هندستان جي ورهاڱي کانپو ڀارت ته پنهنجو آئين جوڙي ورتو. 9 سالن کانپوءِ 1956ع ۾ وزيراعظم محمد علي چوڌري آئين ٺاهيو ته جنرل ناظم الدين اچي ڪڙيو ۽ 1956ع وارو آئين نه پاڻ بچيو ۽ نه ئي وري پنهنجي خالق کي بچائي سگهيو ۽ ٻه سال مس هليو ته 1958ع ۾ اسڪندر مرزا مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو. فيلڊ مارشل ايوب خان به اصل دير ئي ڪانه ڪئي، اسڪندر مرزا کان اقتدار کسي پاڻ اقتدار جو ڌڻي ٿي ويٺو ۽ 1956ع وارو آئين ڦاڙي ڦٽو ڪيائين. 1962ع ۾ ايوب خان ڏنڊي جي زور تي صدارتي آئين ٿاڦڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 1965ع ۾ پاڪ-ڀارت جنگ شروع ٿي ۽ 1966ع ۾ تاشقند واري معاهدي تي ايوب خان ۽ ذوالفقار ڀٽي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي، جنهن احتجاج جو روپ ڌاري ورتو. ايوب خان اقتدار ڪمانڊر انچيف يحى خان حوالي ڪري پاڻ گهر هليو ويو. 1969ع ۾ يحى خان ٻيهر مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو. ڊسمبر 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان بنگلاديش ۾ بدلجي ويو ته يحى خان ڪرسي ڀٽو جي حُوالي ڪري هليو ويو. ذوالفقار ڀٽي 1972ع ۾ ملڪ کي عبوري آئين ڏئي ملڪ مان مارشل لا جو انت آندو. ڀٽي پنهنجي ويجهي دوست عبدالحفيظ پيرزادي جي مدد سان 1973ع جو پارلياماني آئين ٺاهيو.
1973ع ۾ ڀٽي جو اهو وڏو ڪارنامو هو ۽ ڀٽي هن ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ۽ 92 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا. تاريخ شاهد آهي ته ليڊر سدائين سنڌ پيدا ڪيا آهن، پنجاب انهي معاملي ۾ سنڍ رهيو آهي.
ڀٽي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي، اسلامي ملڪن جي ذهن ۾ انقلاب اڌما کاڌا، اسلام دشمن خلاف انقلابي جذبو جاڳيو. اسلام جي دشمن ملڪن کي هڪ سنڌي وزيراعظم جي روپ ۾ سندن شڪست نظر اچڻ لڳي. پاڪستان جو وڏو صوبو جنهن کي وڏي ڀا جي پڳ ٻڌرائي وئي تن کي به سنڌي وزيراعظم نڙيءَ ۾ ڦاٿل هڏي جيان لڳندو هو ۽ کيس اهو موقعو 1975ع واري اليڪشن ۾ مليو. 9 جماعتي ٽولو جنهن کي (پي اين اي) پاڪستان نيشنل الائنس نالو ڏنو ويو، جنهن اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو بهانو ڪري ڀٽي خلاف تحريڪ هلائي. 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ طرفان لڳايل مارشل لا جي شڪل ۾ ڪامياب ٿي ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو. آئين ۽ جمهوريت جو باني گرفتار ٿيو، آمريڪا بهادر جو پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ڪيسينجر بنا دير پاڪستان جي دوري تي آيو، وڏي گهر ۾ ويهي موجود ماڻهن کي چيائين ته اسان ذوالفقار ڀٽي جو بدترين انجام ڪنداسين، جنهن ۾ تمام ويٺلن خوشيءَ مان تاڙيون وڄايون.
ملڪ جو تخت گاهه ڪراچيءَ ۾ هو سو جنرل ايوب خان پنجاب کڻي ويو، اهڙي ريت جنرل ضياءَ به دير نه ڪئي. سنڌ جي حصي ۾ مليل وزيراعظم جي سيٽ پنجاب کي عنايت ڪري مرد مومن مرد حق جو خطاب حاصل ڪيو. پنجاب ۾ نواز ليگ ٺهي، جنهن جو چونڊ نشان شينهن ٿيو، (ن) ليگ ڪا ڪسر نه ڇڏي، جنرل ضيا کان آئين ۾ ترميم جو سلسلو شروع ٿيو ته پو نواز ليگ وٺ وٺان لائي ڏني. هر طريقي سان آئين جو ستياناس ڪندا ويا.
ڪنهن به ملڪ جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ ۾ عدالتن جو وڏو ڪردار رهيو آهي پر هنن عدالتن تي حملا ڪيا، ڪورٽن ۾ اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه جا واقعا ڪيا، ججن کي مجبور ڪري مرضيءَ جا فيصلا ڪرايون، عدالتن کانسوا وڏا وڏا ادارا مفلوج ڪري ڇڏيائون پر پو به آزاد رهيا.
هڪ ڪرنل پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مون کي ڀٽي صاحب سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ هئي، جڏهن مون کي لکپت جو انچارج ڪري موڪليو ويو، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي پر جيل پهچڻ کانپو منهنجي خوشيءَ تي مايوسيءَ جا ڪڪر ڇانئجي ويا. سندس حالت ڏسي منهنجي اندر ۾ اڌما اٿڻ لڳا، ڀٽو صاحب کي ڪجهه لکڻ لا ڪاغذ ۽ پين ڏنو ته ڀٽي صاحب ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هن جي دليري، هن جي آواز ۾ اهو رعب ۽ دٻدٻو ڏٺم ته کيس سليوٽ ڪرڻ لا دل ڪيو پر بت بڻجي اکيون ٽمڪائيندو بيٺو رهيس. 4 اپريل جي رات جلاد تي نظر پئي ته وڏي تڪليف سان ٽمندڙ لڙڪن کي دل ۾ قيد ڪيم. اهو ظلم ان ليڊر سان ٿي رهيو هو، جنهن هن ملڪ جي ترقي ۽ سپر قوت بڻائڻ مقصد هو. 4 اپريل جي ڪاري رات سبب ختم ٿي ويو نه رهيو آئين نه رهي جمهوريت، نه رهي عوامي حڪومت، اهي اکر تاريخ جي سونهن کانسوا بي معنى ٿي ويا. جن جو ڪوبه مقصد نه رهيو، انهن اکرن کي پڙهڻ جو ڪهڙو فائدو جيڪي اکر معنى وڃائي ويهن.