ملڪ جي ٿلهي ليکي 76 ورهين جي تاريخ ۾ پنجين مئي جو خاص ڏينهن، دکدائڪ تاريخي داستان آهي ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڏينهن تي ملڪ تي خطرناڪ ۽ ڊگھا قبضا ڪري تاريخي تباهيءَ جو بنياد رکيو ويو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي اٽڪل ڏهه ورهين تائين حڪمرانن لاڳيتي ڊڪٽيٽرشپ ڪئي جنهنڪري ملڪ ترقيءَ بدران تباهيءَ ڏانهن وڌندو رهيو. قصو اتي ختم ڪو نه ٿو ٿئي. پوءِ، ملڪ جي ٻئي اڳوڻي فوجي حڪمران به اٽڪل نو ورهيه حڪومت ڪري، ملڪ کي وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيو. بهرحال، پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي سربراهه آصف علي زرداريءَ آخري ڊڪٽيٽر کي هٽائي ڇڏيو هو. زرداريءَ سان ڀلي سياسي اختلافن هجن پر ان جي باوجود اهو سندس وڏو ڪارنامو هو. هتي اهو ٻڌائڻ به مناسب آهي ته زرداريءَ آئين ۾ 18 ۽ 6 ترميمون اختيار ڪري ملڪ اندر فوج جي قبضي کي ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ کان به بچائي ورتو آهي.
جيتوڻيڪ پنجين مئي جي ڏينهن کان وٺي، ملڪ لاءِ وڏي تباهي آندي وئي ۽ ظاهري طور انهيءَ عمل سبب ملڪ جي جند ڇڏائڻ جو امڪان نه هئڻ برابر ڏسڻ ۾ آيو. پنجين مئي 1977ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عوام طرفان چونڊيل سرڪار، ناجائز طور ختم ڪئي وئي جيڪو وڏو ظلم هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽيَ ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق کان پنهنجي حياتيءَ جي “خيرات” گھرڻ بدران ڪنڌ ڪپائڻ (شهيد ٿيڻ) بهتر سمجھيو هو. تاريخ ۾ شهيد ڀٽي جو نالو سنڌي سپوت طور به لکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق تي بيشمار لعنتون وجھن ٿا. جنرل ضياءَ جي عذابن سبب ملڪ ۾ نه رڳو پراڻو پر هاڻوڪو نسل به ڀوڳي رهيو آهي پر خبر ناهي ته اڃا به ڪيترا ايندڙ نسل ڀوڳيندا رهندا. جنرل ضياءَ جي دور ۾ نه رڳو سنڌين تي مگ هوائي جهازن کان بمباري ڪري ڪيترن سنڌين کي شهيد ڪيو ويو هو پر سنڌ جو تعليمي نظام تباهه ڪيو ويو ۽ ڪلاشنڪوف توڙي منشيات کي عام ڪري، سنڌي سماج کي برباد ڪيو ويو. جڏهن ته ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏني وئي پر “سنڌ جا ٺيڪيدار”، شهيد ڀٽي جي اجائي دشمنيءَ ۾ جنرل ضياءُالحق جا اهڙا سڀ ظلم وساري ويٺا آهن.
ڪجھه ماڻهو، ان وقت جي حالتن جي اهميت کان اڻ ڄاڻ ٿي اهي اعتراض ڪن ٿا ته شهيد ڀٽو، ملڪ جو پهريون سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر (اٽڪل ٽي مهينا) ڇو بڻيو؟ اهڙن ماڻهن کي شايد اصل داستان جي ترَ جيتري به خبر ناهي، نه ته اهڙا اعتراض ڪونه اٿارين ها. 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستاني فوج، اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) ۾ گاديءَ واري شهر ڍاڪا ۾ هندستان جي فوج اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، جنرل يحى خان دور ۾ نويَ هزار فوجي ۽ سويلين هندستان جي قيد ۾ ڦاسي پيا هئا، جڏهن ته اولهه پاڪستان (هاڻ پاڪستان) ۾ پنجن هزار چورس ميلن جو علائقو به هندستان جي قبضي ۾ هو، سو فوج اهڙين حالتن ۾ تُرت مارشل لا هٽائڻ لاءِ هرگز تيار ڪونه هئي. پوءِ، شهيد ڀٽي ڪنهن به شرط کانسواءِ، اهي قيدي ۽ قبضو ڪيل علائقا آزاد ڪرايا.
جيئن ته سال 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽڻ کانپوءِ فوج، شهيد ڀٽي کي رٿ ڏني ته هو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالحميد جيڪو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هوندو، تنهن هيٺ وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڪم ڪريَ جڏهن ته شهيد ڀٽي ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. تنهنڪري شهيد ڀٽو اٽڪل ٽي مهينا سويلين مارشل لا ايڊمنسٽرير به بڻيو ۽ اهڙي ريت فوج هيٺ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هئائين.
اهو عهدو قبول ڪرڻ سان ڪنهن کي نقصان به ڪونه ٿيو ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ شهيد ڀٽي عارضي آئين ڏنائين ۽ اهڙي ريت سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر به ڪونه رهيو ۽ پوءِ سال 1973ع جو پڪو آئين ڏنائين. سو، ڏيڍ سال اندر ٻه آئين ڏيڻ سندس ڪو معمولي ڪارنامو ڪونه هو. 21 فيبروري 1952ع تي بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرائڻ واري تحريڪ ۾ چئن بنگالي شاگردن جو رت شامل ٿيو. درحقيقت مارشل لا لابي، فوج کي بچائڻ لاءِ اهڙو ڪوڙو پرچار شروع ڪيو هو ته پاڪستان شهيد ڀٽي ٽوڙيو هو جنهن کي وري جماعت اسلاميءَ جي مڪمل پٺڀرائي حاصل هئي.
اها تاريخي سچائي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڪراچي، سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جي ان وقت زبردست حمايت ڪئي. بهرحال، پنجين مئي جو اقتدار تي قبضي جو دکدائڪ داستان، جمهوريت جو جاني دشمن رهيو آهي، جنهن جا خطرناڪ نتيجا، ملڪ اندر مختلف صورتن ۾ اڃا به برقرار آهن ۽ رهندا.