي ۾ سيڪيورٽي معاملن ۾ شامل ڪيو ويو. هن تنظيم جو ڌيان خطي ۾ علائقائي امن ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ رهيو آهي.
پاڪستان جيڪو گذريل حڪومت جي ان اثرائتي پرڏيهي پاليسين سبب عالمي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي چڪو هو، يا ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته بڻايو ويو هو! اهڙي صورتحال ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جو پرڏيهي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ هڪ انتهائي مشڪل فيصلو هو جنهن کي اندرين توڙي ٻاهرين هر محاذ تي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو آهي، پر پاڪستان جي پرڏيهي وزير کي هر محاذ تي قبوليت ملي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ڪامياب پرڏيهي وزارت واري دور ۾ هن وقت تائين ڪيترائي اهم معاملا سامهون آيا آهن، جن سان پاڪستان کي پنهنجي وڃايل ساک ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. جن ۾ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نڪرڻ، برطانيا پاران ٽين دنيا جي ملڪن جي لسٽ مان پاڪستان جو نڪرڻ، يورپي يونين کان واپار جي بحالي ۽ دنيا جي بدلجندڙ موسمي حالتن ڏانهن عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇڪائڻ شامل آهن.
گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ ۾ پاڪستان کي 33 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو. بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادريءَ سان پاڪستان لاءِ موسمياتي انصاف جي جنگ وڙهي ۽ يقين ڏياريو ته پاڪستان وڏن ملڪن جي فضائي آلودگيءَ جو شڪار آهي. تنهنڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان عالمي برادري موسمي اثرن سبب پيدا ٿيندڙ آفتن لاءِ فنڊ قائم ڪيو، جيڪو پاڪستان جي ڪاميابي جو ثبوت آهي.
بلاول ڀٽو جي ڀارت جي دوري تي ملڪ جون ٻيون سياسي پارٽيون گوڙ ڪري رهيون آهن. نه رڳو تازي دوري تي، پر سياسي مخالفن پاران بلاول ڀٽو زرداري جي ٻين دورن تي به سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ان تنقيد جو سبب اهو به آهي ته تازو حڪومت جي دور ۾ پاڪستان نه رڳو عالمي اڪيلائيءَ جو شڪار رهيو پر اسان جا اهم دوست ملڪن سان پڻ اسان جا لاڳاپا سٺا نه رهيا.
گذريل حڪومتي دور ۾ ڀارت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشمير تي پابنديون لاڳو ڪيون پر ان وقت جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزارت ڪي به جوڳا قدم نه کڻي سگهي. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جيڪو هاڻي هر مسئلي تي ناڪاميءَ جو الزام ٻين تي مڙهيندو نظر اچي رهيو آهي ۽ هاڻ جڏهن هو حڪومت ۾ ناهي رهيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان ۽ سندس پارٽي موجوده حڪومت تي تنقيد ۽ الزام هڻندي نظر اچي رهي آهي پر هو پنهنجي دور اقتدار ۾ نه رڳو خاموش رهيو، پر پنهنجي دور ۾ ڪشمير تي ٿيندڙ ظلمن تي خاموش رهيو. ڀارتي وزيراعظم سان دوستاڻا لاڳاپن جي خواهش پڻ رکي، جيڪو ڪشمير تي سوديبازي ڪرڻ جي برابر آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه ڀارت پهچي چڪو آهي. هو شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ڪشمير جي مسئلي تي ضرور بحث ڪندو ۽ ان ڳالهه تي ضرور زور ڏيندو ته ڀارت پاران ڪشميرين تي ظلم بند ڪيو وڃي، نه رڳو ايترو پر ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو آزاديءَ سان ڪرڻ جي به اجازت ڏني وڃي. جيئن ته بلاول ڀٽو زرداري هر محاذ تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جنهنڪري پاڪستان جي وڃايل ساک بحال ٿي رهي آهي ۽ دوست ملڪن سان اسان جا لاڳاپا بحال ٿي رهيا آهن، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان جي حڪومت پاڪستان-چين واپاري راهداري غير فعال ٿيڻ کان پوءِ بحاليءَ طرف وڌي رهي آهي. ساڳئي وقت پاڙيسري ملڪن سان به اسان جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي وزير جي طور تي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي ۾ وڏي اُميد رکي سگهجي ٿي ته پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان جوڳي رٿابندي ۽ موقف اختيار ڪندو، جنهن تي عمل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button