جيڪڏهن ڪو ملڪ، معاشي ۽ سياسي طور ڪمزور هوندي، گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال جي حد تائين پهچي وڃي ته ان کي ڪنهن ٻاهرين دشمن جي ضرورت ناهي. اهڙي صورتحال ۾ ادارن جي ورهائجي وڃڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي ۽ ڪنهن به وقت ملڪ، ڪنهن وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿو. اهي ڳالهيون واضح طور ديوار تي لکيل آهن، جن کي ڪوبه پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن فيصلا اسٽريٽ پاور ذريعي ڪرڻا آهن ته پوءِ ادارن کي ڪوبه بچائي نٿو سگهي، اهڙين حالتن ۾ رياست جا سمورا ٿنڀ به ڪنهن صورتحال کي سنڀالڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا. هي صورتحال انارڪي جي ويجهو ئي سمجهي ويندي آهي ۽ جنهن قوت وٽ بندوق هوندي، اهو ئي سمورن ادارن کي شرط ڊڪٽيٽ ڪرائيندو. ٿوري ئي وقت اندر اها قوت، جيڪا وڌيڪ سگهاري هوندي، اها اڪيلي سر ميدان ۾ اچي ويندي ۽ باقي سياسي ۽ غيرسياسي قوتن کي پيادو ڪري ڇڏيندي. ان ڪري هاڻ سوال پڇيو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو نتيجو 1977ع جهڙو نڪرندو يا 1999ع جهڙو؟ ٻنهي صورتن ۾ سويلين قوتن ۽ ادارن جو نقصان ٿيندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڙيءَ کان شروعات ڪرڻي پوندي.
هينئر سياسي ليڪ ٻن خط استوائن يا پور وڇوٽين ۾ ورهايل آهي، سياسي قوتون هڪٻئي سان ايترو ته ويڙهه جي پوزيشن ۾ آهن، جو انهن کي ٽيبل تي ويهارڻ واري ٽين قوت نظر ئي نه اچي رهي آهي. نان سويلين يا غيرسياسي قوتون، هڪ طرف پاڻ سنڀالڻ ۾ پوريون آهن، انهن جي اندر جو احوال ڪو بهتر ناهي ته ٻئي پاسي وري اتحادي حڪومت جي حمايت ۾ بيٺل آهن، ان ڪري اهي به ٽياڪڙيءَ جي پوزيشن ۾ ناهن. اسان وٽ هڪڙو ئي جنرل وحيد ڪاڪڙ فارمولو موجود آهي، پر ان کي اتحادي حڪومت ته وري به قبول ڪري وٺندي، پر عمران خان ڪنهن به سرچاءُ کي نه قبوليندو. هن جي انداز مان لڳي رهيو آهي ته هو هينئر به سولو فلائيٽ جي موڊ ۾ آهي. بنگلاديش ماڊل جو به حوالو اچي رهيو آهي، پر ان کي وري اتحادي حڪومت قبول نه ڪندي. ڇاڪاڻ ته ان فارمولي ۾ عدليا جو ڪردار اهم هو پر اسان وٽ عدليا کي ڌر سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو حڪومتي ڌر، جنهن وٽ سمورا اختيار ۽ رياستي ادارا آهن، اها به سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. هي صورتحال ايتري ته ڳنڀير آهي، جو هڪڙو اهڙو وقت ايندو جو نه عدليا جو ڪو حڪم قبول ڪيو ويندو، نه ئي وري ڪنهن ٻي سياسي ۽ غيرسياسي ڌر جي رٽ قائم رهندي. اهڙين حالتن ۾ ٽيون ڪهڙو فارمولو هوندو، جنهن تحت ملڪ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري صورتحال کي سنڀاليو ويندو؟ اهڙي صورتحال ۾ معاملا سياسي ڌرين جي هٿن مان نڪري ويندا ۽ واحد قوت يا ادارو سيني تي هٿ هڻي ميدان ۾ اچي ويندو.
پي ڊي ايم جي سپريم ڪورٽ جي عمارت ٻاهران احتجاج واري حڪمت عملي تي ڪيترين ئي ڌرين پاران سخت تنقيد سامهون آئي آهي. اهي ڌريون چاهين ٿيون ته اعليٰ عدليا کي ڌمڪائڻ لاءِ معاملا سلجهڻ بدران وڌيڪ الجهي ويندا. هي روايت به سٺي ناهي. ماضي ۾(ن) ليگ ساڳي عدالت کي پنهنجي نشاني تي رکيو هو ۽ ان عمل تي هينئر به (ن) ليگ کي عدليا تي حملي جا طعنا ملن ٿا. حڪومتي ڌرين جو خيال آهي ته اعليٰ عدليا وٽ معاملن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوبه رستو نه بچيو آهي. ملڪ جي چيف جسٽس جنهن نوعيت جا فيصلا ڏنا ۽ واضح طور جانبداريءَ جو مظاهرو ڪيو، ان کي اهڙن هٿڪنڊن ذريعي ئي حدن ۾ رکي سگهجي ٿو.
رياست جو انتهائي طاقتور ٿنڀ، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران اهم ادارن جي حساس هنڌن تي حملن کانپوءِ سخت ڪاوڙ جي موڊ ۾ آهي. اهو عمران خان جي پارٽيءَ کي ڀورا ڀورا ڪرڻ چاهي ٿو. ماضي ۾ به سياسي ۽ غيرسياسي قوتون هڪٻئي جي آمهون سامهون آيون،ڪريڪ ڊائون به ٿيا. پيپلز پارٽي ان اداري جي عتاب هيٺ آئي، چونڊيل وزير اعظم کي ڦاسي به ڏني وئي، پر آخرڪار هڪڙي حادثي صورتحال کي نئين رستي تي آڻي ڇڏيو. ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڙي کان معاملا بهتر ٿيڻ شروع ٿيا. هاڻ ان کان به خراب صورتحال آهي. ڇاڪاڻ ته اهم رياستي اداري تي ان وقت، پيپلز پارٽي اهڙا حملا نه ڪيا هئا، جهڙا، ماضي قريب ۾ ٿيا ۽ ان جو سڌو الزام پي ٽي آءِ تي لڳو. هينئر باقاعدگيءَ سان رياست تلوار هٿ ۾ کڻي نڪري پئي آهي.ڪنهن وڏي ڪريڪ ڊائون کان پهريان جيڪي اشارا مليا آهن،اهي خير جي خبر نه پيا ڏين.
عمران خان تي الزام آهي ته ان اهم ادارن تي حملن جي رٿابندي ڪئي، ان ڪري اهڙن ٺڪاڻن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جتي پکي به پر هڻي نه سگهندا آهن. مخالف ڌر جا ڪجهه سياستدان هينئر به هي اميد لڳائي ويٺا آهن ته طاقتور قوتون، اهڙو ڪوبه رستو اختيار نه ڪنديون، جنهن سان معاملا وڌيڪ الجهي وڃن،پر هي انهن جي خوشفهمي ٿي سگهي ٿي. جنهن قسم جا سگنلز آيا آهن، اهي هڪ سياسي قوت کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جي شاهدي ڏين ٿا.
هينئر واضح طور ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن شروع ڪيل ڪريڪ ڊائون اڳيان ڪي رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ هڪ طرف اهم اداري جي اندر صفائيءَ جو عمل شروع ڪيو ويندو. ان سان گڏ سويلين قوت، جيڪا سڌي ٽڪراءُ ۾ به آهي، ان جو مڪمل طور ڍانچو ختم ڪيو ويندو يا ان کي ايترو ڪمزور ڪيو ويندو جو اها پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙي نه هوندي. جيڪي عمران خان کي پنهنجي ريڊ لائينز قرار ڏين ٿا، انهن کي خبر ناهي ته ريڊ لائينز رياست جون ٿينديون آهن ۽ انهن جو تعين به اهو طاقتور ادارو ڪندو آهي. عدالتون ڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ناهن، اهي رڳو حڪم جاري ڪري سگهن ٿيون. انهن تي عمل ڪرائڻ رياستي ادارن جو ڪم آهي، جيڪي پنهنجي خلاف ڪنهن به حڪم کي قبول نه ڪندا. ان سان گڏ اڪثريتي سياسي پارٽيون به طاقتور حلقن سان گڏ آهن، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان کي اڪيلائيءَ ۾ موڪليو ويندو ۽ هن جي هر نوعيت جي چرپر کي محدود ڪيو ويندو. صورتحال ڪيتري به خراب هجي، حڪومت کي سپريم ڪورٽ جهڙي اداري کان پرڀرو رهڻ گهرجي ۽ عدليا کي به آئين مطابق عمل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو ان جو لاڏلو هوندو ته پوءِ معاملا سلجهڻ بدران وڌيڪ الجهي ويندا، انهن کي سنڀالڻ ملڪ جي اعليٰ عدالت جي وس جي ڳالهه نه هوندي.