هن وقت جڏهن ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو يعني پنجاب ۾ سياسي سيلاب جو سڀ کان مٿانهون منظر پيش ڪري رهيو آهي. جڏهن پنجاب سان گڏ ڪي پي ڪي جا پهاڙ به سياسي نعرن سان گونجن ٿا. ان وقت سنڌ جي سياسي سانت شدت سان محسوس ٿي رهي آهي.
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن سنڌ ملڪي سياست جي سرواڻ هوندي هئي. جڏهن پنجاب پريان بيهي ڏسندو هو ۽ خيبر پختون خوا ۾ ته نالي ماتر به سياسي شعور نه هو. ان وقت سنڌ پوري ايشيا ۾ متحرڪ سياست جي عظيم علامت هوندي هئي. اها سنڌ هئي، جنهن ايم آر ڊي واري عظيم جدوجهد جي قيادت ڪئي هئي. ان وقت ته پنجاب تمام گهڻو پريشان هو. ڇو ته پنجاب جي جمهوريت پسندن وٽ اهو ڪجهه نه هو، جنهن سان هو پنهنجي جمهوري وجود جي گواهي ڏئي سگهن. پنجاب جي سياسي خاموشيءَ ملڪ ۾ اهو خطرو پيدا ڪري وڌو هو ته جيڪڏهن سنڌ سياسي طور تي اڳتي وڌندي وئي ۽ پاڪستان جا ٻيا صوبا ۽ خاص طور تي پنجاب پوئتي رهيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا اهڙي صورت ۾ ملڪ جو وجود باقي بچندو؟ اهو سوال تمام گهڻو خطرناڪ هو ۽ ان سوال جي جواب ۾ تمام گهڻي تشويش پيدا ٿي پئي هئي.
سنڌ سياست ۾ ان مهل به مهڙ واري مورچي جي سربراهه بڻي بيٺي هئي، جنهن وقت بينظير ڀٽو پرويز مشرف جي خلاف ميدان ۾ لٿل هئي ۽ هوءَ پنهنجي وقت جي وڏي آمر خلاف سياسي ميدان ۾ ويڙهه ڪري رهي هئي پر اهو وقت گذري ويو ۽ بينظير جي شهادت کان پوءِ سنڌ جيڪو آخري سياسي احتجاج جو ڀڙڪو ڏنو هو، اهو بينظير جي شهادت تي ڪيل احتجاج هو.
سنڌ کي ان سياسي احتجاج جي سزا هن مهل تائين اهڙي سرڪار جي صورت ۾ ملي رهي آهي، جنهن سنڌ جي بنيادي حقن کي تمام گهڻي بيدرديءَ سان پائمال ڪيو آهي. سنڌ ۾ هن وقت پيپلز پارٽيءَ جو ڪو به اهڙو موثر متبادل ناهي، جنهن جي ڪري پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي عملن تي غور ڪري سگهي. هن کي سنڌ ۾ ڪو خطرو ۽ ڪا پرواهه ناهي. ان ڪري هن کي جيڪو وڻي رهيو آهي، اهو ڪجهه هوءَ ڪري رهي آهي. اهڙي طرح سنڌ ۾ سياسي طور تي عوام جو حال تمام گهڻو هيڻو آهي.
عوام جي اهڙي سياسي هيڻائي ۽ سماجي توڙي معاشي بدحاليءَ جو ماحول هو، جنهن ۾ برسات سبب تاريخ جي تمام وڏي ٻوڏ آئي ۽ پوري قوم جو وڏو حصو لهرن ۾ لڙهي ويو. عوام جيڪو پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن ڳوٺن ۾ خوش هو، ان کي مجبوريءَ سبب امدادي ڪيمپن تي اچڻو پيو.
سنڌ کي سمجهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ڇو ته سنڌ سياسي طور تي تمام گهڻي باشعور رهي آهي. سنڌ کي معلوم آهي ته بيمار ۽ ڪمزور قومن جو علاج سياست جي ذريعي ٿيندو آهي.
سنڌ جي سياسي جمود جا ڪهڙا سبب آهن؟ اهو هڪ تمام اهم سوال آهي ۽ ان سوال جي مناسب جواب جي لاءِ اسان سڀني کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي پر ان کان اڳ ۾ اهو ضروري آهي ۽ تمام گهڻو ضروري آهي ته اسان اهو تسليم ڪريون ته سنڌ سياسي طور تي هڪ اهڙي جمود جو شڪار آهي، جنهن مان هن کي ڪڍڻ جي ڪا واٽ نظر نه ٿي اچي. سنڌ جڏهن پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي ۽ اها سياسي ڪوما جي صورت ۾ صرف تڪيندي رهي ته پوءِ هن وقت سنڌ ڪهڙو سياسي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟ اهو به ان صورت ۾ جڏهن سنڌ ۾ عمران خان جو نالي ماتر ڪم به نه هجي. سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ عمران خان جو ڪافي ڪم آهي ۽ هن جون سيٽون به آهن ۽ خود پاڪستان جو صدر به ڪراچي واسي آهي. پر عمران خان سنڌ ۾ صرف ڪراچيءَ تائين محدود رهيو آهي. ان ڪري سنڌ ۾ هو ٻين شهرن ۾ اهو سيٽ اپ قائم نه ڪري سگهيو، جيڪو هن کي قائم ڪرڻ کپندو هو پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچيءَ جي پي ٽي آءِ به اهو ڪردار ادا نه ڪيو، جيڪو لاهور ۽ پشاور ۾ پي ٽي آءِ ڪيو. منهنجو مطلب ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ ناهي. اهو عمل ته سياسي حوالي سان تمام گهڻي نقصان وارو آهي. پر جيڪو سياسي تحرڪ هن وقت به لاهور ۽ پشاور ۾ نظر اچي رهيو آهي، اهو ڪراچيءَ ۾ ناهي. ڪراچيءَ جي مٿان به ڄڻ سنڌ جي سياسي سانت جو تمام گهڻو اثر آهي. پر سنڌ ۾ سياسي سانت ڇو آهي؟ ۽ اها ڪيستائين رهندي؟