ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آمريڪي پروگرام ھيٺ سنڌي اسڪول جو افتتاح

Editorial-Article- Mohammad Khan Siyal

آمريڪا جي يو ايس ايڊ پروگرام ھيٺ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو تازو افتتاح ڪيو ويو آھي ۽ انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ سرڪار به سھڪار ڪيو آھي. انھيءَ سنڌي ـ انگريزي ھاءِ اسڪول جو افتتاح گذريل اڱاري 16 نومبر 2021ع تي سنڌي جماعت ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ، ويجهو جوڳي موڙ، مين نيشنل ھاءِ وي ضلعي ملير ڪراچي سنڌ، ۾ ڪيو ويو آھي.
ھتي اھو ٻڌائڻ مناسب آھي ته يو ايس ايڊ، آمريڪا جي نان ـ پرافٽ تنظيم آھي جيڪا سڄي دنيا ۾ تعليمي ادارن جي اڏاوت وغيره جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندي رھندي آھي. ان جو اصل نالو آھي: يونائٽيڊ اسٽيٽس ايجنسي فار انٽرنيشنل آرگنائزيشن (يو ايس ايڊ) جيڪا 3 نومبر 1961ع تي ٺاھي وئي جنھن جو ھيڊڪوارٽر واشنگٽن ڊي سي (آمريڪا) ۾ آھي. اھا سنڌ سميت پاڪستان ۾ ڪيترن تعليمي ادارن جون عمارتون به قائم ڪري رھي آھي جنھن جي اسان سڀني کي آجيان ڪرڻ گهرجي. ھونئن به آمريڪا جي سياسي پاليسين سان ڀلي ڪنھن کي اختلاف ڇو نه ھجن پر تعليم جي ميدان ۾ ڀلائيءَ وارا ڪم جاري آھن، جن جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي.
سنڌي سوسائٽيءَ ۾ انھيءَ ھاءِ اسڪول جي بلڊنگ جي اڏاوت ٻه ٽي ورھيه اڳ مڪمل ڪئي وئي پر انھيءَ جو افتتاح، ظاھري طور پھرين ٺيڪيدار طرفان اڏاوت جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ ۽ پوءِ ڪورونا وائرس ڪارڻ ڪونه ٿي سگهيو. ھاڻي ته ڪورونا وائرس کان حالتون ڪجهھ بھتر ٿي ويون آھن، تنھنڪري انھيءَ تعليمي اداري جو تازو افتتاح ٿيو آھي. ڪورونا خلاف اڳواٽ اُپاءَ اختيار ڪري ڪيترا اسڪول ڪونه کوليا ويا آھن سا مناسب ڪارروائي ھئي پر ھاڻي مناسب اُپاءَ اختيار ڪيا پيا وڃن.
منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب سنڌي جماعت ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽيءَ لميٽيڊ لاءِ تعليمي ميدان ۾ اھم ۽ بھتر قدم کنيو ويو آھي ڇاڪاڻ ته اتي ھڪ گورنمنٽ ۽ ڪجھه پرائيويٽ اسڪول ته اڳ به موجود آھن پر اھي اڏاوت ۽ تعليمي معيار جي خيال کان ايڏا بھتر ناھن. بھرحال، تعليمي معيار جي اھميت نئين ھاءِ اسڪول جي شاندار اڏاوت سبب پيدا ٿي وئي آھي. انھيءَ ۾ ٿورو به شڪ ناھي ته ٻه ماڙ عاليشان بلڊنگ جي اڏاوت ڪئي وئي آھي، جيڪا ويڪري ميدان تي پکڙيل آھي. تنھنڪري اھا اميد ڪري سگهجي ٿي ته انھيءَ اسڪول ۾ تعليم به بھتر طريقي سان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
انتظاميا موجب ھيٺ ڄاڻايل سھوليتون به اسڪول جي بلڊنگ ۾ موجود آھن. لائبريري، ڪمپيوٽر ليبارٽري، ملٽي پرپز ھال (مختلف مقصدن لاءِ ھال)، سائنس ليبارٽري، ھيلٿ روم، اسٽور روم، اسٽاف روم، ايڊمن آفيس، پلي روم (راندين جو ڪمرو)، پرنسپال آفيس، اسٽاف ۽ شاگردن لاءِ بھتر واش روم، پيئڻ جو پاڻي وغيره. اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته اسڪول جا ڪلاس روم ڪل 12 ھوندا.
منھنجي خيال ۾ سڄي سنڌ جي بھتريءَ جو راز انھيءَ حقيقت ۾ سمايل ھوندو آھي ته اعلى تعليمي ادارا وڌ کان وڌ قائم ڪيا وڃن جنھن ڪري سنڌ جا شاگرد بھتر تعليم حاصل ڪرڻ سبب وڏن وڏن عھدن تائين پھچي سگھندا. مطلب ته رڳو سرڪاري عھدا گهربل ناھن پر ٻين پرائيويٽ ادارن ۾ به اھم حيثيت حاصل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن ائين ٿيو ته عوام انھيءَ بھتر ڪارنامي کي سڄي حياتي دوران ڪو نه وساريندو. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي ٻن پراڻن پر اھم تعليمي ادارن جو حوالو ڏيڻ به مناسب آھي. 1 ـ ڪراچيءَ جو اھم اسڪول: سنڌ مدرسته الاسلام 2 ـ ڊي سي ھاءِ اسڪول، نوابشاهه جنھن جو ھيڊماستر مشھور تعليمي ماھر ايڇ ايم خواجا ھو. مون ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ 6 ورھيه تعليم حاصل ڪري، مئٽرڪ سائنس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. اسڪول جو تعليمي ماحول زبردست ۽ شاندار ھو جنھن جو اندازو انھيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته مان مديني شريف ويس ته اتي ھيڊ ماستر ايڇ ايم خواجا مرحوم جي ڀلائيءَ لاءِ خاص دعا گهري ھئم. جيستائين سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جو واسطو آھي ته ان جو باني خانبھادر حسن علي آفندي ھو جنھن پھرين سيپٽمبر 1885ع تي اسڪول قائم ڪيو، جڏھن ته منھنجن ٻارن به، پوءِ سنڌ مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي آھي. بھرحال، ٻيئي ڄاڻايل اسڪول اڃا به برقرار آھن پر منھنجي ذاتي راءِ آھي ته ٻنھي اسڪولن ۾ تعليمي معيار اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ آھي. ھتي اھو ٻڌائڻ به ضروري آھي ته سنڌي سوسائٽيءَ جي نئين اسڪول جي ايجوڪيشنل مئنيجمنٽ آرگنائيزيشن (اي ايم او) سنڌ مدرسته السلام بورڊ وٽ آھي.
ھونئن به سنڌي سوسائٽيءَ ۾ اڳ ايڏو بھتر اسڪول قائم ٿيل ڪونه ھو سو نئون ۽ شاندار اسڪول قائم ڪري “سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام” ھيٺ افتتاح جي موقعي تي، واسطيدار شخصيتن کي دعوتون ڏنيون ويون. آمريڪا جي قانصل جنرل مارڪ اسٽروح (Mark Stroh) کانسوا، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ۽ ٻين به تقريرون ڪيون. آمريڪا جي قانصل جنرل جي تقرير بابت ھڪ بھتر ڳالھه ڏسڻ ۾ آئي ته انگريزيءَ ۾ سندس تقرير جي ھر ھڪ پيرا گراف جو باقاعدي سنڌيءَ ۾ الڳ الڳ ترجمو ڪيو ويو ۽ اھڙي ريت سندس سڄي تقرير مھمانن کي سمجهه ۾ آئي.
سنڌي جماعت ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽيءَ ۾، يو ايس ايڊ جي سھڪار سان تعمير ٿيل گورنمنٽ هاءِ اسڪول جي افتتاحي تقريب ۾سنڌ جو تعليم وارو وزير سردار علي شاهه، سيڪريٽري ايجوڪيشن (اسڪولز) غلام اڪبر لغاري، آمريڪي قانصل جنرل Mark Stroh، يو ايس ايڊ جي اهم اسٽاف سميت، سوسائٽيءَ جون معزز شخصيتون به شريڪ ٿيون. انھيءَ موقعي تي ڪيترا ناميارا ليکڪ ۽ تعليمي ماھر به موجود ھئا جن ۾ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار طارق قريشي، سائين ليلا رام، مئڊم شمع شيخ، استاد ظهير احمد ميمڻ، محمد خان سيال (راقم) ۽ عامر سيال به شامل ھئا.
ھونئن به سنڌي سوسائٽيءَ جي ھاءِ اسڪول سميت، يو ايس ايڊ ھيٺ سنڌ ۾ کوڙ اسڪول ٺاھيا ويا آھن يا ڪي وري اڏاوت ھيٺ آھن. ڪورونا وائرس جي مرض ڪري ڪاروبار گهڻو متاثر ٿيل ھو. سو اڳ ۾ ئي تيار ٿيل اسڪول جي انھيءَ سھڻي ۽ وڏي بلڊنگ جواڳ افتتاح ڪونه ٿي سگهيو ھو. بھرحال، افتتاح جي انھيءَ ڪري به آجيان ڪري سگهجي ٿي جو تعليم جي بھتر سسٽم قائم ڪرڻ جو افتتاح ٿيو آھي. انھيءَ موقعي تي سنڌي گيت پڻ ڳايو ويو، جنھن جو عنوان ھو: جاڳ سنڌي جاڳ. ناھي ويل سمھڻ جي. انھيءَ ۾ ننڍي ڄمار جي ٽن ڇوڪرن ۽ چئن ڇوڪرين گڏجي ڀرپور حصو ورتو.
آمريڪي قانصليٽ جنرل مارڪ پنھنجي تقرير ۾ خوشي ڏيکاري ته يو ايس ايڊ ھيٺ پروگرام جو افتتاح ٿي رھيو آھي. ھن ڄاڻايو ته آمريڪي سرڪار سنڌ سرڪار جي سھڪار سان سٺا نتيجا ڏنا آھن. سندس چواڻي اسان جو ايمان آھي ته ملڪن جي ترقي، تعليم سان لاڳاپيل ھوندي آھي ۽ آمريڪي سرڪار، يو ايس ايڊ ذريعي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن کي بھتر بڻائڻ لاءِ 25 ارب رپيا ڏئي رھي آھي. سرڪار جي محنت ۽ ڪوششن سان لکين ماڻھن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. سندس چواڻي سال 1947ع ۾ پاڪستان ٺھڻ وقت سڀ کان اڳ، ملڪ کي قبول ڪندڙ ملڪن ۾ آمريڪا به شامل ھو ۽ ترقيءَ لاءِ کوڙ ادارا ٺاھي توانائي ۽ معاشي ترقي وغيرہ ۾ پاڪستان جي پٺڀرائي ڪئي وئي. سندس چواڻي اسان سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ تعليم کاتي جا سھڪار لاءِ سندس ٿورائتا آھيون.
انھيءَ کانسوا، يو ايس ايڊ جي وضاحت موجب يو ايس ايڊ ۽ سنڌ سرڪار جو
“سنڌ بيسڪ ايڊيوڪيشن پروگرام” (ايس بي اِي پي) ھيٺ ٺاهه ٿيل آھي. پروگرام جو مدو آگسٽ 2013ع کان آگسٽ 2022ع تائين آھي ۽ عملي جامو سنڌ جي ڏھن ضلعن ۾ اختيار ڪيو پيو وڃي جيڪي آھن: دادو، جيڪب آباد، ڪشمور، خيرپور، قمبر ـ شھدادڪوٽ، ڪراچي ويسٽ، ڪراچي ملير، ڪراچي سائوٿ، لاڙڪاڻو ۽ سکر. پروگرام جو اصل مقصد اھو آھي ته چونڊيل ڏھن ضلعن جي پبلڪ سيڪٽر اسڪولن (پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري)۾ 750 شاگردن کي داخلا ڏني ويندي.
بھرحال، يو ايس ايڊ ۽ سنڌ سرڪار جي سھڪار سان عاليشان اسڪول جو افتتاح ٿي ويو آھي جنھن جي آجيان ڪريون ٿا. ھاڻي ضلعي ملير، ڪراچيءَ جي سنڌي ملازمن کي نيڪ نيتيءَ سان عرض آھي ته اھي پنھنجن ٻارن کي سنڌي جماعت ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ، ويجهو جوڳي موڙ، مين نيشنل ھاءِ وي، ضلعي ملير، ڪراچي سنڌ ۾ داخلائون وٺي ڏيارين ۽ اسڪول جي انتظاميا سان ملاقاتون ڪري گهربل معلومات به حاصل ڪري سگهن ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ کين ڳنڀيرتا سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ پنھنجن دوستن کي به انھيءَ سلسلي ۾ سندن ٻارن جي داخلائن بابت ضروري صلاح ڏين ته بھتر. اميد آهي ته اسان جي انھيءَ عرض کي اھميت ڏني ويندي جنھن ۾ سڄي سنڌ جي ڀلائي سمايل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button