ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هائبرڊ نظام جي بيوسي

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

پراجيڪٽ عمران خان جي لانچنگ کان وٺي ان کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان کان پوءِ جهڙي ريت کيس هر اداري پاران سهولت فراهم ڪئي وئي، اهو سڄي ملڪ نه پر دنيا ڏٺو، پر سندس حڪومت عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي. عمران خان نيازي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ نه رڳو پنهنجو پاڻ کي هڪ فاشسٽ حڪمران طور متعارف ڪرايو پر هن جي آڏو آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي ڪا اهميت نه هئي. هن لاءِ آئين ۽ قانون اهو ئي آهي، جيڪو هو سوچي ٿو يا چوي ٿو. ان سڄي عرصي دوران پي ٽي آءِ جي پوئلڳن جي جيڪا نفسيات اڀري سامهون آئي آهي، اها نه ته سياسي آهي ۽ نه جمهوري ۽ نه ئي عقلي آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻ عمران خان نيازي هڪ سياستدان کان مٿانهون ٿي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن لاءِ مرشد بڻجي ويو آهي. تنهنڪري هو جيڪا ويڙهه ڪري رهيو آهي، اها نه ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آهي ۽ نه ئي وري پارليامينٽ کي بااختيار ڪرڻ لاءِ آهي.
ائين ناهي ته اسٽيبلشمينٽ ان کان اڳ سياست جي ميدان ۾ پنهنجا ماڻهو ڪونه لاٿا آهن. پر هن ڀيري عمران خان نيازي انهن سڀني سياستدانن جي ڀيٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ تي ڀاري ثابت ٿيو آهي، جيڪي اسٽيبلشمينٽ بيانيو به پيش ڪندا رهيا آهن پر ان ۾ ايتري نفرت ۽ سختي ڪڏهن نظر ڪونه آئي آهي.
هن ڀيري جڏهن عمران خان نيازيءَ کي گرفتار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي سندس گرفتاري ايتري سٺي ڪونه لڳي. نيب جي رمانڊ ۾ هئڻ باوجود به هن تڪڙ ۾ عدالتي ڪارروائي ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته ماضي ۾ جيڪي به سياستدان نيب جي ور چڙهيا آهن، انهن جي آزاديءَ لاءِ ڪڏهن به سپريم ڪورٽ ايتري تڪڙي ڪارروائي ڪونه ڪئي آهي. عمران خان نيازيءَ جي گرفتاريءَ کان پوءِ اسان کي اهو ردعمل به ڏسڻو پيو، جيڪو نه رڳو جذباتي هو پر گهڻي تباهي آڻيندڙ پڻ هو. جنهن ۾ ماڻهن گاڏيون ساڙيون، سرڪاري آفيسن کي باهيون ڏنيون، فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ آرمي خلاف نفرت جو اظهار ڪيو. جنهن کي هاڻُوڪي آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪارو ترين ڏينهن قرار ڏنو آهي. هونئن به پاڪستان جي تاريخ ڪارن ڏينهن سان ڀري پئي آهي، ڪهڙا ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائجن.
حڪومت عمران خان نيازي خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ بيوس نظر اچي رهي آهي، جو ان جي آڏو سپريم ڪورٽ اچي بيهي رهي آهي. جيستائين سپريم ڪورٽ جي ڍال عمران خان نيازيءَ جي حفاظت پئي ڪندي، ان وقت تائين اهو ممڪن ئي ڪونهي ته عمران خان نيازي خلاف ڪا ڪارروائي ٿي سگهي. جيڪڏهن سڀاڻي عمران خان وري گرفتار ٿئي ٿو ته کيس ضمانت ڏيڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ موجود آهن، جتان سندس ضمانت منٽن ۾ ٿي ويندي. اهڙي ريت هن لاءِ اڄ به سڀئي سهولتون موجود آهن. تنهنڪري عمران خان نيازيءَ کي في الحال ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي.
ان کان سواءِ هاڻوڪي ماحول ۾ اهو پڻ ظاهر ٿي رهيو آهي ته سڀئي سياسي پارٽيون جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ يا پارليامينٽ کي بااختيار ڪرڻ بدران اسٽيبلشمينٽ کي راضي رکڻ ۾ لڳيون پيون آهن. حڪومت آرميءَ جو دفاع ڪري ٿي، پيپلز پارٽيءَ جي به ساڳي لائين آهي ۽ پي ٽي آءِ به ان انتظار ۾ آهي ته آرمي چيف سان ڪا ملاقات ٿي وڃي، جنهن ۾ ڪي شڪايتون رکجن ۽ ڪي ڏوراپا ڏجن، پر ڪنهن جو به ان پاسي ڌيان ڪونهي ته اسٽيبلشمينٽ کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ گڏجي لائحه عمل جي ضرورت آهي. جنهن سان ايندڙ وقت به جمهوري ادارن کي ايترو ته مضبوط ڪري ڇڏجي جو هائبرڊ جمهوريت ۽ هائبرڊ حڪومت وارو ڏچو ئي ختم ٿي وڃي، جيڪو عمران خان نيازي جهڙن نام نهاد سياسي اڳواڻن کي پيدا ڪندو آهي ۽ اهي ملڪ ۾ فساد واري وايو منڊل کي هوا ڏيندا آهن.
عمران خان نيازيءَ جي سياست ڪهڙي آهي ۽ اها ملڪ لاءِ ڪيتري قدر خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اهو اندازو ٿي چڪو آهي. هو سڀني ادارن کي جهڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ هن جي ايتري ته ڀرجهلي ٿي بيٺي آهي جو جيڪڏهن هو سڀاڻي ڪيترو به وڏو ڏوهه ڪري تڏهن به کيس ڪا سزا نه ڏني ويندي. هاڻ فيصلو وري به اسٽيبلشمينٽ ئي ڪندي باقي هاڻوڪي حڪومت جي بيوسي هر محاذ تي نظر اچي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button