ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ميدان ۽ مقابلو

مرزا غالب جو مشهور شعر آهي:

“بازيچه اطفال هي دنيا ميري آگي

هوتا هي شب و روز تماشا ميري آگي”

يعني: هيءَ دنيا منهنجي آڏو ٻارن جي راند جو ميدان آهي. منهنجي سامهون ڏينهن رات تماشا ٿي رهيا آهن.

غالب ته هڪ مست مفڪر هو. هو ڪجهه به چئي سگهي ٿو. هن گهڻو ڪجهه چيو به آهي. پر هن وقت غالب جي حوالي سان جيڪا ڳالهه ڪرڻي آهي، اها هن ملڪ جي مسڪين ۽ غريب عوام جي آهي.

هن ملڪ جو مسڪين ۽ غريب عوام جنهن کي جبري طور تي تماشائي بڻايو ويو آهي، ان راند جو، جيڪا راند گذريل هڪ سال کان وٺي عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ جاري آهي. جيتوڻيڪ هن وقت اها راند پنهنجي اصل رنگ تي اچي چڪي آهي. اهو عمران خان جيڪو ڪجهه وقت اڳ تائين ملڪي ادارن جو سخت مقابلو به ڪري رهيو هو ۽ انهن جي لاءِ پريشانيءَ جو ڪارڻ به بڻجي چڪو آهي، اهو عمران خان هن مهل سخت پريشان آهي.

سياست ۾ هر سياستدان مٿان لاهيون چاڙهيون اينديون آهن. عمران خان جي مٿان به سٺا ۽ سخت وقت آيا. پر هن ڀيري شبير نظاماڻيءَ جي يار جا حال هيڻا آهن. جڏهن ته ان صورتحال تي عمران خان مٿان ڪائي طنز ڪرڻ به نه ٿي سونهين. ڇو ته عمران خان ڪجهه به هجي. پر هو هڪ فرد آهي. هو ڪنهن گوريلا پارٽيءَ جو ڪمانڊر ناهي. هو هڪ مڊل ڪلاسي پارٽيءَ جو سياسي ڪپتان آهي. هو ڪجهه به ڪري پر هو هڪ رياست جو مقابلو ڪنهن به صورت نه ٿو ڪري سگهي. اها عمران خان جي چڪ هئي. عمران خان جو اندازو غلط هو ته هو ڪو رياست کي پنهنجي راند ۾ مات ڏئي سگهي ٿو. رياست کي سمجهڻ جي لاءِ اينگلس ۽ لينن جي ڏاهپ جي ضرورت آهي. عمران خان وزير اعظم هو. پر بقول هن جي هو بي اختيار هو. جڏهن ته رياست خلاف سياسي راند شروع ڪندي هو اهو به ثابت ڪري چڪو آهي ته هن رياست کي سمجهڻ جي ڪوشش به نه ڪئي. جيڪڏهن هو ڪري ها ته اڄ هن جو حال اهڙو نه هجي ها.

عمران خان جي سموري پارٽي ٽڙي پکڙي وئي آهي. هن جا ست هزار نه سهي پر گهٽ ۾ به ٻه ٽي هزار ورڪر ته جيلن ۾ ضرور هوندا. جڏهن ته هن جي پارٽيءَ جا سوين پارليامينٽرين انڊرگرائونڊ ٿي چڪا آهن. ڇو ته انهن کي اهو خوف آهي ته هو ٻاهر اچڻ شرط اندر ڪيا ويندا. اهوئي سبب آهي ته هاڻي زمان پارڪ ۾ عمران خان ميڊيا جي آڏو اچي ٿو ته هن سان گڏ بيٺل همراهه نون چهرن وارا اهي اجنبي آهن، جيڪي اڄ کان اڳ ۾ نه ڏٺا ويا هئا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن جي سيڪنڊ ليڊرشپ به مڪمل طور تي پردي پويان وڃي چڪي آهي ۽ هو هن وقت ٽين صف جي ڪارڪنن سان گڏ هڪ اهڙي راند کيڏي رهيو آهي، جنهن ۾ هن جي هار پڌري نظر اچي رهي آهي.

عمران خان هڪ سٺو ڪرڪيٽر هو. هن جي ڪپتانيءَ ۾ پاڪستان ورلڊ ڪپ جو اعزاز به حاصل ڪيو. هو پنهنجيون راند واريون صلاحيتون ۽ اٽڪلون سياست ۾ کڻي آيو ۽ بنا ڪنهن سياسي پس منظر جي، هو ملڪ جو سڀ کان مشهور ۽ مقبول سياستدان به ٿي ويو. پر اها هن جي غلطي هئي جو هن سياسي طاقت جي نشي ۾ چور ٿي رياست کي ان حد تائين دٻاءَ ۾ آڻڻ شروع ڪيو، جو رياست جي لاءِ ان کان پوءِ اڳتي وڌڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن به نه رهيو. اهوئي سبب آهي ته هاڻي جڏهن رياست اڳيان وڌي آهي ته هن جي پيش قدمي ڏسي عمران خان جو هوش ۽ عقل هوا ٿي ويو آهي.

عمران خان کي خبر هجڻ کپندي هئي ته هر مقصد لاءِ تنظيم جي تياري الڳ هوندي آهي. هن جيڪا تحريڪ انصاف ٺاهي جوڙي تيار ڪئي، اها اليڪشن جي حد تائين ته هڪ بهترين پارٽي هئي. هن کي اقتدار به حاصل ٿيو. پر هن کي اهو معلوم هجڻ کپندو هو ته هڪ اقتداري پارٽي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن به طرح سان مات ڏئي نه ٿي سگهي. اهوئي سبب آهي ته هن وقت عمران خان جا موجود توڙي سابق اسيمبلي ميمبر ۽ هن جا اهي ساٿي جن سالن کان وٺي عمران خان جو ساٿ ڏنو ۽ جن گڏجي تحريڪ انصاف جو بنياد وڌو، سي کيس ائين ڇڏي رهيا آهن، جيئن وڻ جا ڏار ٽٽڻ کان پوءِ ڳيرا اڏامي هليا ويندا آهن.

عمران خان اهو سياستدان هو، جيڪو اڳ ۾ ٻين پارٽين جا مشهور فرد پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪندي ميڊيا تي اهي بريڪنگ نيوز هڻائيندو هو ته “اڄ عمران خان وڏي وڪيٽ حاصل ڪري ورتي” جڏهن ته اڄ مڪافات عمل جي حوالي سان ماحول ڪجهه اهڙو ٿي ويو آهي ته اهائي ميڊيا عمران خان جي حوالي سان اهي خبرون بريڪ ڪري رهي آهي ته عمران خان جي اهم وڪيٽ اڏامي وئي.

عمران خان مسلسل وڪيٽون وڃائي رهيو آهي. هن جا اهم ساٿي هن جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ مجبور محسوس ٿي رهيا آهن. عمران خان جي لاءِ اهو صدمو گهٽ ناهي. پر هو پاڻ چئي رهيو آهي ته هن جا ساٿي ڇا ڪن؟ انهن کي ان حد تائين مجبور ڪيو ويو آهي جو انهن وٽ ان کان سواءِ ٻي ڪا راهه نه رهي آهي. پر ان سلسلي ۾ هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي. اها ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن هڪ پارٽيءَ جا مشهور رانديگر پنهنجي پراڻي ڌر کي ڇڏيندا آهن ته هو ٻين پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندا آهن. جڏهن ته عمران خان جا ساٿي جڏهن عمران خان جو ساٿ ڇڏين ٿا ته هو صرف عمران خان کي نه پر سياست کي به الوداع ڪندا نظر اچن ٿا.

ڇا اهو عمل سياسي وفا جو آخري ثبوت ناهي؟ هو جيڪي بقول عمران خان جي، مجبور ڪيا پيا وڃن ۽ انهن وٽ عمران خان جو وڌيڪ وقت ساٿ ڏيڻ جي نه همت آهي ۽ نه وري طاقت! پر هو جيڪڏهن عمران خان کي ڇڏين ٿا ته سياست سميت ڇڏين ٿا. هو عملي طور تي اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن عمران خان نه ته پوءِ ڪو به نه!

عمران خان هڪ برگر ڪلاس مان آيل سياستدان هو. هن پنهنجي نت نين پيشڪشين ۽ پرڪشش طريقن سان پنهنجي پارٽيءَ کي مقبول بڻايو. پر اها پارٽي ڪا انقلابي پارٽي نه هئي، جيڪا ايڏن طوفانن جو مقابلو ڪري سگهي. عمران خان سان سياسي ميدان ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو عمران خان جي غلط فيصلن جو نتيجو آهي. هن کي ڪنهن چيو هو ته هڪ اهڙي ڪمزور ۽ غيرنظرياتي تنظيم سان مقابلي جي ميدان ۾ اچي ۽ ان ميدان ۾ للڪاري به ان اسٽيبلشمينٽ کي، جنهن جي آڱر پڪڙي هو اقتدار ۾ آيو هو. جڏهن ڪو به رانديگر پنهنجي طاقت ۽ وس کان وڌيڪ وزن کڻڻ جي جنون جو شڪار ٿيندو آهي، تڏهن هن جو اهوئي حشر ٿيندو آهي، جيڪو اڄ عمران خان جو ٿي رهيو آهي.

عمران خان ڪرڪيٽ جو ڪامياب ڪپتان ثابت ٿيو پر سياست ۾ هو سٺو سرواڻ نه ٿي سگهيو. هن جي ناڪاميءَ جو ثبوت هن جي ٽٽندڙ ٽيم ۽ هن جو پست ٿيندڙ حوصلو آهي.

ڪاش! ڪپتان پنهنجي ناڪاميءَ مان ڪو بهتر سبق سکي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button