شوبز

سوڊان ۾ ويڙهه دوران بمباري ۾ مشهور ڳائڻي شادن گردود مارجي وئي

سوڊان ۾ جاري گهرو ويڙهه دوران بمباري ۾ ملڪ جي مشهور ڳائڻي شادن گردود مارجي وئي آهي. ميڊيا مطابق پيرا ملٽري فورسز ۽ فوج ۾ جاري ويڙهه ملڪ جي شوبز دنيا کي شادن گردود جي مارجڻ جي صورت ۾ وڏو نقصان ڏنو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ام درمان شهر ۾ فورسز جي هڪٻئي تي ٿيندڙ بمباري دوران هڪ گولو شادن گردود جي گهر تي ڪريو، جنهن ۾ سندس موٽ ٿيو آهي، شادن گردود ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنن جي بلڪل ويجهو رهندي هئي، جيڪو علائقو ويڙهه جي پهرين ڏينهن کان ئي حملن جو مرڪز رهيو آهي. ٻڌايو وڃي تو تھ سوشل ميڊيا تي 50 هزار کان وڌيڪ فالوورس رکندڙ شادن گردود موت کان 16 ڪلاڪ اڳ فيس بڪ تي پوسٽ شيئر ڪري ويڙهه جا نقصان بھ ٻڌايا هئا، سندس موت جو ٻڌي هزارين ماڻهو سوڳ ۾ گهر آڏو جمع ٿيا آهن. ياد رهي تھ هن ويڙهه ۾ 9 مئي تائين 700 ماڻهو مارجي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button