ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آدمشماريءَ جا تڪراري نتيجا

ملڪ ۾ ٿيل هاڻوڪي ڊجيٽل آدمشماريءَ جي نالي ۾ جيڪا ويساهه گهاتي سنڌ سان ڪئي وئي آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. جنهن وقت آدمشماري ٿي رهي هئي، ان وقت ئي ڪيترائي اهڙا آواز اٿي رهيا هئا، جيڪي آدمشماريءَ کي ناقص قرار ڏئي رهيا هئا، نتيجي ۾ سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ عوام ان آدمشماريءَ کي قبول نه ڪيو. تنهنڪري هاڻ جڏهن هي معاملو کليل نموني سامهون اچي ويو آهي ته ان مان خبر پوي پئي ته ڪهڙي ريت وسيلن جو زيان ڪري آدمشماري ڪئي وئي ۽ ان جا نتيجا ڪنهن کي به قبول ڪونه آهن. ان حوالي سان پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر به پنهنجا اعتراض پيش ڪيا آهن. هو هاڻوڪي آدمشماريءَ کي 2017ع جي آدمشماريءَ کان به خراب سمجهي ٿو.
پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته هاڻوڪي آدمشماري 2017ع واري آدمشماريءَ کان به وڌيڪ خراب آهي، سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ گهٽ ڏيکاري وئي آهي. هو وومين ايڪشن فورم پاران”ڊجيٽل آدمشماري؛ سنڌ جا اعتراض ۽ مستقبل جو منظرنامو” جي عنوان هيٺ خانا بدوش رائيٽرز ڪيفي ۾ ڪرايل ويهڪ ۾ ڳالهائي رهيو هو. تاج حيدر چيو ته ڪهڙي قانون تحت وڙهي ڪري ڪراچيءَ لاءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ واڌ ڪئي وئي، هڪ سازش تحت سنڌ ۾ خاندانن جي سائيز گهٽائي وئي آهي. بيورو آف اسٽيٽڪس سنڌ ۽ پاڪستان جي يونيسيف جي نگراني هيٺ ٿيل ملٽي انڊيڪيٽر سروي موجب 6 پوائنٽ 4 سيڪڙو خاندان جي سائيز آهي، ان فيملي سائيز مطابق پڻ سنڌ جي آبادي 8 ڪروڙ 51 لک کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿي، هن آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي 3 ڪروڙ آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 43 هزار 748 آدمشماريءَ لاءِ بلاڪ ٺاهيا ويا آهن. قانون موجب هر بلاڪ ۾ اڍائي سئو خاندان هجڻ گهرجن، جيڪڏهن رڳو انهن بلاڪن جي حساب سان انگن اکرن کي ڏٺو وڃي ته سنڌ جي آبادي ڪيتري ٿي وڃي ٿي. هاڻوڪي آدمشماري 2017ع واري آدمشماري کان به وڌيڪ خراب آهي. موجوده آدمشماري تحت ڏيکاريل انگن اکرن تحت وفاق کان اين ايف سي مد ۾ جاري ٿيندڙ رقم 40 سيڪڙو گهٽ ملندي، بلوچستان ۾ به آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، تنهنڪري بلوچستان ۽ اسان کي نتيجا قبول نه آهن، ٽي وي چئنلن تي سڄو بحث پنجاب جي صورتحال تي ٿي رهيو آهي. آدمشماري تمام وڏو مسئلو آهي، پر اهو ميڊيا تان غائب آهي. هن چيو ته آدمشماريءَ ۾ گهٽتائي ڪرڻ سان سنڌ جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿيندي. آدمشماريءَ جو حال اهو آهي ته ڪيترن ئي تڪن ۾ ووٽر جو انگ آباديءَ کان گهڻو رهيو آهي، سنڌ تي آدمشماريءَ جي نالي تي وڏي مصيبت آندي وئي آهي، سمورن سنڌين کي ان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي آبادي جيڪڏهن 3 ڪروڙ تائين گهٽائي وئي آهي ته ان جو مطلب آهي سنڌ جي وسيلن کي به گهٽايو ويندو ۽ ان سان سنڌي عوام کي نقصان ٿيندو. تنهنڪري جيڪي علائقا ۽ انگ آدمشماريءَ ۾رهجي ويا آهن، انهن کي وري ڳڻيو وڃي. ان کان سواءِ آدمشماريءَ جو طريقيڪار تبديل ڪيو وڃي. هن طريقي سان ڪنهن به ريت ماڻهن جو حقيقي انگ معلوم نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي اعتراضن کي ٻڌو وڃي ۽ ان جو ڪو حل پڻ ڪڍيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button