رانديون

پي سي بي ۾ هڪ لابي ڪراچي خلاف ڪم ڪري پئي: معين خان

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان کي سندس وڏي ڀاءُ نديم خان جي پي سي بي مان برطرفي واري قدم ڪاوڙائي ڇڏيو آهي ۽ هن مينيجمينٽ ڪاميٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي معين خان چيو تھ نديم خان جي ايمانداري جي سمورن ماڻهن کي ڄاڻ آهي، پر پي سي بي ۾ ڪجهه ماڻهو پسند جا فيصلا ڪن پيا، وزيراعظم شهباز شريف ذاتي طور پاڻ معاملا ڏسي. هن جو چوڻ هو تھ مون ڳالهايو تھ گهڻن جا نالا سامهون اچي ويندا، اصل ۾ نديم خان تي الزام لڳائيندڙ پاڻ ڪرپٽ آهن. هن چيو تھ بورڊ ۾ هڪ لابي ڪراچي خلاف ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي ڪراچي سان تعلق رکندڙ ڪرڪيٽرن يا ايڊمنسٽريٽرن خلاف ڪم ڪندي آهي. هن چيو تھ ڪجهه ماڻهو چور در کان اچن ٿا، جن تي ڪرپشن جا الزام هوندا آهن ۽ اهي اچي من پسند فيصلا ڪندا آهن. مان مشورو ڏيندس تھ نجم سيٺي انهن مان جان ڇڏائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button