ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ کي پنهنجي حصي ۽ گهرج موجب پورو پاڻي ڏيو

Editorial

حسب روايت سنڌ سان پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي زيادتين جو سلسلو جاري آهي. هر سال جيان هن سال به سنڌ کي پنهنجي حصي جو ۽ گهرج موجب پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. رپورٽون آهن ته سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ملڪ جي ڊيمن ۾ پاڻي موجود هئڻ جي باوجود سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏيڻ تي سخت احتجاج ڪندي ان کي سنڌ سان سراسر ناانصافي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ کي گهربل ۽ حصي موجب پورو پاڻي نه ملڻ سان وونئڻن توڙي سارين جي پوک سخت متاثر ٿيندي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن چيو ته هن وقت تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ پڻ پاڻي موجود آهي، ان جي باوجود سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي. سنڌ ۾ پاڻي جي گهڻي گهرج آهي ڇو ته هتي وونئڻن جي پوک ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ سارين جي پوک پڻ شروع ٿيڻ واري آهي، ان کانسوا سنڌ ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ ٽيمپريچر پڻ وڌيل جنهن ڪري سنڌ کي هن وقت پاڻي جي وڌيڪ گهرج آهي، پر ان صورتحال ۽ ڊيمن ۾ پاڻي موجود هئڻ جي باوجود سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن سان وونئڻن ۽ سارين جي پوک سخت متاثر ٿيندي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو آهي ته گذريل سال جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي زراعت ۽ آبادگارن کي گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي هن سال سنڌ جي آبادگارن کي پوک جي مد ۾ سهولتون ملڻ گهرجن ها پر ويتر ان کي پنهنجي حصي جو ۽ گهرج موجب پورو پاڻي به نه پيو ڏنو وڃي. اجلاس ۾ پوک لاءِ استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ وڏي پيماني تي واڌ تي پڻ سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته سوا سال ۾ يوريا ڀاڻ جي مقرر قيمت 1650 رپين مان وڌي 3000 رپيا ٿي وئي آهي پر هاڻ ته ويتر يوريا جو وڪرو بليڪ تي 3300 کان 3400 رپين ۾ ٿي رهيو آهي.
حد اها آهي جو 91ع جهڙي تڪراري پاڻي ٺاهه تي به وفاق عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن مان به وفاق جي بدنيتي جي خبر پوي ٿي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سمنڊ ۾ درياهه جو پاڻي نه وڃڻ جي ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي، تنهنڪري ڊيلٽا کي پاڻي ڏيڻ ضروري آهي، پر سنڌ جي ان اهم مسئلي کي به وفاق خاطر ۾ ئي نه آڻيندو رهيو آهي . 91ع واري معاهدي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر اهو نه پيو ملي، اهڙي ناانصافيءَ خلاف سنڌ مختلف وقتن تي دانهون ڪندي رهي آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري ٺٽي ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ته کائي ويو آهي، پر ان سان گڏوگڏ وڏي پئماني تي ماحولياتي بگاڙ پڻ پيدا ٿيو آهي. ان جي ڪري نه رڳو انساني زندگي متاثر ٿي آهي، پر آبي ۽ جهنگلي جيوت کي به هاڃو رسيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سان پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي هاڻي زيادتين جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو ۽ گهرج موجب پورو پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button