جيڪر ڏٺو وڃي ته پنهنجي پياري پاڪستان جي تاريخ ۾ هونئن ته ڪيترائي يادگار ڏينهن موجود آهن پر تازو چار ڏينهن اڳ گذريل نائين مَئي تي سموري دنيا ڏانهن اسٽبلشمينٽ، عدالتي نظام ۽ سياسي رجحان جي حوالي سان جيڪو نياپو ويو آهي، تنهن جا رنگ ئي نرالا آهن. حالانڪ هتان جي مظلوم قومن ۽ طبقن لاءِ اها ڪابه حيران ڪندڙ ڳالهه نه هئي، جو انهن قومن ۽ طبقن کي مُني صديءَ کان وڏي بيرحمي سان گُهٽي، گوڏي هيٺ رکي، سندن سياسي، معاشي، آئيني ۽ انساني حقن پائمال ڪري، ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب مان هٿ سان تاتي تيار ڪيل مختلف گروهن کي جيئن جاوا پئي ڪرايا ويا آهن، تنهن عمل مان مظلوم قومن ۽ طبقن اهو ئي سکيو آهي ته هي نظام سندن حقن جو پاسدار ٿي سگهي ئي نٿو. پر هاڻ ته دنيا ۾ به اها حقيقت پڌري ٿي چُڪي. حقيقت اها آهي ته سنڌ، بلوچستان، پختونخوا يا سرائيڪي وسيب جا پرامن سياسي جمهوري حلقا جيڪڏهن آئين جي حقيقي عملداري لاءِ پرامن احتجاج ڪن تڏهن به مٿن غداري جا ڪيس داخل ٿيو وڃن، ڪن موقعن تي ته مٿن سخت تشدد به ڪيو پئي ويو آهي يا سندن اڳواڻن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گرفتار ڪري، ورهين تائين بنديخانن ۾ رکيو ويو پر ٻئي پاسي پنجاب جو ڊوميسائل رکندڙ ماڻهو ڀل سموري ملڪ کي ساڙي رک ڪري ڇڏين پر سندن وار به وِنگو نٿو ٿئي ۽ سندن اڳواڻ کي هن ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جو سڀ کان وڏو منصف عدالت ۾ ڄڻ خاص مهمان طور گهرائي، کيس ڏسندي ئي انتهائي سرهائي جو اظهار ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ کيس اها به پڪ ڏياري ٿو ته توهين پرواهه نه ڪيو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. ها بلڪل ايئن!! جڏهن اهو رپورٽ ٿيو ته سپريم ڪورٽ جي مانواري چيف جسٽس صاحب عمران خان کي پوليس لائين جي خاص مهمان خاني ڏانهن وڏي عزت ۽ احترام سان کڻي وڃڻ جو حڪم ڏيندي کيس ويندي ويندي چيو.. All The Best.
توهين تصور ڪريو ته هڪ اهڙي تنظيم، جنهن جو اڳواڻ توڙي ڪارڪن رات ڏينهن رياستي ادارن مٿان هڪڙي لاهين ۽ ٻي چاڙهين ۽ وري جو اهڙي تنظيم جو اڳواڻ گرفتار ٿئي ته لاڳو ڪيسن جي عدالتي ڪارروائي جو انتظار ڪرڻ بدران اها تنظيم ملڪ جي دفاعي نظام جي مُک مرڪزن مٿان به چڙهائي ڪري ڏي ۽ پوءِ به ان تنظيم جي اڳواڻ کي هتان جو عدالتي نظام هڪ رُٺل دادلي ٻار وانگر انتهائي پيار سان پيش اچي سمجهائيندو رهي ته….
ڏس!! جيڪيو ٿيو سو مڙئي خير آهي، تون پريشان نه ٿي. تون بس ايترو چئو ته اهو سڀڪجهه نه ٿيڻ گهرجي ها. باقي اسين پاڻهي سنڀالي وٺنداسين!! ته پوءِ پويان باقي رياست بچي ڪهڙي ٿي جيڪا قانون، انصاف ۽ آئين جي تحفظ جو پگهار کڻي؟
ها پر هتي اهو مڙئي خير آهي. ٿيندو رهندو آهي، ڪا نئين ڳالهه ناهي. بلڪل ايئن جيئن ڪجهه وقت اڳ تحريڪ لبيڪ وارا ملڪ جي ساهه واري رڳ تي لت ڏيئي ويٺا رهيا ۽ اسان توهان سمجهيو پئي ته بس هاڻ الائي ڇا ٿي ويندو!! پر ٿيو اهو جو آخر ۾ انهن وڳوڙين کي به عمران خان جيان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ڄاڙي تي هٿ رکي سمجهائي، گهر موٽي ٻارن لاءِ ميڙي جي مٺائي وٺي وڃڻ جو خرچ پکو به ڏنو ويو. ۽ هنن سٽن لکڻ تائين مانواري عدالت سڳوري ۽ انتهائي احترام لائق اسان جي رياست عمران خان کي به جنهن انداز ۾ سمجهائي رهي آهي، تنهن مان صاف ظاهر آهي ته هن ملڪ جو قانون ٺهيو ئي اسان توهان جهڙن کي سبق سيکارڻ لاءِ آهي.
۽ هائو، اسان هاڻ نائين مئي واري نياپي کان پوءِ اهو سبق سکي به ورتو آهي ته هن نظام ۾ جيڪي ڏار پيا آهن، انهن ڏارن جي ڀرائي لاءِ هاڻ مظلوم قومون ۽ طبقا گارو نه بڻبا. اسين انتظار ڪنداسين، انصاف جي انهي ڏينهن جو، جيڪو اوس اچڻو آهي. اسين ڏسون پيا ته منافقي پنهنجي ڄمار پوري ڪري چڪي، هاڻ کٽ ڀيڙي ٿيل ان منافق ڏِيل کي، ڪير ڀل کڻي ڪيتري به پيڄي پياري پر چڱ ڀلائي سندس نصيب ۾ آهي ئي ڪانه. جڏهن ته جن قومن ۽ طبقن مُني صدي صبر جو چِلو ڪٽيو آهي، ايندڙ صبح انهن جو آهي. ڇو ته انهن قومن توڙي طبقن حق جي واٽ وٺندي، ڪُوڙ ڪچائي کان پاسو ڪيو. تنهن ڪري هاڻ آئيندو انهن جو آهي، جن جا وڏا هن رياست جي ڪاغذن ۾ غدار ڪري لکيا ويا. باقي سنگت وڃي پاڻ ڄاڻي!!