ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بند گهٽي ۾ ڦاٿل معيشت ۽ سياست

Editorial

آءِ ايم ايف ترجمان چيو آهي ته نائين جائزي جي ڪاميابي لاءِ پاڪستان کي واڌو فنڊنگ جي ضرورت آهي، ردعمل ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڏکيا فيصلا نٿا ڪري سگهون، آ ايم ايف کي معاهدو ڪرڻو آهي ته ڪري، جيڪڏهن نٿو ڪرڻ چاهي ته ڀلي نه ڪري. اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته آ ايم ايف جي مطالبي تي وڌيڪ ڏکيا فيصلا نٿا ڪري سگهون، اسان کي جيڪي اڳواٽ قدم کڻڻا هئا اهي کڻي ورتا آهن، وڌيڪ ڪجهه نه ڪنداسين، مئي ۽ جون ۾ 3 ڏهائي 7 ارب جي ادائيگين جو ارادو آهي ۽ ادائيگين ۾ ڪا پريشاني ناهي، اميد آهي ته چين پاڪستان جو وڌيڪ 2 ڏهائي 4 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪري ڇڏيندو، وفاقي بجيٽ 9 جون تي پيش ڪئي ويندي. ٻئي طرف واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ايم ايف ترجمان چيو ته اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ پاڪستان کي دوست ملڪن کان فنڊنگ جي خاطري گهربل آهي، پاڪستان جي ٻاهرين ڀائيوارن طرفان طئي ٿيل فنانسنگ سٺو سنئوڻ آهي ۽ دوست ملڪن کان پاڪستان جي فنڊنگ جي آجيان ڪنداسين. ترجمان چيو ته نائين جائزي جي ڪاميابي لاءِ پاڪستان کي واڌو فنڊنگ جي ضرورت آهي، اختياريون نائون جائزو مڪمل ڪرڻ لاءِ پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، پاڪستاني اختيارين سان قرض پروگرام جي بحالي لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ مصروف آهيون، پاڪستان کي بيلنس آف پئمينٽس لاءِ ادائيگين جي ضرورت آهي.
هڪ پاسي معيشت بند گهٽي ۾ ڦاٿل آهي ٻئي پاسي سياست به بند گهٽي ۾ ڦاسي پئي آهي. ملڪ ۾ جنهن سياسي استحاڪم جنم ورتو آهي، اهو ڪمزور معيشت کي اڃا به وڌيڪ ڪمزور ڪندو. ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ ۾ جنهن نوعيت جو سياسي ٻڙڌڪ متو آهي ان سان معيشت سڌرڻ بدران اڃا به خراب ٿيندي. 9 مئي واقعن کان پوءِ صورتحال خراب ٿي وئي آهي.
هوڏانهن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) سومر تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ سربراهي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته 9 مئي کانپوءِ جي واقعن تي عمران خان خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو چيو ويو، اندازو لڳايو ته عدليا ڪٿي بيٺي آهي؟ ڪهڙا آئين ۽ قانون کان مٿانهان فيصلا ڏئي رهي آهي، ڇا اها رعايت 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي ڏني وئي؟ هن سوال ڪيو ته ڇا اهڙي رعايت مريم نواز، فريال ٽالپر کي ڏني وئي؟ اڄ عمران خان کي وي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، رياست جي محافظ ادارن جي اڄ توهين ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ سپريم ڪورٽ جي رويي خلاف احتجاج ٿيندو ۽ سومر تي اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ سامهون ڌرڻو هڻنداسين. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اسان اڳ به پرامن احتجاج ڪيو هو ۽ پرامن احتجاج ڪندا رهنداسين، پر ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن اسان ڏانهن ميري اک سان ڏٺو يا هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان ڏنڊن، مڪن ۽ ٿڦڙن جو جواب ڏينداسين.
سياسي حالتون سڌرڻ جو نالو نه پيون وٺن. پي ٽي آءِ جنهن نموني سياسي ڪري پئي ان سان معاشي استحڪام پيدا نه ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته معيشت جي بهتري لاءِ سياسي استحڪام ڏانهن وڌڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button