ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڏوهن جون وارداتون

Editorial

سنڌ ۾ ڏوهن جون وڌندڙ وارداتون عوام لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب ته آهن پر اهي پوليس لاءِ وڌيڪ ڳڻتيءَ جو سبب هجڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو پوليس تي ڀروسو ڪندو آهي. اهو سمجهي ٿو ته پوليس سندس حفاظت لاءِ ويٺي آهي ۽ جيڪڏهن سڀاڻي شهر ۾ ڪو ڏوهه ٿئي ٿو يا ڪا واردات ٿئي ته ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ويٺي آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي، ته نه سنڌ ۾ ڏوهه گهٽجي رهيا آهن ۽ نه ئي ڏوهارين کي ڪي سزائون ملي رهيون آهن. هڪ پاسي ڏوهن جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي پاسي عوام کي عدم تحفظ جي ڳڻتي کائي رهي آهي. جڏهن ته پوليس جو ڪم اهو آهي ته اها ماڻهن کي هر قسم جو تحفظ فراهم ڪري، پر جيڪڏهن پوليس پاڻ ڏوهارين سان ٻٽ هجي ۽ ڏوهه ان جي سرپرستيءَ ۾ ٿيندا هجن ته پوءِ ڏوهن جو خاتمو ڄڻ ناممڪن لڳي ٿو. ان حوالي سان تازو ئي ايس ايس پي حيدرآباد جو هڪ بيان سامهون آيو آهي.
ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهو رهن ٿا. هن چيو ته حيدرآباد شهر ۾ آرگنائزڊ ڪرائيم جو وڏو مسئلو موجود آهي، پوليس آرگنائزڊ ڪرائيم ختم ڪري ته 80 سيڪڙو ڏوهه ختم ٿي ويندا. هن چيو ته مين پڙي ۽ گٽڪي جي ڪري ڪئنسر جا مريض وڌي رهيا آهن. جيڪي اهڙي ڌنڌي جو پئسو کائين ٿا، ان جي سزا نسل ڀوڳيندا. پوليس اهڙي ڌنڌي جا پئسا وٺي ٿي ته اهو به ڀتو آهي. هن چيو ته اسان سڀاڻي بدلي ٿي وينداسين پر ماڻهو هتي ئي رهڻا آهن. ان ڪري منشيات جي خاتمي لاءِ سڀ اسٽيڪ هولڊر اڳيان اچن. اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌنڌڙ ڏوهن ۾ پوليس ذميوار آهي. هن چيو ته ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ ڪئنسر جا ڪيس وڌي رهيا آهن، گٽڪي ۽ مين پڙيءَ جو خاتمو ضروري آهي. هن چيو ته ڪوڙن مقابلن کي روڪيو ويندو. ڪوشش هوندي ته فيڪ انڪائونٽر نه هجن. هن چيو ته آئس ڊيلر انڪائونٽر ۾ ماريا هئا. هن چيو ته بيٽر ۽ پرائيوٽ ماڻهو جيڪي منشيات فروشن کان ڀتو وٺن ٿا، ان جي جاچ اي ايس پي علينا راڄپر جاچ ڪري پئي جيڪو ملوث نڪتو ته ايف آءِ ار داخل ڪنداسين. ايس ايڇ اوز به ملوث نڪتو ته معطل ڪري ايف آءِ آر داخل ڪنداسين. ان موقعي تي اي ايس پي علينا راڄپر، حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر لالا رحمان سمون، جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان ۽ صحافي وڏي انگ ۾ موجود هئا.
اسين سمجهون ٿا ته حيدرآباد ۾ ٿيندڙ منظم ڏوهن جو خاتمو ان ڪري به ضروري آهي جو هي شهر سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪافي پرامن رهيو آهي ۽ پرامن هجڻ جي ڪري هتان جي ماڻهن کي اهو احساس پڻ ٿيندو رهيو آهي ته ڏوهه ڪونه ٿيندا، پر هاڻ حيدرآباد جو امن امان به ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، انهن کي عمل ۾ آڻڻ ضروري آهي، تڏهن اسين چئي سگهون ٿا ته حيدرآباد مان ڏوهن جو خاتمو ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button